دين کي سمجهڻ سان پنهنجي سوچ پيدا ٿي ويندي آهي:حافظ مختيار احمد

جواد ميراڻي

حافظ مختيار احمد ڪانڌڙو شڪارپور ۾ 12 نومبر 1975ع ۾ ان خاندان جي اندر اک کولي جتي ڪوبه تعليم جي زيور سان آراسته نه هو، ان جي پرورش ان مقصد کي سامهون  رکي ڪئي ويئي ته ان کي تعليم حاصل ڪري پنهنجي خاندان ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻو آهي.

حافظ مختيار احمد ڪانڌڙو پڻ پنهنجي والدين جي اميدن تي پورو لٿو هن بهتر کان بهتر تعليم حاصل ڪئي ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ اسلاميات جي شعبي ۾ استاد جي حيثيت سان شاگردن کي پڙهائيندي  پنهنجو فرض ادا ڪري رهيو آهي.

يورپ جي ماڻهن جا رويا اسان کان بهتر آهن. تعليم کي آزاد ۽ خود مختيار بڻائي، اسين تعليم ۾ ذاتي طور سنجيده ٿي ترقي جي راهه تي تيزي سان سفر ڪري اڳتي وڌي سگهون ٿا.

س: اوهان جو تعارف ڄاڻڻ چاهينداسين؟

ج: منهنجو مختصر تعارف اهو ئي آهي ته منهنجو نالو مختيار احمد ۽ منهنجي پيدائش 12 نومبر 1975ع شڪارپور ۾ ٿي.

س: اوهان تعليم ڪٿان ڪٿان حاصل ڪئي؟

ج: مان پرائمري تعليم مهشو ڪبو مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ شاهه لطيف اسڪول شڪارپور ۽ انٽر سي اينڊ سي ڪاليج شڪارپور مان حاصل ڪئي.

س: وڌيڪ پڙهائي لاءِ ڪيڏانهن رخ اختيار ڪيو؟

ج: مون عربي ۾ ايم اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪئي جڏهن ته اسلاميات ۾ ايم اي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪئي. ٻنهي يونيورسٽين مان پوزيشن کنئي.

س: اوهين سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪڏهن داخل ٿيا؟

ج: مون سنڌ يونيورسٽي ۾ 2006ع ۾ اسلاميات جي استاد جي حيثيت سان چونڊيو ويس.

س: اوهان ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري ڪٿان حاصل ڪئي؟

ج: آئون 2007ع ۾ جي اي ٽي پاس ڪئي ۽ يونيورسٽي جي طرفان اسڪالرشپ تي مون کي يورپ موڪليو ويو جتي يونيورسٽي آف ايڊن برا اسڪاٽ لينڊ ۾ مون پي ايڇ ڊي ڪئي.

س: اسلامي ملڪ هجڻ جي باوجود اوهان يورپ مان پي ايڇ ڊي ڪئي، ڪا خاص وجهه؟

ج: يورپ ۾ تمام گهڻا اسلامي ادارا موجود آهن ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته تعليمي حوالي کان هو اسان کان تمام گهڻو اڳتي آهن.

س: اوهين جڏهن يورپ ۾ پڙهائي لاءِ پهتا ته اوهان کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش آيون؟

ج: ڪي خاص مشڪلاتون ته پيش نه آيون صرف انهن جو لهجو سمجهڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ غور ڪرڻو پوندو هو.

س: اسان جي ۽ يورپ جي تعليم ۾ ڪهڙو واضح فرق نظر آيو؟

ج: اسين تحقيق ڪري تقليد ڪندا آهيون جڏهن ته هو تحقيق ڪري مختلف شيون تخليق ڪندا آهن. اسان جي تعليم تي سياست، فرقيواريت ۽ تعصب پرستي حاوي آهي جڏهن ته هو انهن شين کان بالاتر ٿي ۽ بهترين رويا اختيار ڪري سنجيده تعليم ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن.

س: پاڪستان کان علاوه اتي اوهان کي ڪهڙن ملڪن جا شاگرد نظر آيا؟

ج: اتي وڌ کان وڌ مسلمان ملڪن کان آيل شاگرد نظر اچي رهيا هئا جهڙوڪ: مصر، اردن، انڊونيشيا، سعودي عرب، ايران، فلسطين ۽ اتان جا خود مسلمان پڙهي رهيا آهن.

س: اوهان پنهنجي گهڻي توجهه ديني سرگرمين تي ڏني آهي، جڏهن ته سماج به اسان کي گهڻيون شيون سيکاري ٿو؟

ج: بلڪل سماج به اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو پر دين کي مڪمل سمجهڻ سان سماجي سوچ خود ئي پيدا ٿي ويندي آهي ۽ دين ۾ هر مسئلي جو حل موجود آهي جيڪڏهن اوهين ميانه روي اختيار ڪندي ته بهترين سماجي ڪارڪن ٿي سامهون اچي سگهو ٿا.

س: اسين جيڪڏهن پنهنجي تعليمي ادارن کي انهن جهڙو بڻايون ته ڪهڙين شين تي نظر رکڻي پوندي؟

ج: پنهنجي تعليمي ادارن کي انهن جهڙو بڻائڻو آهي ته قومي طور تي گڏ ٿيڻو پوندو ۽ تعليم کي آزاد ۽ خودمختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ اسان کي ذاتي طور تي تعليم سان سنجيده ٿيڻو پوندو.*