درگاھ احمد شاھ لڪياري:سيد محبوب علي شاھ لڪياري

غلام مرتضا مڱريو

جن وڏا ڪم ڪيا سي تري ويا تار، پهتا وڃي پار سين“  

 سيد محبوب علي شاهه لڪياري جو شمار ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سائين جن پاڻ شاعر سان گڏوگڏ صوفي بزرگ پڻ آهن، سائين جا هزارين مريد آهن، جن کي پاڻ هميشه پيار ۽ محبت جو درس ڏيندا آهن، سندن شاعري ۾ به پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ملي ٿو.

 

س: سائين سڀ کان پهرين پنهنجو تعارف ڪرايو؟

ج: نالو سيد محبوب علي شاهه لڪياري، گادي نشين درگاهه احمد شاهه لڪياري ڄامشورو، پيدائش 10 فيبروري 1953ع درگاهه ميهر شاهه بخاري نوابشاهه.

سوال: سائين توهان شروعاتي تعليم ڪٿان حاصل ڪئي ۽ اها ڪيتري آهي؟

جواب: مون شروعاتي تعليم درگاهه ميهر شاهه مان ۽ ميٽرڪ ڊي سي اسڪول نوابشاهه مان حاصل ڪئي، منهنجي تعليم ميٽرڪ ئي آهي.

س: اوهان جي پسند جو شاعر ڪهڙو آهي؟

ج: هونئن تي سنڌ ۾ ڪيترائي وڏا شاعرا آهن، پر منهنجو پسنديده شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه آهي.

س: اوهان جي پسند جو ڪتاب ڪهڙو آهي، جيڪو اوهان کي بيحد وڻيو؟

ج: قرآن مجيد، شاهه جو رسالو ۽ فقر و گنج لڪياري.

س: سائين توهان ڪنهن جي شاعري کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي؟

ج: مون شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ سيد احمد شاهه کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪئي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي.

س: توهان جي شاعري ڪيتري آهي، ڇا ڪو اوهان جو ڪتاب شايع ٿيو آهي؟

ج: هڪ سئو کان وڌيڪ غزل، بيت ۽ وايون لکيون آهن، پر اڃا تائين منهنجو ڪوبه ڪتاب شايع ناهي ٿيو، مون پنهنجي شاعري ۾ پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، جيڪو موجوده دور جي اهم ضرورت آهي.

 س: هڪ صوفي معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؟

ج: هن بيمار معاشري جو علاج صوفي ازم کانسواءِ ناممڪن آهي، لطيف سرڪار جي فڪر تي عمل ڪندي دنيا مان دهشتگردي، انتهاپسندي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو ۽ پيار، محبت ۽ امن جي درس واري پيغام کي عام ڪري سگهجي ٿو.

س: پاڪستان سميت دنيا ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو سبب ڇا آهي اوهان جي نظر ۾ ۽ ان جو خاتمو ڪيئن آڻي سگهجي ٿو؟

ج: ملڪ ۾ دهشتگردي کي ٻنجو ۽ انقلاب تڏهن ايندو، جڏهن خير خواهه ۽ سچن ماڻهن کي اڳيان آڻبو، اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن اسان انهن سچن ماڻهن ۽ هيرن کي سڃاڻون ۽ انهن جي پرک ڪريون، جيڪو ڌڻ بنا ڌڻي جي هوندو، ان سان ايئن ٿيندو رهندو، جيئن پاڪستان جي قوم سان ٿي رهيو آهي، جيسيتائين اسان سڀ نه جاڳنداسون، اسان سان ايئن ٿيندو رهندو، ڪجهه ماڻهن جي سجاڳ ٿيڻ سان فرق نه پوندو، هينئر معاشرو انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو بڻجي چڪو آهي، ملڪ جي ٻيڙي جهڙي طريقي سان هلي رهي آهي، ان سان ايئن نه ٿو لڳي ته اها ڪڏهن پار پوندي.

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”رڍن جي ڌڻ کي هلائڻ لاءِ بگهڙن کي اڳواڻ ڪيو ويو آهي“ هن ملڪ ۾ به اهو ئي سسٽم هلي رهيو آهي، انقلاب تڏهن برپا ٿيندا آهن، جڏهن ڪو سچائي سان اڳتي وڌي ۽ بديءَ کي للڪاري، انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ اهليت وارا اڳواڻ گهرجن ۽ اهڙا مرد مجاهد ملڻ ڏکيا آهن، هن وقت دجالي دور هلي رهيو آهي، الله جي پيارن جي صدقي هي جهان هلي رهيو آهي، دعا آهي ته دهشتگردي جو خاتمو ٿئي ۽ ملڪ ۾ امن اچي.

س: توهان شاعر سان گڏوگڏ درگاهه جا گادي نشين پڻ آهيو، اوهان مريدن کي ڪهڙو درس ڏيندا آهيو؟

ج: مان مريدن کي هميشه پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندو آهيان ۽ کين تاڪيد ڪندو آهيان ته پاڙي وارن سان بهتر سلوڪ اختيار ڪيو وڃي.

س: سائين آخري ۾ اوهان جو ڪو شاگردن لاءِ پيغام؟

ج: پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏئي سنڌ جي خوشحالي ۽ ان جي حقن جي حاصلات ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ۽ انسانيت جي خدمت ڪندا رهو.*