شاعري سان امر ٿيندڙ امر انصاري

اسد علي

شاعري هڪ اهڙي ڏات آهي، جيڪا فطري طور حساس ماڻهن جي حصي ۾ اچي ٿي، يا قدرت طرفان کين عطا ٿئي ٿي، لاڙ جي خطي جي سرزمين ڪيترائي عوامي شاعر پيدا ڪيا آهن، شاعرن جي صنف ۾ امر انصاري جو نالوبه ڳڻي سگهجي ٿو، سندس اصل نالو الهڏنو انصاري آهي، جنهن جو جنم 1968ع بدين ضلعي ۾ ٿيو.

س: توهان ڪنهن کان متاثر ٿي شاعري ڪئي؟

ج: شاعري ته ننڍپڻ کان ئي منهنجي طبيعت ۾ سمايل هئي، ان جي اظهارلاءِ سماجي ڪارڻ هجڻ جي ضرورت هئي، شروع ۾ مجازي اثرن ۽ بيوفائن تي ڏک ٿيڻ ۽ قلم کڻڻ کانپوءِشعري بلوغت بعد ۾ انسان جي تذليل۽ دهشتگردي، ظلم ۽ بربريت خلاف قلم کنيو ۽ لاشعوري طور تي مزاحمتي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي.

س: توهان جي شاعري جو مقصد ڇاهي؟

ج: منهنجي شاعري ۾ رومانس جو عنصر تمام گهٽ آهي، باقي سماجي اڻ برابري، ڪرپشن، ٻولي، ثقافت ۽ انسان دوست عنصرن جو تاثر وڌيڪ آهي مطب ته انسان جي جتي تذليل ٿيندي نظر اچي ٿي اتي ضمير جو جاڳڻ ۽ مذمت ڪرڻ ضروري ٿيو پوي، جيئن هي بند ڏسو

”سازشن جي ور چڙهي وئي قوم جي لهه سار تون

پنهنجي پنهنجي شهرمان تڙي و.ئي قوم جي لهه سار تون“

س: توهان جو پسنديده شاعر ڪير آهي؟

ج: شاعرن جي رهبري ڪندڙ شاعرن جو سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي آهي جيڪو هر مڪتبي۽ فڪر جو شاعر آهي،انقلاب، اسلام، سماج ۽ عشق مطلب ته ڀٽ ڌڻي کي اڍائي صديون گذرڻ کانپوءِ به پڙهيو ٿو وڃي جنهن مان انسان کي رهبري ملي ٿي.

س: شاعري متعلق اوهان جي ڇا راءِ آهي؟

ج: شاعري سمنڊ کي ڪوري بند ڪرڻ مثل آهي، نثر ۾ ته نثر نگارپنهنجي موقف کي طويل مضمون، ڪالم يا ڪهاڻي ذريعي پيش ڪري سگهي ٿو، پر شاعري ۾ پنهنجو موقف يانظريي کي واضح ڪرڻ ڪجهه مشڪل آهي، شاعري اها بهتر آهي جيڪا هر دل جي ترجماني ڪري، بهتر شاعري کي بهتر موسيقي ڏيڻ سان روح جي غذابڻجي ٿي.

س: توهان جي شاعري جو ڪو ڪتاب شايع ٿيو آهي يا نه؟

ج: ڪتاب ڇپائڻ لاءِ آءُ مواد ترتيب ڏئي رهيو آهيان، ٻن ڪتابن جيتري شاعري آهي، ان کان سواءِ 2 ڪتاب ڪالمن، مضمونن جا به  ترتيب هيٺ آهن.

                      /ڏسو صفحو ...... 4 

س: شاعري کان علاوه اوهان جون ٻيون ڪهڙيون ادبي خدمتون آهن؟

ج: شاعري کان علاوه بدين مان ماهوار سندرتا رسالو شاعري ٿيڻ، ماهوار سنڌي ميگزين شايع ڪرڻ ۽ مقامي اخبار اعلان جو چيف رپورٽر ۽ ادبي صفحي جو 5 سال اچارج به رهيو آهيان، ان کانسواءِ ضلعي حڪومت بدين طرفان شايع ٿيندڙبدين ميگزين ۾ خدنتون انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ حاجي احمد ملاح اڪيڊمي طرفان شايع ٿيندڙ پيغام احمد ۾ شاعري جو حصو سنڀالي رهيو آهيان.

س: اڄ جي ڪيسٽ ڪلچر وارن شاعرن بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

ج: شاعري ڏات آهي، ڪمرشل شاعري صرف ڪمائي جو ذريعو آهي،اها روح جي غذا نه پر روح لاءِ عذاب آهي، منهنجو سڀني تخليقارن ۽ شاعرن لاءِ اهو پيغام آهي ته زلفن، نيڻن، رخسارن، ترن ۽ چوڙين جي ڇڻڪارمطب ته پيار ۽ رومانس تي گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، پر هاڻي ٻولي، ڌرتي ۽ پنهنجي اٻوجهه عوام سان ٿيندڙ ذيادتين ڏاڍ مڙسين ۽ سفيد پوش ڌاڙيلن تي لکڻ گهرجي، هاڻي عوام جي حقن لاءِ به قلم کڻجي.*