صحافت جي آذادي معاشري سان ڳنڍيل آهي:فاروق سومرو

سعيد احمد واهوچو

 ) هن سماج ۾ ڪجهه شخصيتون پنهنجي اجائي مشهوري کان ڏور ٿي پنهنجي شعبي ۾ گهربل ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن، اهڙين شخصيتن ۾ روزاني ڪوشش جو نيوز ايڊيٽر فاروق سومرو به شامل آهي، هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات 1990ع جي ڏهاڪي کان ڪئي، 20 سالن دوران صحافت ۾ ايندڙ تبديلين ۾ پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪندڙ فاروق سومرو صحافت ۽ معاشري جي آزادي کي ڳنڍيل سمجهي ٿو.)

س: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آمد کان پوءِ پرنٽ ميڊيا کي ڪٿي بيٺل ڏسو ٿا؟

ج: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آمد کان پوءِ به پرنٽ ميڊيا جي پنهنجي حيثيت ۽ انفراديت ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه ٿي آهي جنهن جو مثال موجوده اخبارن جي سرڪيوليشن گهٽ نه ٿيڻ آهي ۽ گڏوگڏ کوڙ نيون اخبارون، مئگزين، بهتر انداز ۽ جدت سان اچي رهيا آهن، اليڪٽرانڪ ميڊيا ڄڻ ته گهڙي جي نشريات آهي جيڪا گذري ته گذري وئي، پر پرنٽ ميڊيا سدائين لاءِ آهي جيڪا ڪٿي به ڪنهن به وقت هٿ ڪري سگهجي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آمد کان پوءِ به پرنٽ ميڊيا پنهنجي اهميت نه وڃائي آهي.

س: موجوده دور ۾ ميڊيا رياست جي چوٿين ٿنڀ طور اڀري آهي، ان ۾ سنڌي ميڊيا جو ڪردار ڪهڙو آهي؟

ج: ميڊيا رياست جي چوٿين ٿنڀ طور اڀري رهي آهي، پنهنجو ڪردار پڻ ادا ڪري رهي آهي انهيءَ ۾ انگريزي ۽ خاص طور تي اردو اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ملڪي سطح تي اهميت جي حامل آهي، اها ملڪي وسيلن سان ادارن وٽ به پنهنجو اثر ڇڏي ٿي. پر بدقسمتي سان سنڌي ميڊيا جو ڪردار رڳو هڪ صوبي ۽ انهي جي عوام تائين محدود آهي، ۽ ملڪي سطح تي پاليسين ۾ انهيءَ جي آواز کي اها مڃتا ملي اهو گهٽ ٿو نظر اچي، پر ها ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪنهن ٿوري حد تائين ان جو اثر نظر ايندو هوندو جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته سنڌي ميڊيا اسرندڙ گروپ طور پنهنجي جاءِ والاري رهي آهي ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته انگريزي ۽ اردو ميڊيا ڪنهن حد تائين انهيءَ اثر کي قبول ڪري اهڙن موقعن کي اهميت ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي، جيڪي شايد انهن جي نظر ۾ نه هجن.

س: هڪڙو تاثر اهو به آهي ته سنڌي ميڊيا غلط لاڙن کي جنم ڏئي ٿي مثال طور ڪارو ڪاري، پسند جا پرڻا وغيره توهان ڇا چوندو؟

ج: سنڌي ميڊيا غلط لاڙن کي جنم نه ڏنو آهي، پر اهي لاڙا اڳ ۾ ئي اسان جي سماج ۾ موجود هئا، ميڊيا جي مضبوط ٿيڻ سبب اهي لاڙا جيڪي اڳ گهرن ۽ گهٽين تائين بند هئا اهي ميڊيا جي ذريعي سڄي سماج تائين ظاهر ٿيا آهن، انهيءَ لاءِ اهو چوڻ ته سنڌي ميڊيا غلط لاڙن کي جنم ڏنو آهي، اهو غلط ٿيندو ها باقي ميڊيا به هڪ ادارو آهي، ان ۾ به غلطيون هونديون جيڪي وقت سان گڏ درست ٿينديون.

س: سنڌي ميڊيا ۾ نان پروفيشنل صحافت جو وڏو انگ موجود آهي، ان جا ڪهڙا سبب آهن؟

ج: سنڌي ميڊيا اڃا تائين صنعت جو درجو حاصل نه ڪري سگهي آهي، جنهن ڪري انهيءَ کي روز جي بنياد تي هلايو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو نان پروفيشنل ماڻهن جو وڏو انگ ”پارٽ ٽائيم جاب طور“ انهيءَ ۾ شامل ٿئي ٿو، اها ذميواري مالڪن ۽ حڪومت جي آهي ته جتي ميڊيا حڪومت کان وڏيون رعايتون وٺي ٿي، اتي پنهنجي ملازمن کي اهي سڀ سهولتون مهيا ڪن، جيڪي سندن مستقبل کي مستحڪم بنائڻ جو ڪارڻ بڻجن، جنهن ذريعي اهڙن لاڙن کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ پروفيشنل صحافي پنهنجي ڪيريئر کي سنڌي ميڊيا ۾ محفوظ سمجهي انهيءَ طرف ايندا.

س: اڄ جي ميڊيا ڪيتري غير جانبدار آهي؟

ج: ميڊيا ڪڏهن به غير جانبدار نه رهي آهي اها سدائين پنهنجي مفادن جي طابع رهي ڪم ڪندي آهي. ساڳي طرح اڄ به ميڊيا مڪمل طور غير جانبدار نه آهي. ها باقي ڪٿي ڪٿي غير جانبداري جو وکر وڪامجي ويندو آهي، جنهن ۾ به مالڪن کان وٺي صحافين جا مفاد سلهاڙيل هوندا آهن.

س: هن وقت آزاد صحافت جو رجحان وڌيو آهي، انهيءَ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: صحافت به سماج جو حصو آهي، جيترو آزاد توهان جو سماج هوندو ظاهر آهي ان جا اثر صحافت تي به پوندا، اڳ جي ڀيٽ ۾ صحافت ۾ ڪنهن قدر آزادي آهي پر جيڪڏهن ائين چئجي ته اها مڪمل آزاد ٿي آهي، اهو غلط ٿيندو. مان صحافت جي آزادي تي يقين رکان ٿو پر ڇڙواڳي کي ڪنهن به صورت ۾ آزادي نٿو چئي سگهجي، جتي صحافت کي سماج ۾ وڏي حيثيت مليل آهي اتي صحافت کي به پنهنجي ذميوارين جو احساس هجڻ گهرجي، باقي صحافت کي اڄ به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پابند بنائڻ جون ڪوشون هلندڙ آهن، پوءِ اهي سرڪاري اشتهار روڪڻ جي صورت ۾ هجن يا ڪنهن سياسي گروهه ذريعي يا ڪنهن ڀوتار طرفان صحافين کي ڌمڪيون ڏيڻ جي صورت ۾ هجن.

س: توهان پنهنجي صحافتي تجربي بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟        

ج:منهنجو صحافتي /ڏسو صفحو ....... 4  ڪيريئر تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن سنڌي صحافت جدت سان سماج ۾ پنهنجا پير رکيا، جنهن ۾ سهيل سانگي ۽ فقير محمد لاشاري جهڙا صحافي سنڌي ميڊيا کي پنهنجي سڃاڻپ ڏيارڻ ۾ ڪوشان هئا، اڄ جي سنڌي ميڊيا انهن ڪوششن جو ئي نتيجو آهي، توڙي جو اها اڃا مڪمل طور هڪ صنعت جو درجو حاصل نه ڪري سگهي آهي، تنهن هوندي به بهتر شڪل ۾ موجود آهي، منهنجو صحافتي ڪيريئر عوامي آواز، جاڳو، برسات، پڪار، سنڌ ۽ هاڻي ڪوشش سان سلهاڙيل آهي ۽ منهنجي تجربي مطابق اهو بهتري ڏانهن وڌي رهيو آهي.

س: صحافت جي شاگردن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا؟

ج: صحافت جي شاگردن لاءِ اهو ئي پيغام آهي ته هو پنهنجي سماج سان سلهاڙيل رهن جنهن ذريعي هو پنهنجي پروفيشن ۾ ايندڙ ڏکياين کي صحيح نموني سمجهي سگهن ٿا، باقي سماج کان ڪٽيل صحافت جا شاگرد ڪتابن ۾ ڀلي ڀت ڄاڻي سگهندا پر عملي طور پنهنجي پروفيشن سان انصاف نه ڪري سگهندا.*