اديب ليکڪ۽ دانشور:ڊاڪٽر تهمينه مفتي

علي نواز کيريو

سنڌ يونيورسٽي مان ڪيترن ئي دانشورن ۽ مفڪرن جا داستان ملن ٿا ۽ اها سنڌ يونيورسٽي جيڪا شاعرن،  اديبن، ليکڪن ۽ ڌرتي ڌڻي جي ڏاهن کي پاليو آهي ۽ اهو سلسلو جاري آهي، تهمينه مفتي جو شمار به اهڙين ئي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ڏاهپ ۽ ڏانءُ سان پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. پاڻ هن وقت سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ بحيثيت پروفيسر جا فرض سرانجام ڏيئي رهي آهي.

س: توهان پنهنجي شروعاتي تعليم ڪٿي حاصل ڪئي ۽ توهان جي تعليم ڪيتري آهي؟

ج: پرائمري تعليم ۽ ديني تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي، بي اي ۽ ڪاليج جي ڊگري ابن الرشيد گرلس ڪاليج ميرپورخاص مان حاصل ڪئي ۽ جڏهن ته پي ايڇ ڊي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان حاصل ڪئي.

س: توهان ادب ۾ ڪڏهن پير پاتو؟

ج: سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار ٿيڻ کانپوءِ آغاز ڪيو، ليڪچرار ٿيڻ سان گڏ مونکي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو، ان جي دوران مون ادب ۾ پير پاتو.

س: توهان ڪيترا ڪتاب لکيا آهن؟

ج: مون هڪ ڪتاب لکيو آهي جيڪو تخليقي ادب سان وابسطا آهي، جيڪو ڪهاڻين سان واسطو رکي ٿو، جنهن جو نالو (ڪٿا آف ڪٿا) آهي جيڪو 2007ع ۾ ڇپرايو ۽ وڌيڪ تحقيقي ڪم جاري آهي ته جيئن وڌيڪ ڪتاب لکان.

س: ادب جي تاريخ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

ج: جڏهن کان انسان پيدا ٿيو تڏهن کان ادب جي شروعات ٿئي آهي ۽ لوڪ ادب پوري دنيا ۾ موجود آهي، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي جو ادب تمام پراڻو آهي.

س: توهان جي ننڍپڻ جي اهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿئي هجي؟

ج: منهنجي ننڍپڻ جي اها خواهش هئي ته مان موسيقي سکان ۽ اڄ تائين به اها ڪوشش آهي ته مان موسيقي سکان، جيڪا منهنجي خواهش اڌوري رهجي وئي.

س: سنڌ يونيورسٽي ۾ ادب جي حوالي سان شاگردن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟

ج: جيڪي به شاگرد اچن ٿا اهي پنهجو لاڙو ادب جي طرف رکن ٿا ۽ ڪجهه اهڙا به شاگرد آهن جنهن جو ادب جي طرف بلڪل لاڙو نه هوندو آهي ۽ انهن کي ادب سان دلچسپي نه هوندي آهي.

س: توهان جا پسنديده شاعر ۽ ليکڪ ڪهڙا آهن، جنهن مان توهان متاثر ٿيا هجو؟

ج: شيخ اياز، ابراهيم جويو، مهتاب محبوب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ امر جليل.

س: ادب جي حوالي سان توهان نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

ج: مان اهو چونديس ته هو پنهنجي تعليم کي مڪمل ڪن ۽ وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪن ۽ جيئن هو ادب جي حوالي سان سنڌي قوم جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهن ۽ ادب کي اڳتي وڌائين.*