انسان کي انسان ڄي اڳيان مجبور ڏسي ڪو نٿو سگهان:زيب سنڌي

شعوانه رئوف

پاڪ ڪيترين ئي املهه موتين سان نوازيو آهي جن مان هڪ نالو زيب سنڌي جو پڻ آهي. پاڻ ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، ناول نگار، شاعر ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڪمپئر پڻ آهن.

خدا پاڪ سندس شخصيت کي ادب جي انهن رنگن سان اهڙي ته سهڻي نموني رنگيو آهي جو هاڻي پاڻ هر شعبي ۾ استاد جي حيثيت رکن ٿا.

پاڻ اردو ۽ سنڌي ۾ ڪيترائي ڊراما لکي چڪا آهن جيڪي مختلف چينلز تان ٽيلي ڪاسٽ پڻ ٿي چڪا آهن. جن ۾ ڪجهه مشهور هي آهن.

 سنڌي ۾ وڃايل ڊرامو ماءُ ، خالي گهر، گهر ڀاتي، ميڏا عشق وي تون، بند دروازو، سمنڊ جون سرحدون (سيريل) ۽ درد جي موسم شامل آهن. ان کان علاوه اردو ۾ سندن لکيل ڊرامو جانشين ”پي ٽي وي جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻو بزنس ڪندڙ ڊرامو پڻ آهي.

س: اصل نالو؟

ج: محمد خان

س: ڄمڻ جو هنڌ ؟

ج: خيرپور ميرس

س: تعليم ڪٿان حاصل ڪئي؟

ج: مون ابتدائي تعليم ديني مدرسو پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي ، مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول مان پاس  ڪيو جنهن کان بعد بي اي جي ڊگري سچل سرمست ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي.

س:ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟ ۽ پهرين ڪهاڻي ڪهڙي هئي.

ج: ستين (7) ڪلاس کان مون ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪئي، جيڪي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون ، جڏهن ته 1974 ۾ لکيل ڪهاڻي ”زخمي دل“ تمام گهڻي مشهور ٿي.

س: ادب جي دنيا ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو ڪير هئا.

ج: ادب سان منهنجي پنهنجي دلچسپي هئي. پير کوڙڻ جو سهارو ڪير به نه هو.

س: اهڙي شخصيت جنهن کان توهان متاثر ٿيا هو؟

ج: ليکڪ هجڻ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته مون پاڻ تي ڪڏهن به ڪنهن جي ڇاپ قبول نه ڪئي . مون هميشه پنهنجي طريقي سان لکيو، باقي مون امر جليل، جمال ابڙو ۽ نسيم کرل کي پڙهيو ۽ پسند به ڪيو.

س: اوهان جو نالو بهترين شاعرن ۾ پڻ کنيو وڃي ٿو ته توهان جي ڪهاڻين جي ڪتابن جيان ڪو شاعري جو مجموعو؟

ج: آوارا بادل ۽ زيب جي نالي سان منهنجي شاعري جو مجموعو پڻ آهي پر اهو اڃا ڇپيو نه آهي.

س: اوهان جو پسنديده شاعر؟

ج: آءُ ڀٽائي، شيخ اياز، امداد حسيني، وفا ناٿن شاهي ۽ ذوالفقار راشدي کي تمام گهڻو پسند ڪيان ٿو.

س: راڳي جنهن جو راڳ اوهان جو دل کي وڻي ٿو؟

ج: ڪشور ڪمار، جگجيت سنگهه۽ محمد يوسف کي تمام شوق سان ٻڌان ٿو. جڏهن ته پٺاڻ اي خان جو ميڏا عشق وي تون دل ڇهي ٿو.

س: توهان جي دل جي ڪا ڪمزوري؟

ج: آءُ انسان کي انسان جي اڳيان مجبور ڏسي ڪونه ٿو سگهان.