تنگ سوچ کڪندڙ ماڻهو ڪمياب نٿا ٿي سگهن:اقبال شاهين

عمران علي

س: توهان کي شاعري ۽ نثر لکڻ جو شوق ڪڏهن کان ۽ ڪيئن پيدا ٿيو؟

ج: مون سڀ کان پهرين شاعري شروع ڪئي ۽ پوءِ نثر لکڻ شروع ڪيو.  مونکي لکڻ جو شوق پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ڏسي پيدا ٿيو جيڪو مونکان ڏھ سال وڏو آهي ۽ هينئر اهو وفات ڪري ويو آهي. ان جاتي شهر ۾ هڪ ”خالد بن وليد“ جي نالي سان لائبرري کولي جنهن ۾ منهنجي اچڻ وڃڻ ٿيندو هو ۽ ڀاءُ جا ڪتاب به پڙهندو هئس 1969ع ۾ جڏهن آئون نائين ڪلاس ۾ هئس ته لکڻ شروع ڪيو.

 

س: توهان جا  ڪجھ ڪتاب شايع ٿيا آهن؟

ج: جي ها شاعري جا ٻه ڪتاب شايع ڪرايا آهن. هڪ اردو ۾ آهي ”ناتيه مجموع“ شمع فروزه جي نالي ۽ ٻيو ڪتاب سنڌي ۾” مجموعا شمع هدايت“ جي نالي سان ڇپرايو آهي. نثر ۾ اڄ تائين ڪو ڪتاب نه ڇپرايو آهي.

 

س: اڄڪلھ توهان جون ڇا مصروفيات آهن؟

ج: جي اڄڪلھ آئون ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪراچي جي گورنمينٽ بوائز اسڪول ۾ سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندو آهيان. ڪجھ ادب جي حوالي سان تنظيمون به هلائي رهيو آهيان جيئن: ”بزمِشاهين“ تنظيم ڪراچي جي آهي جنهن ۾ آئون چيئرمين آهيان. هڪ ٻي ”طالب المولي“ جو جنرل سيڪريٽري آهيان ۽ جاتي ۾ شهر ۾ هڪ تنظيم نالي ” بزمِ روحِ ادب“ جو آئون صدر ۽ چيئرمين آهيان. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻارن لاءِ رسالو”روشن تارا“ به شايع ڪندا آهيون. جنهن جو چيف ايڊيٽر آئون پاڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سرگرميون آهن.

 

س: توهان اڄڪلھ جي سماجي حالتن مان ڪيئن متاثر ٿيا آهيو؟

ج: اڄڪلھ جون سماجي حالتن مان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان ڇو جو اڄڪلھ جون سماجي حالتون تمام خراب آهن ان جو وڏو ڪارڻ خود انسان آهي ۽ معاشي بدحالي به آهي. اسان جو وڏيرڪو نظام خراب هجڻ جي ڪري ماڻهن تي تمام گھڻا بُرا اثر پون ٿا. قدرتي آفتن جي ڪري اسان جي سماج کي وڏو ڌڪ رسيو آهي. ان جو حل صرف اهو آهي ته اسان پنهنجي سوچ کي وسيع بڻايون.

 

س: نوجوان نسل کي پڙهائي لاءِ ڪيئن آماده ڪري سگھجي ٿو؟

ج: سڀ کان پهرين ڳالھ تربيت گھر کان شروع ٿئي ٿي. پهرين آئون مائٽن کي چوندس ته اهي پاڻ به پڙهن ۽ گھر ۾ به اهڙو نظام رکن ته جيئن ٻارن جو مطالعو رهي سگھي ڇو جو ٻار جيڪو گھر ۾ پرورش پائي ٿو ته اهو پڙهائي ڏانهن آماده ٿئي ۽ اهو ئي هڪ بنياد آهي چوندا آهن ته ماءُ جي هنج پهرين درسگاھ آهي.

 

س: توهان ڪهڙي راند ۾ دلچسپي رکندا آهيو؟

ج: آئون ڪرڪيٽ راند ۾ ڏاڍي دلچسپي رکندو آهيان اسان کي اسڪول دوران سائين بدر صاحب پاڻ هڪ هفتو ڪرڪيٽ جي ٽريننگ ڏني. اها منهنجي لاءِ مفيد ثابت ٿي. هاڻي آئون ٻارن کي سکاريندو آهيان. جڏهن ته ريڊيو پاڪستان تي به ڪمنٽري ڪري چڪو آهيان.

 

س: توهان لکڻ کان علاوه ٻيو ڪم ڄاڻندا آهيو؟

ج: جي ها! آئون اليڪٽريشن جو ڪم پاڻ ڪندو آهيان پلمبرنگ جو ڪم به ڄاڻندو آهيان هڪ سٺو مڪينڪ به آهيان. واڍي جو ڪم سندس آرا مشين هجڻ جي ڪري سکيس. ان فن ۾ پڻ مهارت رکان ٿو.

 

س: توهان شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟

ج: شاگردن لاءِ علم جي راهه هڪ زيور جيان آهي جيڪا انسان کي سنواري ڇڏي ٿي تنهن ڪري هر وقت پنهنجي تعليم سان سچا رهن، ان سان ڪاميابي انهن جا قدم چمندي.