عبدالخالق شھيد سومرو
اسد محمد خان خاصخيلي
عبدالخالق ”شهيد“ سومرو 3 آڪٽوبر 1927ع تي ڳوٺ گل محمد آراضي ۾ جنم ورتو، سنڌي فائنل جو امتحان دادو مان پاس ڪيائين ان کان پوءِ حيدرآباد اچي اديب فاضل جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ انقلابي، مزاحمتي ۽ مجازي شاعر آهي، سندن شاعري ۾ تخلص ”شهيد“ آهي، شاعري ۽ ادب بابت سندن ڳالهه ٻولهه پيش ڪجي ٿي.
س: اوهان جي نظر ۾ شاعري ڇا آهي؟
ج: شاعري هڪ تخليق آهي جيڪا توهان جي معاشري ۾ ٿيندڙ براين بابت به ڪري سگهجي ٿي يا ڪنهن ڪردار تي به ڪري سگهجي ٿي.
س: اڄ جي ادب ۾ ۽ 1960ع، 1970ع ۽ 1980ع جي ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ج: 1960ع کان 1970ع تائين اڪثر طور ادب جو مزاحمتي لاڙو وڌيڪ رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت ملڪ اندر مارشل لا هئي ۽ انساني حقن جي لتاڙ ٿيندي رهي آهي ۽ 1970ع کان 1980ع تائين ادبي لاڙو عاشقانه طرز جو رهيو آهي پر اڄ جي ادب ۾ ڪابه نواڻ اچڻ بجاءِ ٻولي جي محاورن ۾ اڪثر طور انگريزي ۽ اردو لفاظي استعمال ڪئي پئي وڃي.
س: ادبي ڪتابن جي پڙهائي جو رجحان ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي ان جو ڪهڙو سبب آهي؟
ج: ملڪ ۾ سائنسي ترقي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي واڌ کان پوءِ ڪتابن جي پڙهائي گهڻي ڀاڱي گهٽجي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ مان ملندڙ ڪتاب مهانگو آهي ۽ ان جي بنسبت انٽرنيٽ تان مواد ڳولهڻ آسان ٿي ويو آهي.
س: ڇا اڄ جو ادب سنڌي معاشري جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو يا نه؟
ج: اڄ جو ادبي ذخيرو جيڪو ڪتابن جي صورت ۾ اچي پيو ان ۾ معاشري جا مسئلا گهٽ ۽ خود ثنائي وڌيڪ آهي، جنهن ڪري ان کي سماج جي عڪاسي نٿو چئي سگهجي. ٻئي طرف سماجي مسئلن جا انبار ۽ ڌاڙا، ڦرون، اغوا، ڪارو ڪاري ۽ رياستي ڏاڍ جي دانهن سان اخبارون ڀريل آهن.
س: ڇا موجوده شاعري ۽ صوفيانه شاعري جو ڪو ميلاپ ڏسجي ٿو؟
ج: صوفيانه شاعري جيڪا خود شناسائي ۽ خدا شناسائي تي منحصر آهي پر اڄوڪي شاعري اڪثر طور بي ادبي جي ڪَڙين جي هڪ ڪَڙي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
س: اڳ جا عاشقانه ڪردار جهڙوڪ سسئي پنهون، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي جيڪي عالمي حيثيت حاصل ڪري چڪا آهن پر اڄ جي ڪنهن ڪرادار کي ايتري پذيرائي ڇو نٿي ملي؟
ج: اڳين ڪردارن ۾ ڪا لالچ ۽ لوڀ نه هئي، اڄ جا ڪردار به ڪي ڪي امر بڻجي چڪا آهن پر انهن جي پذيرائي اڄ جو سماج ڪرڻ ئي نٿو چاهي.
س: شاهه عنايت جي ڪردار ڪهڙي سبب ڪري عالمي حيثيت اختيار ڪئي جنهن کي اوهان پنهنجي شاعري ۾ ۽ ادب ۾ خاص مقام ڏنو آهي؟
ج: شاهه عنايت شهيد جو ڪردار عاشقي، معشوقي وارو نه پر انقلابي ڪردار آهي، جنهن سنڌ جي پيڙهيل طبقي کي علم جي روشني سان منور ڪرڻ پئي چاهيو ۽ سماجي برابري ڏيڻ پئي چاهي، سندن نظريو سماج وادي هو. اهو سبب آهي جو جنهن ڪري مون سميت هر انقلابي شاعر شهيد عنايت کي پنهنجي شاعري ۾ خاص مقام ڏنو آهي.
س: ڇا اڄ جي شاعري ۾ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪري ان جو حل ڏنو پيو وڃي؟
ج: اڄ جي شاعري ۾ ڪافي گمنام شاعر آهن ۽ ٻيا سماجي بيهڪ جي هيٺين درجي ۾ رهندڙ شاعر ۽ اديب جيڪي سنڌ جي سماجي مسئلن کي اجاگر به ڪن ٿا پر مالي بحرانن جي ڪري انهن جي شاعري ۽ ادب منظر عام تي ناهي اچي سگهي.
س: توهان ترقي پسند سوچ رکندڙ شاعر ۽ اديب آهيو ڇا هن وقت به ترقي پسند ادب سِرجي رهيو آهي؟
ج: پُٽ! زمين جي تياري ۽ ٻج جي پوکائي فصل جو روپ ڏيکاريندي آهي، ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو توهان جوئر پوکي ڪڻڪ لُڻو هن وقت زباني ترقي پسندي ته گهڻي آهي پر عمليت ڪانهي.
س: اوهان پڙهندڙن ۽ شاعري جو ذوق رکندڙن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
ج: شاعري روح جا جذبات ۽ روح جي خوراڪ آهي ۽ خوراڪ جيتري پاڪيزه هوندي اوترو روحاني قوت ۽ ادراڪ پختو ٿيندو. فحش شاعري توڙي راڳ اخلاقي پَستيءَ جو ڪارڻ آهي، ان ڪري هميشه بهتر چونڊ ڪئي وڃي.*