ڊاڪٽرعلي رضا لغاري

مهرالله

اهو سچ آهي ته مرض جي دوا صرف الله وٽ آهي پر جيڪو شفاءَ جو وسيلو دنيا ۾ آهي اهو ڊاڪٽر آهي. لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيترائي ڊاڪٽر ٿي گذريا آهن پر ڊاڪٽر علي رضا لغاري جنهن جو تعلق ڳوٺ ڳهڻو خان لغاري تعلقي ماتلي ضلعي بدين سان آهي، جيڪو هن وقت لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان اسپيشلائيزيشن ڪري رهيو آهي.

س: توهان ايم بي بي ايس جي ڊگري ڪهڙي سال ۾ ڪٿان حاصل ڪئي؟

ج: مان ايم بي بي ايس جي ڊگري 2003ع ۾ لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي.

س: توهان جو ميڊيڪل شعبي کي ترجيح ڏيڻ جو سبب؟

ج: جيئن ته ڊاڪٽر ٿيڻ منهنجي والد صاحب جي خواهش هئي ۽ ان سان گڏوگڏ منهنجو به دلي شوق هو ته مان ڊاڪٽر ٿي انسان ذات جي خدمت ڪيان.

س: توهان ميڊيڪل جي ڪهڙي شعبي ۾ اسپيشلائيزيشن حاصل ڪئي آهي؟

ج: مان لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان يورالاجي (گردن جي شعبي) ۾ اسپيشلائيزيشن حاصل ڪئي آهي.

س: توهان اُن شعبي کان علاوه ٻيو ڪهڙي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي؟

ج: مان هن وقت جنرل سرجري جي شعبي ۾ به اسپيشلائيزيشن ڪري رهيو آهيان.

س: مريضن جو سرڪاري اسپتالن جي بجاءِ نجي اسپتالن جي طرف لاڙو ڇو آهي؟

ج: جيئن ته سرڪار جي طرفان صحت کاتي جي بهتري لاءِ ڳڻتيءَ جوڳا قدم نه پيا کنيا وڃن ۽ نه ئي ان ۾ ڪو سڌارو آندو ويو آهي ۽ صحت کاتي ۾ مناسب بجيٽ نه رکڻ به انهن مسئلن مان هڪ مسئلو آهي، جنهن جي ڪري مريضن کي مفت دوائون نه ملي سگهن ٿيون ۽ صفائي سٿرائي جو خيال به تمام گهٽ رکيو وڃي ٿو. جنهن جي ڪري مريض سرڪاري اسپتالن طرف گهٽ متوجهه ٿين ٿا ۽ آخرڪار مريض نجي اسپتالن جي طرف رُخ ڪن ٿا.

س: ميڊيڪل جي حوالي سان توهان سان پيش آيل ڪو يادگار واقعو؟

ج: جڏهن منهنجي داخلا ايم بي بي ايس فرسٽ ييئر ۾ ٿي ته آئون پهريون ڀيرو ڊسڪشن هال ۾ داخل ٿيس جتي ميڊيڪل جا شاگرد مئل ماڻهن تي تجربا ڪري رهيا هئا. مان اهي مئل ماڻهو ڏسي تمام گهڻو پريشان ٿي ويس. اهو لمحو اڄ به مون کي ياد ايندو آهي ته مان پريشان ٿي ويندو آهيان. اهو واقعو مونکي زندگي ڀر ياد رهندو.

س: توهان جو اهڙو پيغام جيڪو ميڊيڪل طرف نوجوان نسل جو رجحان وڌائي سگهي؟

ج: جيئن ته منهنجو پيغام نوجوان نسل لاءِ اهو آهي، ته جيڪي نوجوان ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواهش رکن ٿا ته هو پنهنجو سڄو ڌيان پڙهائي جي طرف رکن ۽ ڊاڪٽري شعبي کي هڪ مسيحائي پيشي طور سمجهي انسانيت جي خدمت ڪن، ۽ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ اسپيشلائيزيشن ضرور ڪن. ڇو ته اسان جي ملڪ ۽ قوم کي اسپيشلسٽس ڊاڪٽرن جي تمام گهڻي ضرورت آهي.*