جنهن وقت جو قدر ڪيو انهن پنهنجي زندگي سواري ڇڏي:امام الدين کوسو

قنديل مسرور

س: اوهان پنهنجو مختصر تعارف ڪرائيندا؟

ج: منهنجو جنم نصيرآباد شهر ۾ ٿيو ۽ آءُ هڪ ڳوٺاڻي خاندان سان واسطو رکان ٿو، منهجو والد هارپو ڪندو هو، مون پنهنجي ابتدائي تعليم پرائمري کان وٺي اٺين تائين نصير آباد مان حاصل ڪئي ۽ گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن  سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، مان ان ڳالهه تي فخر محسوس ڪندو آهيان ته مان فيڪلٽي پوزيشن کڻندڙ ۽ گولڊ ميڊلسٽ آهيان. مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ جاپان ويس ۽ سن 2008ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ پوسٽ ڊاڪٽريٽ 2012ع ۾ ڪئنيڊا مان ڪئي.

س: پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ کان پوءِ اڳتي اوهان جو ڪهڙو پروگرام آهي؟

ج: منهجو خيال آهي ته مان ريسرچ ورڪ ڪريان ۽ منهنجو وڏو ٽارگيٽ اهو آهي ته مان ٻارن جي رهبري ۽ رهنمائيءَ لاءِ ڪتاب لکان ته جيئن آءِ بي اي جا شاگرد، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا شاگرد ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.

س: آءِ بي اي شعبي جي شاگردن لاءِ مستقبل ۾ روزگار جا ڪهڙا موقعا آهن؟

ج: آءِ بي اي جي شاگردن لاءِ هر فيلڊ کليل آهي، اهي هر فيلڊ ۾ پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي سٺي نوڪري حاصل ڪري سگهن ٿا، آءِ بي اي جا هونهار شاگرد مختلف ايڊمنسٽريشن فليڊز ۾ آهن، انهن شاگردن مختلف محڪمن جا امتحان پاس ڪري سٺيون پوزيشنون حاصل ڪيون آهن، آءِ بي اي جا شاگرد سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪري ملڪي انتظامن ۾ پنهنجو فرض نهايت خوش اسلوبي سان سرانجام ڏئي رهيا آهن، اسان جي پڙهائي جو ايڏو سخت ۽ اعليٰ معيار آهي جو آءِ بي اي جي شاگردن لاءِ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪرڻ نهايت ئي آسان ٿي ويندو آهي.

آءِ بي اي جي شاگردن جون گهڻي کان گهڻيون نوڪريون ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ آهن جيئن بئنڪ، ڪنزيومر انڊسٽري وغيره.

 آءِ بي اي جا شاگرد مختلف انڊسٽريز، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا. منهنجي خيال ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن پڙهڻ وارن شاگردن جو مستقبل روشن آهي.

س: آءِ بي اي ۾ پڙهائجندڙ ڪورسن مان توهان مطمئن آهيو؟

ج: نه بلڪل نه مان شعبي ۾ پڙهائجندڙ ڪورس مان بلڪل به مطمئن نه آهيان، مان چاهيان ٿو ته دنيا اندر جيڪي بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ تبديليون اچن پيون يا جيڪي نيون ٿيوريز اچن پيون انهن کي آءِ بي اي جي ڪورس ۾ شامل ڪرايان.

س: توهان جي اچڻ کان پوءِ شعبي ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون آهن؟

ج: هن شعبي ۾ منهنجي ڊائريڪٽر مقرر ٿيڻ کان پوءِ هتي سينٽرلائيزڊ ڊجيٽل لائبريري ٺهي آهي، جيڪا مڪمل طور تي ايئرڪنڊيشنڊ آهي، ان کان علاوه اسان ڊپارٽمينٽ ۾ شاگردن کي واءِ فاءِ (Wifi) جي سهوليت پڻ مهيا ڪري ڏني آهي، ان ڪري شاگردن جي رسائي سڄي دنيا جي بهترين لائبريرين تائين ٿي وئي آهي.

ان کان علاوه  اسان جو هڪ ٻيو بهترين ۽ ڪامياب ڪارنامو اهو آهي ته اسان (AMU) ڪمپني سان سلهاڙيل آهيون، انهيءَ ڪمپني ۾ اسان جي شعبي جي 85 شاگردن کي نوڪري پڻ ملي آهي، اسان هتي پڙهائڻ سان گڏوگڏ شاگردن جي روزگار جو مسئلو به حل ڪري رهيا آهيون، ان کان سواءِ اسان شاگردن کي مختلف ڪمپنين، سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن ۾ انٽرنشپ پڻ ڪرائيندا آهيون.

س: اوهان ڪهڙا نوان پروگرام متعارف ڪرايا آهن؟

ج: اسان شاگردن لاءِ ڪيترائي نوان پروگرام متعارف ڪرايا آهن خاص  طور تي ايگزيڪيوٽو ايم بي اي ۽ ايم بي اي مينيجمينٽ جي پروگرام جي رٿا بندي پڻ عمل هيٺ آهي، جلد ئي مينيجمينٽ جو پروگرام شروع ڪنداسين.

س: شاگرد فائننشل مئنيجمينٽ کي ڪيئن ڏسن ٿا؟

ج: فائننشل مئنيجمينٽ هڪ اهڙو موضوع آهي جيڪو پوري دنيا تي حاوي  آهي، شاگردن کي اها ڄاڻ آهي ته دنيا اندر جيڪڏهن ترقي ڪرڻي آهي ته ان کي چڱي ريت پڙهڻو سمجهڻو پوندو.

س: ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪي ادارا ۽ انڊسٽريز آهن انهن سان اوهان جا ڪيترا تعلقات پيدا ٿيا آهن؟

ج: ٻاهرين ملڪن جون جيڪي به انڊسٽريز ۽ ادارا آهن انهن سان ته اسان جو في الحال سڌو سنئون ڪوبه رابطو نه آهي، ان جي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن، مختلف بين الاقوامي يونيورسٽيون، مختلف ملڪ ۽ ادارا مختلف قسم جون اسڪالرشپون انائونس ڪندا آهن. اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي شعبي جي لائق شاگردن کي اهي اسڪالرشپون ملن ان ڪري ان سلسلي ۾ انهن جي هر ممڪن مدد ڪندا آهيون.

س: ملڪي انڊسٽريز ۾ نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ شاگردن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

ج: ڊگري هولڊر شاگرد ذاتي طور تي ڪوششون وٺن ۽ اسان سان پڻ رابطي ۾ رهن ته جيئن سندن هر ممڪن حد تائين مدد ڪري سگهون.

س: شاگردن لاءِ اوهان ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

ج: سڀ کان وڏي ۽ قيمتي شيءِ جيڪا آهي اها آهي وقت، جنهن وقت جو قدر ڪيو ان ڄڻ ته پنهنجي زندگي سنواري ڇڏي، ان لاءِ ضروري آهي ته شاگرد پنهنجي وقت کي اجايو نه وڃائين ۽ مٿن جيڪا پڙهڻ جي ذميواري رکيل آهي ان کي نڀائين، سخت محنت ڪن ڇاڪاڻ ته زندگي جي مارڪيٽ ڏاڍي ڏکي آهي، ان ۾ زندهه رهڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪريو، جيتري محنت ڪندؤ اوتري گهڻي ڄاڻ حاصل ڪندؤ. محنت سان ئي ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي.

اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان کوڙ سارين مصروفيتن جي باوجود  پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون اسان کي عنايت ڪيون ۽ اوهان جون ڳالهيون شاگردن لاءِ مشعل راهه ثابت ٿينديون.