زندگي جي هر پهلو کي سمجهڻ لا۽ بايو ڪميسٽري ضروري آهي:الله بخش گهانگهرو

ناديه پٺاڻ

س: بايو ڪيمسٽري ۽ ڪيمسٽري شعبي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

ج: ڪيمسٽري ۾ مادي شين جو مطالعو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته بايو ڪيمسٽري (بايو) مطلب ”زندگي“ آهي. زندگي متعلق ڄاڻڻ کي بايو ڪيميسٽري چئبو آهي. هن شعبي ۾ زندگي جا راز پروڙڻ وارا علم پڙهايا ويندا آهن. بايو ڪيمسٽري جو اسڪوپ ايترو ته وسيع آهي، جيتري زندگي بذات خود وسيع آهي.

س: بايو ڪيمسٽري کي سمجهڻ سان اسان جي معاشري ۽ زندگي تي ڪهڙو اثر پوي ٿو؟

ج: بايو ڪيمسٽري جو علم اسان جي زندگي کي بهتر ڪري ٿو، زندگي جي هر پهلو کي سمجهڻ لاءِ بايو ڪيمسٽري ضروري آهي صرف جسماني بناوٽ نه پر ان جي غذا، ان جون بيماريون، ان جي صحتيابي، ان جو علاج سڀ بايو ڪيمسٽري سان وابسته آهن. جنهن جو علم معاشرتي زندگي کي صحتياب رکي ٿو. جتي جتي زندگي آهي اُتي اُتي بايو ڪيمسٽري آهي.

س: بايو ڪيمسٽري جي هن دؤر ۾ ڪيتري اهميت آهي ۽ هتان پڙهڻ وارن شاگردن لاءِ روزگار جا ڪيترا موقعا آهن؟

ج: هن دؤر ۾ هي سبجيڪٽ نهايت اهميت رکي ٿو ته ٻئي طرف نوڪري جا ڪيترائي موقعا پڻ اچن ٿا. هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليجن ۾ به هي سبجيڪٽ پڙهايو وڃي ٿو ۽ پرائيويٽ ڪاليجن، اين جي اوز، اسپتال ۽ ليبارٽريز ۾ نوڪري لاءِ هي سبجيڪٽ اهميت رکي ٿو.

س: توهان جو هن فيلڊ ۾ اچڻ دلچسپي هئي يا اتفاق؟

ج: شروع ۾ هن شعبي ۾ نوڪري جا موقعا گهٽ هئا، جنهنڪري منهنجو ذاتي شوق نه هو. پنهنجي استاد جي رهنمائي سان هن فيلڊ ۾ آيس جنهن مونکي همت ڏياري ۽ ان شعبي جي اهميت سمجهائي.

س: توهان هن شعبي جي ترقيءَ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟

ج: ڊائريڪٽر جي چارج وٺڻ کانپوءِ اسان سليبس هن شعبي جي ضرورت مطابق رکيو آهي. نصاب کي وقت جي ضرورت مطابق ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ نيوٽريشن فوڊ ٽيڪنالاجي جي ريسرچ جو رجحان وڌايو آهي ۽ ڪجهه ريسرچ ليبارٽريز به قائم ڪيون ويون آهن. ان سان گڏوگڏ سنڌ گورنمينٽ جي پروجيڪٽ اينٽي سنيڪ وينم جي تعاون سان نانگ کان ڏنگيل ماڻهن جي دوا تيار ڪرائي پئي وڃي، ان  ۾ استادن ۽ شاگردن جو به تعاون آهي. هڪڙي ڳالهه آئون توهان سان شيئر ڪندو هلان ته هن وقت بايو ڪيمسٽري جي شعبي ۾ 700 سؤ شاگرد پڙهي رهيا آهن، ان مان بايو ڪيمسٽري شعبي جي اسڪوپ، هتان جي پڙهائي جي معيار جو اندازو لڳائي سگهو ٿا.

س: توهان جي ڪاميابي جو راز ڇا آهي؟

ج: منهجي ڪاميابي پنهنجي والد صاحب جي محنت ۽ جدوجهد جو نتيجو آهي، جنهن جي ڪري آئون هن عهدي تي آهيان. ڳوٺ ۾ آئون پهريون ڇوڪرو هئس جنهن مئٽرڪ پاس ڪئي، منهنجي والد تمام تڪليفون سهي، قربانيون ڏئي مون کي پڙهايو. دنيا جي هر والدين کي پنهنجي اولاد لاءِ اهڙي سوچ رکڻ گهرجي.

س: اڄڪلهه جي شاگردن لاءِ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

ج: جيڪڏهن شاگردن کي استاد ۽ والدين جي طرفان ڀرپور رهنمائي ملي ته هو پنهنجي زندگي ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. آئون آخر ۾ اهو چوندس جيستائين شاگرد محنت نه ڪندو، تيستائين ڪامياب نه ٿي سگهندو. شاگردن کي اها پڻ صلاح ڏيندس ته پنهنجو قيمتي وقت پڙهائي تي ڏين ته جيئن هنن جي مائٽن جون اميدون پوريون ٿي سگهن ۽ سندن آئيندو به روشن ٿي سگهي.*