تصف انسان کي هادي بڻائي ٿو:اصغر رضا برفت

نازيه قريشي

ڪجهه ماڻهو دنيا ۾ بس هڪڙي ئي ڪم ۾ دلچسپي رکندا آهن ۽ ان کي پوري طرح نڀائيندا آهن. پر ڪي انسان اهڙا هوندا آهن جيڪي هر ڪم ۾ دلچسپي رکندا آهن ۽ انهن کي سهڻي نموني نڀائيندا به آهن. ڪجهه اهڙين ئي چند شخصيتن مان اصغر رضا برفت به آهي جيڪو پنهنجي صوفياڻي طبيعت جي ڪري پنهنجي ويجهن ۾ گهڻو مشهور آهي.

پاڻ پهرين مارچ 1970ع ۾ ڳوٺ ٽهني ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، انٽر حيدرآباد مان ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ ڪيائين، جنهن ۾ کيس سلور ميڊيل سان نوازيو ويو.

پاڻ مئنيجر پروگرام ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئر، انچارج ڊاڪومينٽري ڊائريڪٽر سنڌ ٽي وي سان گڏ مئنيجر پروگرام مهراڻ پڻ رهي چڪو آهي. هن وقت ليڪچرار هجڻ سان گڏوگڏ پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر به آهي. جڏهن ته آرٽيڪلز، فيچرز لکڻ سان گڏ هڪ ڪتاب پڻ لکيو آهي جيڪو صوفي ازم تي آهي.

س: تصوف ڇا آهي؟

ج: تصوف زندگي ۽ بندگي جو جدا اصول آهي جنهن ۾ انسان جو خدا سان تعلق جنت جي لالچ ۽ دوزخ جي ڊپ کان آجو بنهه عشق تي مشتمل هوندو آهي. جنهن ۾ خدا خوفناڪ نه پر پيار ڪرڻ جهڙي خوبصورت هستي بڻيل رهي ٿو.

س: توهان جيڪو چيو ته زندگي ۽ بندگي جو جدا طريقو ڏسيل آهي ان مان مراد ڇا آهي؟

ج: صوفي رواجي بندگي جو قائل ناهي. تصوف ته چئن منزلن تي مشتمل آهي ۽ هر منزل جا سوين ميدان ٿين ٿا. اهو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ بندو هادي بڻجي وڃي ٿو. عام ماڻهو جي منزل خدا جي عبادت هجي ٿي. صوفي جي منزل خدا جي خوشنودي هوندي آهي، جيئن صوفي فقير چيو آهي ته:

الهه ڇڏي اورهان، پرتي پنڌ پيا،

صادق ٻڌي سندرا، واڪيندا ويا.

تنهن ڪري عبادت جو هي طريقو ئي بنهه مختلف آهي جنهن ۾ احترام بني آدم جو وڏو عقيدو ٿئي ٿو جيئن چيل آهي ته:

”خلق آدم الاصورت“

يعني مون خدا کي پنهنجي صورت ۾ تخليق ڪيو آهي. تنهنڪري صوفي وٽ خدا جي عبادت بندي جي خدمت سان شرطيه آهي.

س: پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ڪيتريون درگاهون آهن؟

ج: ننڍو کنڊ خاص طور سنڌ تصوف جو ڳڙهه رهيو آهي، تصوف موهن جي دڙي جي ماڻهن جو مذهب رهيو آهي، ڪنگ پريسٽ به صوفي هو اڄ به موهن جي دڙي ۾ جيڪي ننڍيون ننڍيون ڪوٺيون دريافت ٿيون آهن اهي مرشد جي پيرن ۾ ويهي مراقبي ڪرڻ جون جايون هيون، جتي اپنشد جي تعليم ڏني ويندي هئي. ان ڪري سنڌ ۾ لا تعداد درگاهون آهن، جيڪي تصوف جي تعليم جو ڳڙهه رهيون آهن.

س: خاص ڪري چيو ويندو آهي ته قلندر سڀني کان وڏي هستي آهي؟

ج: قلندر سڀ کان وڏي هستي ته نٿا چئي سگهون البته صوفين ۾ قلندر به هڪ ڪڙي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪڙا ”ڏئي منهن موتن ۾“ جا قائل آهن ته هڪڙا خلق خدا لاءِ جنگ ڪرڻ جا به قائل آهن جيئن صوفي شاهه عنايت شهيد آهي، سرمد شهيد قلندري راهه جو پانڌيئڙو هو، تنهن ڪري رتبا نه ڪو قلندر هجڻ ۾ آهن نه ڪو ڪنهن ٻئي ۾. رتبا اهي چار منزلون آهن جن اهي پار ڪيون اهو خدا جي ويجهو پهچي وڃي ٿو.

س: اولياءَ، صوفين ۽ قلندر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

ج: ڳالهه اُها آهي ته روزو نماز ايئن آهي ڄڻ توهان کي ڪنهن ڪيس ۾ جيل مان آزاد ٿيڻو هجي، روزو نماز ضمانت آهي پر ڪيس ضمانت سان ختم نه ٿيندو آهي. ضمانت باوجود ڪيس ته جيئن جو تيئن موجود رهي ٿو ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ توهان کي ڀٽائي جي معنيٰ کي ڏسڻو پوندو:

”روزا نمازون، ايءَ پڻ چڱو ڪم“

”پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي“ اولياءَ شريعت تي هلندڙ عبادت گذار ٿئي ٿو. جڏهن ته صوفي رڳو ڪيس ختم ڪرائڻ چاهيندو آهي ۽ ان وٽ خدا کي پسڻ جو فهم ٻيو هجي ٿو، جنهن ۾ روزي، نماز سان گڏ خلق خدا، باهمي احترام، بني نوح آدم جو ڇوٽڪارو، ڀائيچارو پيدا ڪرڻ اهم ڪم هوندا آهن.

س: ڇا عالمن جو خدا جي باري ۾ تصور کان صوفين جو تصور جدا ٿئي ٿو؟

ج: ڏاڍو ڏکيو سوال آهي، توهان بس ائين سمجهو ته عالم وٽ خدا جو تصور ايترو خوبصورت ۽ پيار ڪندڙ ناهي. هن وٽ خدا هڪ خوفناڪ تصور ۾ موجود هجي ٿو، جيڪو مرڻ کان پوءِ بس سزا ڏئي ڄاڻي ٿو، جڏهن ته صوفين وٽ خدا خوبصورت ٿئي ٿو. عالم تبليخ ۾ ماڻهو کي خدا سان گڏ سندس پويان هلڻ جو سبق ڏيئي ٿو ۽ صوفي ماڻهو کي خدا جو حقيقي تعارف ڪرائي ٿو، پر ان کان به پهرين اهو ثابت ڪير ڪري ته عالم ڪير آهي؟، ذاڪر؟، مولوي؟، خطيب؟، شيعو؟، سني؟، وهابي؟، ديوبندي؟، اهل حديث؟، آخر ڪير؟.

س: شاگردن جي لاءِ ڪو پيغام؟

ج: خدا کان ڊڄڻ بدران ان جو احترام ڪيو ۽ پيار ڪيو. خدا سان پيار ڪرڻ انتهائي آسان آهي، اها ابتدا توهان پنهنجي گهر جي ڀاتين کان ڪريو، پنهنجي والدين، ڀائرن، ڀينرن، گهرواري پوءِ مٽ مائٽ ۽ پاڙي کان شروع ڪري انسانيت تائين پهچايو. ان سان خدا به راضي رهي ٿو ته بقا ۽ نبي نوح آدم به ٿيندي، دنيا مان جنگ دهشتگردي به ختم ٿيندي ته امن به قائم ٿيندو.*