بزنس کولڻ عام آهي پر هلائڻ جا طريقه ناهن:منير احمد سومرو

علي گل کوسو

ڪوٽڙي شهر جي هڪ ننڍڙي علائقي نانگولائين ۾ جنم وٺندڙ منير الدين سومرو ولد محمد بخش سومرو شروعاتي تعليم پنهنجي ئي شهر ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ۽ هائير ايجوڪيشن، سنڌ يونيورسٽي مان بي ايس ڪامرس ڪئي. هن بي ڪام ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي. ٽاپ ڪرڻ تي يونيورسٽي جي طرفان گولڊ ميڊل پڻ ڏنو ويو. پي ايڇ ڊي همدرد انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمنٽ ۽ سائنس ڪراچي مان بزنس ايڊمنسٽريشن جي سبجيڪٽ مارڪيٽنگ ۾ ڪيائين. ماسٽر 1987ع ۾ ڪئي ته ان ئي سال سنڌ يونيورسٽي جي ڪامرس ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچررشپ ملي ان ئي ڪامرس شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي فائض ٿيو.

 

س: ڪامرس شعبي ۾ اچڻ جو توهانجو شوق هيو يا اتفاق؟

ج: منهنجو ذاتي شوق آرمي ۾ وڃڻ جو هو پر جڏهن مان گريجوئيشن جي تعليم ۾ پير پاتو ته ان وقت بزنس جو تمام وڌيڪ اسڪوپ هو ۽ مان هڪ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هيس ۽ نوڪري جي ڏاڍي ضرورت هئي. ان ڪري بزنس جي اسڪوپ کي ڏسي ڪامرس شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ پوءِ ايم بي اي ڪئي.

س: ڪامرس جي پڙهائي بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟

ج:  ڪامرس جو انسان جي زندگيءَ ۾ تمام گھڻو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ پڻ ڪامرس هر وقت جي ضرورت آهي. اڄلڪھ بزنس کولڻ ۽ هلائڻ تمام عام جام ٿي ويو آهي پر اهي بزنس ان طريقي سان نه هلي رهيا آهن. جنهن طريقي سان هلڻ گھرجن. بزنس کي هلائڻ لاءِ پهريان بزنس جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ هجي. ڪامرس سنڌ يونيورسٽي جو هڪ اهم شعبو آهي جيڪو بزنس جي باري ۾ تعليم ڏئي رهيو آهي ۽ اهو شعبو سنڌ يونيورسٽي جي بهترين شعبن مان هڪ شعبو آهي.

س: سنڌ يونيورسٽي بابت اوهان جا خيال ڪهڙا آهن؟

ج:  سنڌ يونيورسٽي پاڪستان جي قديم يونيورسٽين مان هڪ يونيورسٽي آهي. هر وقت سٺا شاگرد معاشري کي ڏنا آهن پر موجوده دور ۾ اها يونيورسٽي مشڪلاتن مان گذري رهي آهي. ڪجھ عناصر ان جي ماحول کي خراب بنائي ڇڏيو آهي. جهڙوڪ: پوليٽيڪل، انٽرفيئر ۽ ڪرپشن وغيره. پر هاڻي بهتر آهي. استادن لاءِ ٽريننگ پروگرام ۽ ڪورس ڪرايا وڃن. شاگردن کي اسٽڊي ٽوئر سان گڏ رسرچ ڏانهن مائل ڪيو وڃي.

س: توهان ڪهڙين سوشل ايڪٽوٽيز ۾ رهيا؟

ج:   جي ها! مان گھڻن ئي سماجي تنظيمن ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪيو. جھڙوڪ: ڳوٺ سڌار سنگت ڪوٽڙي ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جو سيڪريٽري رهيس، ان کان علاوه سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن جو فائونڊر ۽ سيڪريٽري ميمبر هئس ۽ پوليٽيڪل تنظيم ۾ سيڪريٽري طور پڻ ڪم ڪيو جمھوريت جي لائح عمل لاءِ ايم آر ڊي نالي تحريڪ هلائي يعني موومينٽ آف ري اسٽوريشن آف ڊيموڪريسي بعد ۾ ڊسٽرڪٽ ڄامشورو ڪرڪيٽ ايسوسيئشن جو سيڪريٽري ٿيس. هاڻي آئون موجوده ڪرڪيٽ ايسوسئيشن جو صدر آهيان.

س: توهان جي ڪا اهڙي خواهش جنهن جي پوري ٿيڻ جو انتظار هجي؟

ج:  منهنجي هڪ خواهش رهي آهي جنهن جي پوري ٿيڻ جو بي قراري سان انتظار آهي. خواهش اها آهي ته مان هڪ سٺو اسڪول کولڻ ٿو چاهيان ۽ پوءِ ان مان ڪاليج ۽ بعد ۾ هڪ بزنس يونيورسٽي کولڻ جي خواهش آهي.

س: شاگردن لاءِ توهان جو ڪو نصيحت ڀريو پيغام؟

ج:  دنيا ۾ اهڙي ڪا شيءِ نه آهي جيڪا حاصل نه ٿي سگهي، هر شيءِ ممڪن آهي. ان لاءِ صرف ۽ صرف محنت جي ضرورت آهي، اها محنت ئي آهي جيڪا اسان کي زندگيءَ جي اعلى مقامن تي پهچائي ٿي. شاگردن جو سمورو ڌيان تعليم ڏانهن هجي پنهنجي ڪم سان سچو هجي ۽ ان ۾ ٽائيم مئنيجمنٽ هجي. پنهنجي ذميداري محسوس ڪري، اجائي ڳالهين ۾ وقت نه وڃائي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي سٺي نموني استعمال ڪري. اهڙو شاگرد زندگي جي سڀني اسٽيجن تي ڪامياب ويندو.*