عام معاشيت جو انسان جي زندگي ۾ اهم ڪردار آهي:ڊاڪٽر نانڪ رام

صابر علي ٻرڙو

ڊاڪٽر نانڪ رام پرائمري تعليم ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ماتلي هاءِ اسڪول، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان ۽ ايم اي اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي ان کان پوءِ 1992ع ۾ اڪنامڪس شعبي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو جتي هن وقت پاڻ پروفيسر جي حيثيت ۾ پڙهائي رهيو آهي ۽ ان سان گڏ شعبي جو چيئرمين پڻ آهي. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه پيش ڪجي ٿي.

 

س: اوهان جي نظر ۾ اڪنامڪس شعبي کي ڪيتري اهميت حاصل آهي؟

ج: هي شعبو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندڙ شعبو آهي. ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ دنيا ۾ جيڪي به مسئلا آهن اهي صرف سماجي نه رهيا آهن پر معاشي ٿي ويا آهن. تنهن ڪري علم معاشيات اسان جي روز مرهه جي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

 

س: اڪنامڪس شعبي مان پڙهي ويل شاگردن لاءِ مستقبل ۾ ڪهڙا موقعا آهن؟

ج: مختلف جيڪي به سيڪٽر آهن، بينڪنگ، انڊسٽريز هيومن ريسورسز مئنيجمينٽ ۽ اين جي اوز آهن انهن سڀني شعبن ۾ اڪنامڪس جي شاگردن لاءِ روزگار جا موقعا ميسر هوندا آهن.

 

س: پاڪستان ۾ هن وقت هلندڙ معاشي بحران جا ڪهڙا سبب آهن؟

ج: اسان وٽ ڊائريڪٽ  ”فارين انويسٽمينٽ نه ٿي ٿئي“ ۽ اسان وٽ (پاور سيڪٽر) بجلي، گئس جي کوٽ آهي انهن شين جي ڪري معاشي مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن.

 

س: پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو ملڪ جي معيشت تي ڪهڙو اثر پوي ٿو؟

ج: دهشتگردي بين الاقوامي فنامنا آهي. اها دنيا جي ڪهڙي به ملڪ ۾ هجي. ملڪ ۾ امن امان نه هوندو ته روز روز هڙتالون ٿينديون، اهڙي قسم جي ماحول سان ماڻهن ۾ بي چيني پيدا ٿيندي ۽ ماڻهن ۾ ڪم ڪرڻ جو اتساهه نه هوندو. هڪ ڏينهن هڙتال ٿئي ٿي ته اربين روپين جو نقصان ٿئي ٿو. اهڙن قسمن جي ڪمن جي ڪري ڪيترائي معاشي مسئلا پيدا ٿين ٿا.

 

س: پاڪستاني روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهي ٿو ان جو اسان جي معاشي حالتن تي ڪهڙو اثر پوي ٿو؟

ج: اسان ڪابه شيءِ ٻاهرين ملڪن کان خريد ڪيون ٿا ته ان جي ادائگي ڊالرن ۾ ڪرڻي پوي ٿي ۽ جڏهن روپئي جي قيمت گهٽجي ويندي آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيندو آهي پوءِ اسان کي وڌيڪ پئسو ڏيڻو پوندو آهي.

 

س: پاڪ ايران معاهدو ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جي معيشت لاءِ ڪيترو فائديمند ثابت ٿيندو؟

ج: ڪافي عرصي کان وٺي پاڪ ايران معاهدي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر اهو معاهدو آمريڪا جي دٻاءُ جي ڪري رڪيل هو. هاڻي صدر آصف علي زرداري ان کي بحال ڪيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ توانائي جي کوٽ آهي مستقبل ۾ هن معاهدي ٿيڻ سان اها پوري ٿي ويندي ۽ هن معاهدي سان اسان جي معاشي صورتحال بهتر ٿيندي.