محنت سان ڪاميابي جو رستو ملندو آهي:لال بخش

سنتوش ڪمار

ڳوٺ جسڪاڻي ۾محنت ڪش لال بخشس جسڪاڻي جيڪو 1946-01-01ع ۾ جنم ورتو سندس تعلقو ڪوٽ ڏيجي ضلعو خيرپور ميرس آهي. شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ 1962ع ۾ ڪوٽ ڏيجي ۽ بي اي 1966ع ۾ سچل سرمست ڪامرس ۽ آرٽس ڪاليج مان ڪيائين جڏهن ته ايم اي 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سوشالاجي شعبي مان ڪيائين.

س: اوهان جو سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪڏهن اچڻ ٿيو؟

ج: منهنجو سنڌ يونيورسٽي ۾ 1972ع ۾ اچڻ ٿيو، 1974ع ۾ ريگيولر سروس ۾ سوشالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ رهيس ۽ ساڳي سال ۾ پاڪستان اسٽڊي جو ٽيچر ۽ فيڪلٽي جو فائونڊر رهيس ۽ هاڻي مان اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ سوشالاجي پڙهائيندو آهيان.

س: اينٿروپالاجي ۽ سوشالاجي ۾ ڇا فرق آهي؟

ج: اينٿروپالاجي ۽ سوشالاجي ٻنهي جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو آهي. ٻنهي ۾ هڪ جهڙايون آهن اينٿروپالاجي ۽ سوشالاجي ۾ سماجي، ثقافتي ۽ معاشري ۾ جيڪي به مسئلا ٿيندا آهن اهي پڙهايا ويندا آهن.

س: توهان جا ڪهڙا ڪتاب شايع ٿيل آهن؟

ج: منهنجا انگريزيءَ ۾ 50 مقالا لکيل آهن جيڪي بين الاقوامي معيار جي رسالي ۾ ڇپيل آهن. تقريبن 100 مقالا سنڌي ۾ ڇپيل آهن ۽ پڻ سنڌي ۾ هڪ ڪتاب ڇپيل آهي. جنهنجو نالو ”سنڌ جا ڏيهي ۽ پرڏيهي عاشق“ ڇپيل آهي. انهن سڀني جو موضوع سماجي اڀياس، ثقافت، ٻولي، ادب ۽ تاريخ تي مشتمل آهي. 100 کان وڌيڪ پاڪستان اسٽڊي ماسٽرس جي رڪوائرمينٽ جي لاءِ ٿيسز منهنجي زيرنگراني ۾ آهي. انگريزي ۾ 30 سيٽن جا مقالا حيدربخش جتوئي تي لکيل آهن ۽ تحقيقي مقالو پڻ ڇپيل آهي.

 

س: اينٿرولاجي جي اهميت بابت ڇا ٿا چوڻ چاهيو ۽ ان علم جا انساني ماحول تي ڪهڙا اثر پون ٿا؟

ج: اينٿروپالاجي جيڪو انسانذات جي باري ۾ لکيل آهي، اينٿروپالاجي اسان جي پراڻي سماج ۽ معاشري جي باري ۾ آهي، اينٿروپالاجي چار شين تي مشتمل آهي. ڪلچرل اينٿروپالاجي، آرڪيالاجيڪل اينٿروپالاجي، لنگويسٽڪ اينٿروپالاجي ۽ بايولاجيڪل اينٿروپالاجي. انساني ماحول ۽ حياتيءَ تي ٻن شين جا اثر پون ٿا. ثقافت جيڪا گروهي زندگي جي پيداوار آهي ۽ انسان روح جي پيداوار آهي.

 

س: اينٿروپالاجي جي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ نوجوان شاگردن جي لاءِ حڪومتي ادارن ۾ ڪٿي ڪٿي نوڪريون ملي سگھن ٿيون؟

ج: جيئن ته اسان جي سنڌ يونيورسٽي جي اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي شعبي مان گذريل سال پهرين بيچ گريجوئيشن پوري ڪري ورتي جنهن ۾ 27 شاگرد فائنل ڪري نڪتا آهن، جيڪي مختلف اين جي اوز ۾ آهن.

 

س: اڄ جي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کي توهان ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندؤ؟

ج: منهنجو اهو پيغام آهي ته پنهنجي سخت محنت ڪريو، وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن نه ڪنهن اسٽڊي ۾ شامل رهن گڏوگڏ انسانذات جي خدمت ڪريو ڇو ته حقيقي فرق انسانذات جي خدمت ڪرڻ آهي اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اوهان ڪامياب ٿي پنهنجي منزل تي پهچندؤ.*