انگريزي ۾ جاڻ هجڻ تمام ضروري آهي:محمد نوناري

ساجد علي سولنگي

محمد علي نوناري جو تعلق ڳوٺ حيدر چانڊيو، تعلقه ميروخان، ضلع لاڙڪاڻو سان آهي. شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ گورنمينٽ مڊل اسڪول حيدر چانڊئي مان حاصل ڪئي.

ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه مان ڪئي ۽ 1994ع ۾ انٽر آرمي ڪاليج بدين ڪينٽ مان ڪئي ۽ بي-اي ۽ ايم-اي انگلش ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي.

بي ايڊ ۽ ايم ايڊ ڪرڻ کان پوءِ 2005ع ۾ پاڻ گورنمينٽ مسلم سائنس ڊگري ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار طور ڀرتي ٿيا ۽ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، پاڻ قاسم آباد جي هڪ اڀرندڙ اداري ”ٽائيمز اڪيڊمي“ جا اڳواڻ به آهن، سندن روشني سان ڪيل ڳالهه ٻولهه پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.

 

س: توهان جي نظر ۾ انگريزي شعبي کي ڪيتري اهميت حاصل آهي؟

ج: اصل ۾ انگريزي شعبي کي تمام گهڻي اهميت ان ڪري آهي ڇو ته انگريزي ۾ ڄاڻ هجڻ سان هر شاگرد کي ٻين سبجيڪٽن کي پڙهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ۽ انگريزي شعبو Humanities” ۽ ان کي اسين هاڻي Social Science به چئون ٿا پر جڏهن انگريزي شعبي کي Pure Science شعبن سان ڀيٽيون ته خبر پوي ٿي ته Pure Science جي اهميت وڌيڪ آهي، اها اهميت وڌيڪ ان ڪري آهي ته اسان جي ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ان شعبن ۾ نوڪرين جا موقعا وڌيڪ آهن.

س: انگلش شعبي مان پڙهي ويل شاگردن لاءِ مستقبل ۾ ڪهڙا موقعا آهن؟

ج: منهنجي خيال ۾ ته عام تاثر اهو آهي ته انگلش شعبي مان پڙهي ويل شاگردن لاءِ مستقبل ۾ موقعا ٻين شعبن کان گهٽ آهن، سواءِ ليڪچرار ٿيڻ يا وري انهن کي پي سي ايس ۽ سي ايس ايس ۾ اڳڀرائي حاصل ٿئي ٿي.

هونءَ ته مستقبل ۾ موقعا کوڙ سارا آهن جيئن صحافت، ميڊيا پبليڪيشن يا بزنس پر ان ۾ اها Approach ته نٿي سيکاري وڃي جنهن سان انهن شعبن ۾ پاڻ کي مڃائي سگهجي.

س: سنڌ ۾ اوهان جي نظر ۾ شاگردن جو لاڙو انگريزي ڏانهن ڪيتري حد تائين آهي؟

ج: اهو خيال هن دور ۾ عام آهي ته English Language is a Currency” ان روشني ۾ ڏسبو ته هاڻي سنڌ ۾ شاگردن جو لاڙو انگريزي ڏانهن تمام گهڻو وڌندڙ نظر اچي ٿو ۽ هر شاگرد جي والدين جو پرائيويٽ اسڪولس ڏانهن وڌندڙ لاڙو ان خيال جي صاف عڪاسي ڪري ٿو ته اسان جا ٻار سٺي انگريزي ڳالهائي سگهن. چين ۽ عرب ملڪن ۾ انگريزي جي وڌيڪ ضرورت هجڻ ڪري شاگردن جو لاڙو انگريزي ڏانهن وڌيو آهي.

س: اڄڪلهه جي شاگردن لاءِ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

ج: منهنجي راءِ اها آهي ته شاگردن کي استاد ۽ والدين جي ڀرپور رهنمائي ملي ته هو پنهنجي زندگي ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا.

۽ آءُ اوهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪو به شاگرد محنت کان سواءِ ڪامياب نه ٿي سگهندو ۽ هو پنهنجو قيمتي وقت فضول ڪمن ۾ استعمال نه ڪن ۽ پنهنجي پڙهڻ کي وقت ڏين ته جيئن هو پنهنجي والدين جي اميدن تي پورو لهي سگهن. شاگردن کي گهرجي ته هو ادب جو لڳاتار مطالعو ڪن، ڇو ته سٺا پڙهندڙ ئي سٺا ليڊر هوندا آهن.

س: توهان جي ڪاميابي جو راز ڇا آهي؟

ج: منهنجي ڪاميابي جو راز منهنجي بابا سائين ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ جي لڳاتار محنت جو نتيجو آهي.

جن بکن ۽ ڏکن جا وقت ڏسي مون کي اعليٰ تعليم لاءِ حيدرآباد موڪليو ۽ ڪامياب ڪيو. جيڪڏهن منهنجو بابا سائين هڪ استاد نه هجي ها ته شايد منهنجو هميشه ”بابا سائين“ وانگر استاد ٿيڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿئي ها.*