انساني زندگي ۾ معاشيت،لٽو،اٽو۽اجهو آهي:پروفيسر ڊاڪٽر مراد خاتون

عبدالغفار بوزدار

پروفيسر ڊاڪٽر مراد خاتون پنهور حيدرآباد شهر ۾ پهرين فيبروري 1951ع ۾ پيدا ٿي، پاڻ ميٽرڪ مدرسة البنات مان ۽ انٽر جي تعليم گورنمينٽ زبيده گرلس ڊگري ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ بي-اي ۽ ماسٽرز سنڌ يونيورسٽي مان 1973ع ۾ ڪئي، ماسٽرز ۾ پوزيشن  حاصل ڪئي، پاڻ معاشيات شعبي ۾ 1974ع کان استاد جا فرض ادا ڪرڻ دوران ئي پاڻ ٻاهرين ملڪ مان پي-ايڇ- ڊي نه ڪئي، جنهن تي سندن چوڻ هو ته اسان جي يونيورسٽي ۾ تمام بهترين ۽ لائق استاد موجود آهن ته پوءِ ٻاهرين ملڪ مان پي-ايڇ-ڊي ڇو ڪجي! پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي پئسي بچائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي مان ئي 2004ع ۾ پي-ايڇ-ڊي مڪمل ڪئي.

پاڻ ڪئنيڊا، آمريڪا، جرمني، برطانيه ۽ فرانس جا دورا پڻ ڪيا. پاڻ هڪ بهترين ماءُ هجڻ سان گڏوگڏ گهر جون ٻيون ذميواريون به تمام بهترين نموني سان نڀائين ٿيون. پروفيسر ڊاڪٽر مراد خاتون معاشيات شعبي ۾ چيئرپرسن طور 2سال ذميواريون ادا ڪري 31جنوري 2011 تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي.

س: معاشيات ڇا آهي؟

ج: انساني زندگي ۾ معاشيات اٽو، لٽو ۽ اجهو آهي.

س: توهان جي نظر ۾ معاشيات شعبي جو ڪيترو اسڪوپ آهي؟

ج: معاشيات جو اسڪوپ زندگي سان وابسته آهي، ڄمڻ کان مرڻ تائين جيڪا انسان جي جدوجهد آهي، اها ئي معاشيات جي اهميت آهي.

س: ڪهڙو سبب هو جو اوهان معاشيات جي شعبي جي چونڊ ڪئي؟ ڪنهن صلاح ڏني يا خود؟

ج: منهنجو معاشيات شعبي ۾ اچڻ لاءِ ميڊم مريم نوحاڻي جو وڏو هٿ آهي. پاڻ اسان سنڌي ڇوڪرين کي صلاح ڏني ته معاشيات جي شعبي جي چونڊ ڪيو ۽ انهن جي صلاح تي عمل ڪرڻ سان مون کي معاشيات شعبي جي چيئرپرسن طور خدمتون ڏيڻ    جو اعزاز حاصل آهي.

س: ادب سان دلچسپي رکو ٿا، پسنديده شاعر يا ڪو ڪتاب؟

ج: ادب سان ڪا خاص دلچسپي نه آهي، پسنديده شاعر شاهه عبداللطيف ۽ فيض احمد فيض آهن.  ڪتابن ۾ شاهه جو رسالو سڀ کان وڌيڪ پسند آهي.

س: توهان جي نظر ۾ پاڪستان ۾ عورتن کي حق ملن ٿا؟

ج: پاڪستان ۾ عورتن کي هڪ سيڪڙو به حق نه ٿا ملن، سبب اهو آهي ته عورتن کي هميشه ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو. قانون ۾ ته عورتن کي حق مليل آهن پر حقيقت ۾ بلڪل به نه آهن.

س: معاشيات جي شعبي ۾ پڙهائيجندڙ  ڪورس متعلق مطمئن آهيو يا ڪا راءِ؟

ج: شعبي ۾ پڙهائيجندڙ ڪورس مان بلڪل مطمئن آهيان، پر منهنجي خواهش آهي ته معاشيات شعبي کي انسٽيٽيوٽ جي حيثيت ڏئي نوان ڪورس متعارف ڪرايا وڃن.

س: ڇا ملڪي معيشيت جو نظام بهتر پلان ٿيل آهي؟

ج: جي ها! ملڪي معيشيت جو نظام ته بهترين پلان ٿيل آهي، پر انهيءَ پلان تي ڪوبه عمل نٿو ٿئي.

س: ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڪيئن ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو؟

ج: ملڪ ۾ جيسيتائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي تيسيتائين مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهجي.

س: معاشيات جي شعبي جي اهميت پاڪستان ۾ ڪيئن آهي؟ ڇا توهان مطمئن آهيو پنهنجي پروفيشن مان؟

ج: آئون پنهنجي پروفيشن مان سؤ سيڪڙو مطمئن آهيان. باقي معاشيات جي اهميت جي ڳالهه ته اها هر ملڪ جي ترقيءَ لاءِ تمام اهم آهي.

س: استاد نه هجو ها ته ڇا هجو ها؟ ۽ استاد طور ڪا خواهش؟

ج: جيڪڏهن آئون استاد نه هجان ها ته شاگرد هجان ها يا سي ايس پي آفيسر هجان ها. منهنجي ننڍپڻ کان استاد ٿيڻ جي خواهش هئي ته جيئن آئون ملڪ کي سٺا ڊاڪٽر، سٺا انجنيئر ۽ باشعور شاگرد ڏيئي سگهان.

س: توهان جي وقت ۾ توهان جي شاگردن توڙي استادن ٻوڏ ستايلن جي ڪهڙي مدد ڪئي؟

ج: ٻوڏ ستايل جو سوچي مون کي ننڊ نه ايندي هئي. نياڻين کي کلي آسمان هيٺان ڏسي مونکي قيامت جهڙو منظر لڳندو هو، تنهنڪري سندن جيتري مدد ڪجي اها گهٽ ٿيندي، پر مون پنهنجي حال آهر ڀرپور مدد ڪئي، ۽ منهنجي شعبي جي استادن ۽ شاگردن به رضاڪارانه طور تي انهن جي مدد ڪئي.*