اسان پنهنجي نئي نسل مان پراميد آهيون:سرمد چانگ

عطا محمد

پهرين فيبروري 1936ع تي جنم وٺندڙ عطا محمد ڀنڀرو هڪ کرو ۽ بيباڪ تخليقار آهي، تازو ئي سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ ملهايل ساڻس شام ۾ سنڌ جي اديبن، ڏاهن ۽ سياستدانن کيس ”ارڏو اديب“ قرار ڏنو.

 ٺري ميرواهه مان ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ممتاز ڪاليج خيرپور مان انٽر ڪري سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ قانون جي تعليم ورتائين. 1980ع ۾ شيخ اياز جو جونيئر ٿي رهيو.

 هن وقت به هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي پر عمر جي تقاضا جي سبب عملي طور ڪم نه ڪندو آهي. عطا محمد ڀنڀري 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. پاڻ محقق، مترجم، شاعر، ليکڪ ۽ ڀوڳائي طبيعت جو خوش مزاج دلربا شخص آهي.

 سندس ننڍا وڏا ٻه سئو کن ڪتاب آهن، جن مان ڪجهه ڇپيل ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل آهن. جيتوڻيڪ سندن نظر گهٽ آهي پر پوءِ سندن ارادو آهي ته سڌريل ملڪن جي سائنسي ادب تي ڪم ڪجي.

 

س: توهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟

ج: ننڍپڻ ۾ آئون وڏو شرارتي ۽ ڀوڳائي هوندو هئس. هڪ دفعي خيرپور مان پڙهي واپس ايندي بس ۾ بيٺو هئس ته منهنجي دوست رمضان چيو ته اگر اڄ تون هن بس ۾ سيٽ وٺي ڏيکارين ته توکي ڏهه رپيا انعام ڏيندس. بس شاگردن سان ڀريل هئي پير رکڻ جي به جاءِ نه هئي. مون شرارت ڪئي ۽ چيم ته مون کي عصر جي نماز پڙهڻي آهي ته سيٽ تي ويٺل ٽن ڇوڪرن اُٿي مون کي سيٽ ڏني. مون نماز شروع ڪئي. منهنجي نماز ختم ٿي ته وري دعا جي ٻُڪ مٿي کنيم ۽ جتي مونکي لهڻو هو اتي پهچي دعا ختم ڪيم (وڏو ٽهڪ ڏيندي) گاڏي مان لهي رمضان کان ڏهه رپيا ورتم. ان وقت 10 رپيا هزار برابر هوندا هئا. پوءِ اسان سڀني گڏجي هوٽل تي ماني کاڌي ۽ اهو اسان جو يادگار ڏينهن هو. واقعي جو ذڪر منهنجي ڪتاب ”خيرپور ۾ خير جا ڏينهن“ ۾ پڻ ٿيل آهي.

 

س: سنڌ جي تهذيب ڪيتري شاهوڪار آهي؟

ج: سائين جي ايم سيد لکيو آهي ”سنڌ ڪُن فيڪون“ کان آهي. پوري دنيا ۾ اسان جي تهذيب بي مثال آهي. ڇويهه (26) لک ڪلو ميٽرن تي اسان جا ماڳ آهن. جيڪڏهن مصر ۽ سميرين جي تهذيبي ايراضي کي ٻيڻو ڪبو ته پوءِ به سندن اها تهذيبي ايراضي اسان جي سنڌ جي تهذيبي ايراضي کان تمام گهڻي گهٽ ٿيندي. رڳو ڪراچيءَ مان ساليانه ويهه (20) ارب ڪمائجن ٿا. هڪ ڪراچي پوري ملڪ کي تڳائي سگهي ٿي. بدين ۽ قادرپور جي تيل جي آمدني سان دنيا کي خريد ڪري سگهجي ٿو. معدني وسيلن سان مالامال سنڌ جي ڌرتي محبوب جي مرڪ جهڙي پياري معصوم ٻار جي ٽهڪ جهڙي دلفريب آهي، پر افسوس اهو آهي ته اسان جي عظيم ۽ قديم سنڌ هن وقت به پابند سلهاڙيل آهي. سو ان جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ سنڌ جي شاگردن کي سائنس ۽ علم سان دل لڳائڻ گهرجي.

 

س: توهان ڪهڙن اديبن جي صبحت ۾ رهيا آهيو؟

ج: منهنجي جوڙ جا اڪثر ڏات ڌڻي هاڻ ته دنيا ۾ ئي نه رهيا آهن. جن جون محبتون ۽ تخليقي صلاحيتون وساري نه ٿيون سگهجن . شيخ اياز، شمشير الحيدري، استاد بخاري، ابراهيم منشي ۽ نياز همايوني جهڙن عظيم ڏاهن جي صحبت ۾ رهڻ کي پنهنجي لاءِ باعث خوشي سمجهان ٿو.

 

س: تصوف (صوفي ازم) ۾ ڪيترو يقين رکو ٿا؟

ج: سنڌ جي موجود حالتن کي نظر ۾ رکندي آئون تصوف جي Ideology  جو سخت مخالف آهيان. تصوف جي نظرئي مطابق اسان کي سڀ ڪنهن کي صحيح سمجهي کلي ڇُوٽ ڏيڻ کپي، اسان جي ڌرتي پيرن هيٺان کسڪائي وڃي، وسيلن جي ڦرلٽ ٿئي، ماڻهو زندهه ساڙيا وڃن، امڙين جا لختِ جگر سالن جا سال گم ڪري انهن جا لاش اُڇليا وڃن ۽ اسان ”سو اجل سو الله سو ويري سو واهرو“ واري نظرئي تي ڪجهه ڪُڇون ته اها ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي. ها باقي آجپي واري سنڌ ۾ جنهن ۾ محبت انصاف ۽ امن هوندو ته اُن سنڌ ۾ اسان تصوف کي پنهنجو رهنما اصول ضرور بڻائينداسين.

 

س: 14 آگسٽ تي صدارتي ايوارڊ ”ستاره امتياز“ ۽ پنج (5) لک ڪيش ٺُڪرائڻ جو ڇا سبب هو؟

ج: ان ڏينهن صبح جو هڪ خانگي ٽي وي وارا آيا ۽ چيائون ته سرڪار توهان کي ستاره امتياز ۽ پنج لک جي انعام سان نوازيو آهي توهان کي ڪيتري خوشي ٿي آهي؟ مون کين چيو ته مون جيڪو به لکيو آهي پنهنجو فرض سمجهي لکيو آهي. سو ان جي لاءِ مون ڪڏهن ايوارڊ يا انعام جي ڪابه توقع نه ڪئي آهي. منهنجي ڌرتي پاڻي لاءِ پياسي آهي، منهنجا هندو سنڌي ڀاءُ بدامني سبب مون کي ڇڏي ڀارت پيا وڃن منهنجا هٿ زنجيرن ۾ ٻڌل آهن. اهڙي حالتن ۾ مان ان انعام ۽ ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ٿو ڪريان ان تي صحافي پڇيو ته توهان وري به سوچيو ....! ته مون ان کي واڻيو ته مئل گڏهه جو ڍونڍ پيو هجي مان کائڻ کان انڪار ڪريان ۽ منهنجي زال پڇي ته سوچجو.....! ته مان بجاءِ سوچڻ جي هڪ ئي سيڪنڊ ۾ انڪار ڪندم. سو ان ايوارڊ ۽ انعام جي حيثيت منهنجي لاءِ ان مئل گڏهه جي ڍونڍ واري آهي. جنهن کي وٺڻ لاءِ سوچي به نٿو سگهجي.