اديبن جا ڪم اڄڪل صحافي ڪري رهيا آهن:ڊاڪٽر ظفر عباسي

سهيل احمد سومرو

هن ڌرتي تي ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جن مختلف شعبن ۾ هڪ ئي وقت پنهنجو الڳ مقام رکيو آهي. ڊاڪٽر ظفر عباسي به انهن مان هڪ آهي. جيڪو ڊاڪٽري، صحافت، ادب ۽ پڙهائڻ واري شعبي سان لاڳاپيل آهي. 30 سال ادب ۽ 20 سال صحافت کي ارپيندڙ ظفر عباسي وٽ جيتوڻيڪ صرف ڊاڪٽري جي پروفيشنل ڊگري آهي پر هو 15 سال استاد طور شاگردن کي علم جي زيور سان نوازيو پڻ آهي.

سندس ڪردار صحافت جي وڏن ادارن جي شروعاتي ڏينهن ۾ انهن جي رٿائن دوران به رهيو آهي، جيڪي اڄ سنڌ جي آواز بڻجي ويا آهن.

س:ادب ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟

ج: ننڍي هوندي مرحوم والد لوڪ ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو، ڪجهه شعور آيو ته ڪتاب وٺڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيا، پڙهڻ بعد خواهش تي ته لکڻ شروع ڪجي ايئن لکڻ شروع ڪيو ۽ هن شعبي ۾ اچي ويم.

س: باقاعده لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهريون ڪتاب ڪهڙو هو؟

ج: 1978ع کان باقاعده لکڻ شروع ڪيو، پهرين صرف ڪهاڻيون لکندو هئس. استاد سکيا خان چنا تمام گهڻي رهنمائي ڪئي هئي، 1979ع ۾ ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ڇپرايو. ”گهرا گهرا گهاوَ“ جي نالي سان جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو.

س: ڪهڙو ڪتاب تمام گهڻو مشهور ٿيو، وقت گذرڻ سان جنهن جي اهميت ۾ اضافو ٿيو هجي؟

ج: 1986ع ۾ شاعري جون صنفون ڇپرايون، جيڪي ڪراچي يونيورسٽي ۾ آفيشل طور پڙهايون ويون، سنڌ ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ ان آفيشل طور پڙهايون پئي ويون. پهريون ڇاپو 50 ۽ ٻيو ڇاپو 100 صفحن تي مشتمل هو، ان جون 300 فوٽو ڪاپيون ڪرايون ويون هيون 08-2007ع ۾ ليئنگويج اٿارٽي پاران ڪجهه مهينن بعد 500 ڪاپيون ڇپرايون ويون، اهو اٿارٽي جي ڪتابن سان گڏ سٺي فروخت جو اعزاز به ماڻي ٿو، شاعري جون صنفون شاگردن لاءِ شاعري سکڻ لاءِ ڪورس جي حيثيت رکي ٿو، پر ڪجهه ماڻهو مون کي ادب جي ڊگري نه هئڻ سبب ان جي مخالفت پيا ڪن.

س: ڊاڪٽر ٿيڻ توهان جو پنهنجو شوق هو يا والدين جي خواهش؟

ج: بابا سائين جي خواهش هئي، پر استاد سکيا خان چنا تمام گهڻي رهنمائي ڪئي، سائين جي رهنمائي کان سواءِ شايد ايئن نه ٿي پئي سگهيو.

س: صحافت ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن آيا؟

ج: 1990ع ڌاري ڊاڪٽري جي آخري سال دوران ناز سهتو پاران نڪرندڙ اخبار ”خادم وطن“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ان وقت امتحان ٿيڻ وارا هئا ان ڪري مون امتحانن بعد خادم وطن اخبار ۾ نوڪري ڪئي جيڪا عارضي بنياد تي هئي، پر ڪارڪردگي سبب جاري رکڻ جو چيو ويو. جنهن بعد ”ڪاوش“ اخبار جي رٿا ٿي ته ڪيئن هجي وغيره. ”ڪاوش“ اخبار نڪرڻ بعد 2 سال ان جي ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج به رهيس ايئن صحافت ۾ قدم رکيو.

س: ڊاڪٽر ۽ صحافي رهيا، ادب سان به تعلق رهيو. هڪ ئي وقت ايترن شعبن ۾ ڪيئن؟

ج: آئون پاڻ کي ڊاڪٽر سمجهان ٿو. ڪوبه ماڻهو هڪ ئي وقت ٻه ڪم نه ٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن هو ڪري به ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن هڪ شعبي سان ناانصافي ضرور ڪري ٿو، 15 سال استاد به رهيس. هميشه اها ئي ڪوشش هوندي هئي ته معاشري کي ڪجهه ڏجي، ان لاءِ وس آهر ٿورو گهڻو ڪيو.

س: اڄ ڪلهه صحافت، ادب تي حاوي ٿيندي پئي وڃي، ان جو سبب ڪهڙو آهي؟

ج: ڪنهن ڏاهي اديب وصف بيان ڪندي چيو آهي اديب معاشري جو اهڙو فرد آهي، جيڪو ڏينهن جا 24 ڪلاڪ جاڳي ٿو ۽ هفتي جا 7 ڏينهن ڪم ڪري ٿو. اڄ ڪلهه اها وصف صحافين اپنائي ڇڏي آهي، ان ڪري صحافت حاوي ٿيندي پئي وڃي.

س: اڄڪلهه جي سياست جي باري ۾ ڇاٿا چئو، بهتري ڪيئن آڻجي؟

ج: انگريزن وٽ پهرين پلاننگ پوءِ ڪم ٿيندو آهي پر اسان وٽ ان جي ابتڙ آهي، توازن برقرار نه رهڻ سبب حڪومت رٿابندي ڪري نه ٿي سگهي. صرف مدو ڪڍڻ ۾ پوري آهي. گڏيل پاليسي هئڻ سان گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. شارٽ ڪٽ وٺڻ سبب حالتون خراب آهن. انهن مان ٻاهر نڪرڻو پوندو. ڪيترائي اهڙا گمنام ماڻهو آهن، جيڪي تمام گهڻو ڪم ڪن ٿا پر ميڊيا جو انهن تائين نه پهچڻ سبب هو گمنامي ۾ گهاري وڃن ٿا، حقيقت ۾ دنيا انهن ماڻهن جي ڪري هلي ٿي.

س: ڪا خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي ۽ خوبصورت پل؟

ج: رب سائين جا احسان آهن سڀ خواهشون پوريون ٿيون آهن، ليکڪ لاءِ چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کلي نهاريو ته اهو خوبصورت پل هوندو.

س: ڪهڙي ڳالهه تي پڇتاءُ ٿيندو آهي؟

ج: هڪڙو احساس هميشه رهندو ڇو ته، مرحوم والد دم جي بيماري سبب وفات ڪئي ۽ ڊاڪٽري جي ٽئين سال دوران هڪ ڀاءُ پڻ انهيءَ بيماري سبب فوت ٿي ويو، ڪاش آءُ انهن لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ها!*