غزل ۽ گيت منهنجو پسنديده صنفون آهن:ذولفقارگاڏهي

محمد رفيق شاه

سنڌي شاعري ۾ ٿورڙي ئي عرصي ۾ شهرت ماڻيندڙ ذوالفقار گاڏهي خيرپور ناٿن شاهه شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ شير محمد گاڏهي ۾ پهرين سيپٽمبر 1966ع ۾ پيدا ٿو. جيڪو اڄ ڪلهه دريا خان گاڏهي جي نالي سان سڏجي ٿو.

هن پهرين درجي کان ٽئين درجي تائين تعليم گوزو شهر ۽ چوٿين ۽ پنجين درجي تائين تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه مان ڪئي، انٽر ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه ۾ مڪمل ڪيائين. ذوالفقار گاڏهي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي باٽني شعبي ۾ داخلا ورتي. هن شاعري جي شروعات به پڙهڻ دوران ڪئي. هن وقت پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گوزو ۾ استاد طور فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

س: اوهان شاعري جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪنهن کان متاثر ٿي ڪئي؟

ج: شاعري پڙهڻ جو شوق ته پرائمري سطح کان ئي هو. ان وقت نصابي ڪتابن ۾ جيڪا به شاعري هوندي هئي اها مان ياد ڪري وٺندو هئس ۽ مون وٽ هڪ ذاتي ڊائري هوندي هئي. مون کي ڪابه خوشي يا غم ملندو هو ته مان پنهنجي ڊائري ۾ لکي ڇڏيندو هئس. جيتري قدر متاثر ٿيڻ جي ڳالهه آهي ته مون ڪنهن کان به متاثر ٿي شاعري نه ڪئي، پر شاعري ڪرڻ منهنجو شوق هو ان ڪري جيڪڏهن توهان منهنجي شاعري پڙهندؤ ته منهنجو لهجو سڀني کان مختلف نظر ايندو.

س: اوهان جا ڪيترا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن؟

ج: هن وقت منهنجا ٻه ڪتاب ”موکيءَ مَٽ اُپٽيا“ جيڪو اسان ڏهن شاعرن جو گڏيل مجموعو آهي ۽ ٻيو ”مان اُماس ۽ چنڊ“ مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. جڏهن ته منهنجو ٽيون ڪتاب ”هيئنڙو ٻيڙي جان“ ڇپائيءَ هيٺ آهي. جيڪو انشاءَ الله جلدي شايع ٿي ويندو. ان کانسواءِ هڪ ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب ”ٽانڊاڻي جي لاٽ“ به مون ترتيب ڏئي رکيو آهي. ان سان گڏ ڪهاڻين جو مجموعو ”گهنگر“ به ترتيب ڏنو پيو آهي ۽ تنقيدي ۽ اڀياسي تقريباً ٻن مجموعن جيترو مواد مون وٽ موجود آهي.

س: اوهان ڪيترن ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي؟

ج: مان بنيادي طرح ته سنڌي ٻوليءَ جو ئي شاعر آهيان پر مون سرائڪي، پنجابي، بلوچي ۽ اردو ٻولي ۾ شاعري ڪئي آهي.

س: شاعري جي ڪهڙي صنف تي اوهان گهڻو لکيو آهي؟

ج: مون بيت، وائي ۽ گيت کان وٺي ترائيل، سانيٽ ۽ هائڪي تائين سڀني صنفن تي لکيو آهي. اهڙي طرح نظم جنهن ۾ آزادي توڙي نثري نظم کي مون پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي. پر سڀ کان وڌيڪ مون غزل ۽ گيت تي لکيو آهي ۽ اهي ٻئي منهنجون پسنديده صنفون آهن.

س: اوهان جو پسنديده شاعر ڪهڙا آهن؟

ج: شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، نارائڻ شيام، تنوير عباسي ان کان سواءِ ادل سومرو، محسن ڪڪڙائي، وفا ناٿن شاهي ۽ عاصم ناٿن شاهي منهنجا پسنديده شاعر آهن. عاصم ناٿن شاهي جهڙوڪه تربيت به ڪئي آهي.

س: هڪ شاعر لاءِ مطالعو ڪيتري قدر ضروري آهي؟

ج: جهڙي طرح ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن ۽ زندهه رهڻ لاءِ کاڌي جي ضرورت پوي ٿي. اهڙي طرح هڪ شاعر لاءِ مطالعو ضروري آهي. مطالعي کان سواءِ توهان ڪابه سٽ صحيح نٿا لکي سگهو. جيتري قدر اوهان جو مطالعو وسيع هوندو ايتري قدر توهان جي ڄاڻ جا در کُلندا.

س: اوهان کي رومانوي شاعر چيو ويندو آهي ان سان اوهان ڪيتري قدر متفق آهيو؟

ج: شاعري لاءِ رومانس ضروري آهي جيڪڏهن توهان رومانس کي شاعري مان ڪڍي ڇڏيو ته اُن جو حسن ئي ختم ٿي ويندو ڇو ته شاعري اندر جي پيڙهه آهي. ٻاهريان مسئلا اُنکي ڀائن نٿا پون تڏهن به ٻاهريان مسئلا شاعري جو حصو بنجندا رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو منهنجي شاعري ۾ توهان کي سياسي، سماجي، معاشي ۽ بين الاقوامي مسئلا به نظر ايندا.

س: اڄ ڪلهه جيڪا شاعري ٿي رهي آهي. ان بابت توهان جي ڇا راءِ آهي؟

ج: گذريل دؤر، اڄوڪي دؤر يا ايندڙ دؤر هر دؤر ۾ ڪچي پڪي شاعري جو واهپو رهندو آيو آهي ۽ رهندو ۽ انهن منجهان رهندا اُهي ئي جن جي شاعري ۾ دَم هوندو باقي ٻيا گم ٿي وڃڻا آهن. ۽ گم ٿي ويندا. شاهه لطيف جي دور ۾ ڇا شاهه لطيف اڪيلو ئي شاعري ڪندو هو، جي نه ته پوءِ ٻيا ڪٿي آهن. مان اڄوڪي دور جي شاعري مان مطمئن آهيان، منهنجي همعصرن ۾ توهان کي ڪيترائي معتبر شاعر ملندا جن ۾ علي دوست، عاجز، سعيد ميمڻ، مشتاق گبول، گُلزار ۽ اسحاق سميجو جا نالا سر فهرست آهن. جيڪي شاعرن جي هيڏي وڏي فوج ۾ به پنهنجي روشن مُک سان ظاهر آهن.

س: اوهان سنڌي شاعري کي اردو شاعري جي ڀيٽ ۾ ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: سنڌي شاعري اُردو شاعريءَ کان ڪنهن به ريت گهٽ ڪونهي /ڏسو صفحو .....4 بهرحال اُردو شاعري وٽ هڪ وسيع پليٽ فارم آهي، جيڪا پوري برصغير ۾ پڙهي، ٻڌي ۽ ڳائي وڃي ٿي ۽ چئني صوبن ۾ ميڊيا جا جيڪي به سرڪاري ذريعا آهن اُهي اُردو جي واڌ ويجهه کي فروغ ڏئي رهيا آهن. پر تنهن هوندي به اردو کي لطيف جهڙو شاعر نه ڏئي سگهيا آهن. سنڌي شاعري کي پنهنجو ڪلچر آهي ۽ لوڪ ادب آهي جڏهن ته اُردو شاعري انهن سڀني ڳالهين کان وانجهي آهي.

س: شهرت اوهان کي ڪئين ٿي لڳي؟

ج: شهرت هڪ ڏاڍو وڻندڙ لفظ آهي ۽ دنيا ۾ هر شخص چاهيندو آهي ته مان مشهور هُجان انهيءَ ڪري مون کي به شهرت پسند آهي پر اها ڀاڳ وارن جي حصي ۾ ايندي آهي ۽ وڏي محنت ۽ مشڪلن کان پوءِ ئي هٿ ايندي آهي.

س: نوجوان شاگردن لاءِ توهان جو پيغام؟

ج: اڄ دنيا ڪافي اڳتي نڪري چُڪي آهي اڄڪلهه مقابلي جو دور آهي ۽ هر جاءِ تي توهان کي پاڻ مڃرائڻ لاءِ مقابلو ئي ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ محنت ئي صحيح ذريعو آهي.*