جاويد سومرو

عائشه ڪيريو

جاويد سومرو سنڌ يونيورسٽي جي شعبي هيلٿ ۽ فزيڪل سائنسز جو هڪ محنتي، شاگردن سان اخلاق سان پيش اچڻ وارو، شاگردن جي هر مسئلي کي اوليت ڏيڻ وارو ۽ پنهنجي سبجيڪٽ تي عبور رکڻ وارو استاد آهي.

 جنهن فٽ بال جي راند ۾ پنهنجو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو نالو روشن ڪيو. جاويد سومرو پنهنجي شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول شهداد ڪوٽ مان حاصل ڪئي، 1995ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول شهداد ڪوٽ مان حاصل ڪئي، انٽر گورنمينٽ ڪاليج قمبر شهداد ڪوٽ مان ڪئي ان کان پوءِ بي ايس سي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان ڪيائين.

 

س: هيلٿ ۽ فزيڪل سائنسز تعليم جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

ج: هيلٿ ۽ فزيڪل سائنسز شعبو شاگردن جي ذهني ۽ جسماني نشونما ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته پڙهائي سان گڏوگڏ ورزش ۽ رانديون به تمام ضروري آهن، راندين جي ڪري شاگردن جو ڪافي بيمارين کان بچاءُ ٿئي ٿو ۽ اسانجو نوجوان تندرست هوندو ته اسانجو معاشرو به صحتمند ٿيندو ان ڪري اسان جي زندگي ۾ هن شعبي جي تمام گهڻي اهميت آهي.

س: اڄڪلهه جي شاگردن جي باري ۾ توهان جي ڇا راءِ آهي؟

ج: اڄڪلهه جا شاگرد تمام سست ٿا رهن اهي پنهنجي پڙهائي سان سچا ناهن هوندا. جنهن جي ڪري پڙهائي پوئتي ٿيو ٿي وڃي.

س: توهان ڇوڪرين جي تعليم جي باري ۾ ڇا چوندا؟

ج: ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ گهرجي ڇو ته ڇوڪريون پڙهيل لکيل هونديون ته ايندڙ نسل جي تربيت سُٺي نموني ٿيندي.

س: سنڌ يونيورسٽي جي حالتن جي باري توهان جي ڇا راءِ آهي؟

ج: اڄڪلهه جي شاگردن جو گهڻو رجحان سياست ۾ آهي، هو پنهنجي پڙهائي کان بي خبر ٿا رهن، اڪثر شاگرد گهڻو وقت رڳو ڪچهري ڪلچر ۾ وڃائين ٿا.

س: اسان جي معاشري ۾ راندين کي ڪابه اهميت حاصل ناهي ان جي باري ۾ توهان ڇا چوندا؟

ج: لکھو گے پڑھو گے بنوگے نواب، کھیلوگے کودوگے بنوگے خراب اسان ننڍپڻ کان اهو محاورو ٻڌندا پيا اچون. انهيءَ ڪري اسان جي ملڪ ۾ سواءِ ڪرڪيٽ جي ٻي ڪنهن به راند کي ڪابه اهميت ناهي. فٽ بال غريب گهراڻي جي راند آهي. جنهن تي ڪنهن جي ايتري توجهه ناهي. سهولتون تمام گهٽ آهن ۽ گورنمينٽ جي به ڪا توجهه ناهي.

س: توهان جي زندگي جو ڪو خوبصورت واقعو جيڪو هميشه ياد رهي؟

ج: 2000ع ۾ جڏهن مان فٽ بال ٽيم جو ڪئپٽن هئس تڏهن آل پاڪستان يونيورسٽي گيمز ٿيون هيون جنهن ۾ اسان جي سنڌ يونيورسٽي فٽ بال ٽيم ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. اهو منهنجي زندگي جو خوبصورت ۽ يادگار واقعو هو.

س: شاگردن لاءِ ڪو پيغام؟

ج: شاگردن کي گهرجي ته تمام گهڻي محنت ڪن، محنت سان ئي ڪاميابي ملي ٿي.