استادن۽شاگردن ۾ ايمانداري لازمي هئڻ گهر جي:ڊاکٽر نور جمالي

اياز احمد لغاري

سوال: توهان تعليم جي شروعات ڪيئن ۽ ڪٿان ڪئي؟

جواب: منهنجو هڪ اهڙي علائقي سان تعلق آهي جتي پڙهيل ماڻهو تمام گهٽ آهن، يا کڻي چئجي ته نه هجڻ جي برابر آهن. مونکي پڙهائي جو شوق پنهنجي ماءُ جي مائٽن کي ڏسي ٿيو، اهي زميندار هوندا هئا ۽ انهن جا ٻار اسڪول ويندا هئا، مان انهن کي ڏسي تمام گهڻو متاثر ٿيس. ان سان گڏوگڏ مون کي پنهنجي وڏي ڀاءُ کي پڙهندو ڏسي علم جو شوق پيدا ٿيو.

سوال: توهان ايترن شعبن مان فقط ڪامرس ئي ڇو چونڊيو انهي جو ڪهڙو خاص ڪارڻ آهي؟

جواب: مان مئٽرڪ پاس ڪيو تنهن وقت ۾ مونکي ڪامرس هڪ نئين فيلڊ لڳي ان ڪري منهنجو لاڙو ڪامرس پڙهڻ ڏانهن ٿيو.

 

سوال: ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن فيڪلٽي جي ڊين هجڻ جي ناتي توهان هيل تائين ڪهڙيون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن؟

جواب: جيئن ته مان ڪامرس ۽ آئي بي اي ۾ ليڪچرار طور رهيس، ان ڪري مان ان ٻن شعبن جي حالتن کان چڱي طرح واقف هئس. مون شروع کان چاهيو ته جيڪي به مسئلا آهن تن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ڪري شعبن جي تدريسي عمل کي بهتر انداز ۾ جاري رکيو وڃي، مون شعبن ۾ جيڪي اسڪالرشپ جا ڪيس رُڪيل هئا تن کي حل ڪيو، شعبن ۾ محنتي استادن کي پروموٽ ڪرايو، سڀ کان اهم اهو ته 15 سالن کان پوءِ بزنس ايڊمنسٽريشن کي ڊائريڪٽر ڏياريو ۽ پنهنجي شعبي جي استاد کي ڊائريڪٽر بڻايو. 

 

سوال: ڪامرس جو اسان جي معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار آهي، ۽ ان جو معاشري تي ڪيترو اثر آهي؟

جواب: ڪامرس ۽ بزنس هڪ وسيع فيلڊ آهي، بزنس، ڪامرس، مارڪيٽنگ ۽ سمورو واپار، اهي سڀ ملي  معيشت جي ريڙهه جي هڏي ثابت ٿئي ٿي. توهان جي ملڪ جي جيڪر اقتصادي حالت ٺيڪ ناهي ته ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪامرس وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي، ان لاءِ پاليسي ٺاهڻ ۽ روزگار جا گهڻي کان گهڻا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ ڪامرس جو وڏو هٿ آهي. ڇو ته سمورو واپار، انشورنس، اڪائونٽس، بئنڪنگ انهيءَ فيلڊ ۾ شامل آهن. ڪامرس جي ڪري معاشري جو هر فرد بهتر معاشي زندگي گذاري سگهندو جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ روزگار جا موقعا آهن.

   

سوال: يونيورسٽي جي شعبن ۾ ڪهڙي طرح سُڌارا آڻي سگهجن ٿا؟

جواب: اسان جو هاڻوڪو وائيس چانسلر، ڊاڪٽر نذير اي مُغل هڪ اهڙي شخصيت آهي جيڪو اسان کي هر مسئلي جو حل مثبت طريقي سان ٻڌائيندو آهي، ان جي سرپرستي ۾ مختلف شعبن ۾ تمام گهڻا سُڌارا ٿيا آهن، جنهن ۾ نيٽ، ڪمپيوٽر ليب، ليبارٽريون، لائبررين ۾ ڪتابن جو وڌائڻ، سيميسٽر جو اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ وغيره شامل آهن. استادن ۽ شاگردن ۾ ايمانداري لازمي هئڻ گهرجي، سڀ کان اهم ضرورت آهي ته ڪيئن هڪ استاد شاگردن کي پڙهائي ٿو ان جو طريقيڪار ڇا آهي؟ اهو شاگردن ۾ پريزنٽينشنون ڪرائي، ڪلاس وٺي ۽ وقت سر ڪلاس کي چيڪ به ڪري ته شاگردن ۾ دلچسپي آهي يا نه؟ يا ڪئين پيدا ڪجي؟ ان تي عمل ٿيندو ته شعبا بهتر کان بهترين ٿيندا.

 

 سوال: توهان پنهنجي زندگي جي ڪنهن اڻوسرندڙ لمحي بابت ٻڌايو؟

جواب: ماءُ ۽ پيءُ کان محروم ڪو به انسان مڪمل نه هوندو آهي، منهنجي امڙ جڏهن منهنجي هٿن ۾ وفات ڪري وئي، اهو لمحو تمام ڏکيو هيو مان ان وقت هڪ عجيب ڪيفيت ۾ ورتل هئس جنهن کي اڄ ڏينهن تائين وساري نه سگهيو آهيان. هڪ ڀيرو مون امان جا 5 روپيا چوري ڪيا هئا، امان وڃي استاد کي ٻڌايو انهي تي استاد مونکي سائيڪل جي ٽائير سان تمام گهڻي مار ڏني هئي جنهن سبب 15 ڏينهن لاءِ منهنجي حالت خراب رهي ۽ بستري تي سمهي نه سگهندو هوس.   

  

سوال: توهان شاگردن ۽ نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

جواب: شاگرد هجي يا وري ڪو به فرد هجي. هن تي جيڪا ذميواري آهي هو ان کي پورو ڪري. شاگرد آهي ته ان کي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيڻ گهرجن جيڪو سمجهڻ. پڙهڻ ۽ سکڻ آهي. استادن کي پڻ پنهنجي ذميواري سان پوري طرح واقف هئڻ به ضروري آهي جيڪو پڙهائڻ، سيکارڻ ۽ سمجهائڻ آهي، اهڙي طرح معاشري جو هر شخص پنهنجين ذميوارين کي سمجهي ۽ ان تي سنجيده ٿي ڪم ڪري ته معاشري ۾ گهڻو سُڌارو ٿي سگهي ٿو.*