انسان ذات جي حفاظت ڪرڻ منهنجو فرض سمجهون ٿا:رميش جوڳي

ممتاز علي بروهي

دنيا ۾ انسان ته گھڻا آھن، پر ھر انسان کي پنھنجا پنھنجا فن ھوندا آھن ۽ ھر انسان پنھنجي پنھنجي فنن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو،سي جوڳي به انھن انسانن مان ھڪ آھن، جيڪي اڄ به پنھنجي فن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. جيڪي سڄي سنڌ ۾ اڄ به موجود آھن.

س: اوھان جوڪاروبارڪھڙو آھي ۽ اوھان پنھنجو گذرسفر ڪيئن ڪندا آھيو؟  

ج : اسان جو ڪاروبار آھي نانگ پڪڙڻ ۽ انھن کي پالڻ، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ڪري اللھ جي نالي سان خير گھري ڪري پنھنجو گذرسفر ڪندا آھيون.

س: ڇا ھن گذر سفر مان اوھان جي گھرج پوري ٿيندي آھي؟

ج : مڙئي گذر سفر ڪندا آھيون،بس جھان پيو ھلي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان صبح ۽ رات جي ماني لاءِ جاکوڙ ڪندا آھيون ۽ اھا وڏي مشڪل سان نصيب ٿيندي آھي ۽ اسان لاءِ اھا وڏي غنيمت ھوندي آھي.

س: اوھان جي والد اوھان جي ڪاميابي جي لاءِ ڪھڙي جاکوڙ ڪئي آھي؟

ج: منهنجو والد ھرقسم جا نانگ پڪڙي ڪري۽انھن جو زھرڪڍي ڪري انھن جي زھر کي باهه تي گرم ڪري پنھنجي گھر ۾ رکندو آھي، ۽ اسان جي گھر اندر ڪوٻار پيدا ٿي پوندو آھي ته اسان جي گھر جا ڀاتي اھو رکيل زھر انھي ننڍي تازي ڄاول ٻار کي ستي طور پياريندا  آھن ۽ اھو ٻار وڏو ٿي ڪري ھر مشڪل جو سامھون ڪري سگھي ٿو، انھن کي ستي پياري ڪري اسان پنھنجي اباڻي فن کي جاري رکي سگھون ٿا ،اسان جي والد جو چوڻ آھي ته پنھنجي اباڻي فن ڪي ھميشه جاري رکو.

س: ننڍي عمر ۾ ھن خطرناڪ نانگن کي پڪڙڻ ۾ اوھان کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اينديون آھن؟

ج : نانگ پڪڙڻ ڪو آسان ڪم نه آھي، بس ھر انسان کي رب جي طرفان ڏات مليل ھوندي آھي اسان نانگ کي پڪڙڻ جي لاءِ ان جي ڪنڌ جي مٿان ڪاٺي جي لٺ رکي ڪري ان کي ڪابو ڪندا آھيون ۽ بعد ۾ ان جا ڏند ڪڍي ڪري پاڻ سان گڏ ھميشه جي لاءِ رکندا آھيون،۽ اسان پنھنجي جان جو نظرانو پيش ڪري ھنن خطرناڪ جانورن جو مقابلو ڪندا آھيون.

س: اوھان ھن ننڍي عمر ۾ نانگن جا ڪھڙا ڪھڙا قسم ڏٺا آھن؟

ج: مان پنھنجي ھن عمر ۾، ڪنڀارو، لنڊي، ٻه منڍي، پاڻي اپڙو، پدم ھاڙي، ڪاريھر، واسينگ، ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي قسمن جا نانگ ڏٺا آهن.

س: ھنن نانگن مان ڪو نانگ انسان کي چڪ ھڻي ته پوءِ اوھان انساني زندگيون بچائڻ لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪندا آھيو؟

ج: اسان واسينگ نانگ کي ٻڙڪيا ٻوٽي ڏئي ڪري ان جو مڻ ڪڍندا آھيون ۽ انھيءَ مڻ کي صاف ڪري کير ۾ رکندا آھيون ۽ اھا مڻ تمام قيمتي ھوندي آھي، ھن ۾ سڀ خاصيتون پاڪائي جي ڪري آھن جڏھن ڪنھن به انسان کي ڪوبه نانگ چڪ ھڻي وڃي ته ان جاءِ تي اھا مڻ ڪيرمان ڪڍي ڪري رکندا آھيون ۽ چند منٽن کان پوءِ اھا زھر چوسي ڪري انھيءَ انسان کي ٺيڪ ڪندي آھي، ۽ اھو مڻ وري ٻيھر کير ۾ رکي ڪري پاڪ ڪندا آھيون.

س : آخر ۾ اوھان انسان ذات جي لاءِ ڪھڙو پيغام ڏيڻ چاھيو ٿا؟

ج: اسان جو اھوئي چوڻ آھي ته انسان جتي به ھجي سدائين خوش، قائم و دائم ھجي ۽ انھن جي خدمت جي لاءِاسان ھرھنڌ حاضرآھيون، انسان ذات جڏھن به ياد ڪري ته اسان انھن جي خدمت ۾ انھن جي لاءِ ھرھنڌ حاضر ٿينداسين.*