هر ميدان ۾ پاڻ کي ميحرايو:سيد محمد علي شاه

سيده ڪنول شاه

سيد محمد علي شاهه ڪراچي جي هڪ ڳوٺ ابراهيم حيدري ۾ ڄائو، پاڻ پرائمري تعليم اتان ئي حاصل ڪئي. ماسٽرس ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين.

پاڻ هڪ سياسي ۽ سماجي شخصيت آهن، هن وقت پاڻ ماهيگيرن جي تنظيم فشر فوڪ فورم جا سربراهه آهن. هفتيوار روشني جي پڙهندڙن لاءِ سيد محمد علي شاهه سان ڪيل ڳالهه ٻولهه پيش ڪجي ٿي.

س: سڀ کان پهرين پنهنجو تعارف ڪرائيندا، ڪٿي پيدا ٿيا ۽ تعليم ڪٿان حاصل ڪئي؟

ج: منهنجي پيدائش ڳوٺ ابراهيم حيدري ۾ ٿي، اسان جا وڏا ٺٽي ضلعي جا هئا، مون پرائمري تعليم ابراهيم حيدري مان حاصل ڪئي، ڪراچي مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي ان کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرس ايڪانامڪس ۾ ڪئي.

 

س: توهان کي ماهيگيرن لاءِ تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم ٺاهڻ ۽ سندس بنيادي حقن لاءِ جدوجهد جو خيال ڪيئن آيو؟

ج: مون کي شروع کان ئي ان ڳالهه جي تڪليف ٿيندي هئي ته ابراهيم حيدري ۾ تعليم جو ڪوبه رجحان نه هو، هتي سنڌي قوم رهي ٿي، اسان جڏهن پڙهياسين ته اسان کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اردو ميڊيم ۾ داخل ٿيڻو پيو.

وڏي ڳالهه اها آهي ته هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هڪ سنڌي اسڪول هوندو هو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بند ٿي ويو.

پوءِ اسان تعليم تي ڪم ڪيو، هتي جي مهاڻن کي تعليم ڏئي، مهاڻن جي تنظيم ٺاهي روزگار ڏنو ۽ ان ڪم ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي، اڄ ابراهيم حيدري ۾ جيڪي به تعليمي ادارا آهن انهن جو بنياد اسان جو رکيل آهي.

 س: سماجي شعور ۽ عوامي حقن لاءِ ڪيل جدوجهد جي نتيجي ۾ توهان جي اولاد ۽ گهروارن تي ڪهڙو اثر ٿيو؟

ج: اصل ۾ جدوجهد قرباني گُهري ٿي، هن تنظيم تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪافي قربانيون ڏنيون هن سڄي عمل دوران گهروارن کي گهٽ وقت ڏنو. هن سڄي جدوجهد ۾ عورتون به شامل آهن ۽ مان پنهنجي گهر کان شروعات ڪئي.

جڏهن اسان رينجرز جي خلاف بدين ۾ جدوجهد پئي ڪئي ته انهيءَ وقت رينجرز مهاڻن تي حملو ڪيو، تڏهن مان اٽلي ۾ هئس تنهن وقت منهنجا ٻار ۽ گهرواري ٻاهر نڪري مهاڻن سان گڏ وڃي بيٺا، انهن جي همٿ افزائي ڪئي ۽ انهن لاءِ ڪافي حد تائين جدوجهد پڻ ڪئي.

 

س: اصل ۾ ماهيگيري آهي ڇا؟

 ج: ماهيگيري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ مٺي پاڻي تي ۽ ٻي کاري پاڻي تي. سڄي دنيا ۾ مڪمل 200 ملين ماڻهو ماهيگيري سان تعلق رکن ٿا. مختلف طريقن سان اسان ماهيگيرن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جڙيل آهيون.

ماهيگير اصل ۾ پاڻي جي اندر وڃي مڇي جو شڪار ڪرڻ آهي. اڄ کان ٽي سال پهرين دنيا جي وڏن سائنسدانن جن سامونڊي ماهيگيري جي حوالي سان تحقيق ڪئي انهن اها ڳالهه واضح طور تي بيان ڪئي ته جهڙي طريقي سان ميرين انوائرنمينٽ جا جيڪي به مسئلا آهن، ميرين ايڪولاجي تباهه پئي ٿئي، اڃا به جي اوور فشنگ جي صورتحال جاري رهي ته دنيا جا سمورا سمنڊ ۽ درياهه 2048ع ۾ خالي ٿي ويندا.

 

س: سنڌ ۾ اڳ ئي تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا آهن، اڳواڻ به وڌيڪ آهن پوءِ توهان نئين طريقي سان ڪم شروع ڇو ڪيو انهن سان گڏ شروعات ڇونه ڪئي؟

 ج: مان بنيادي سياسي ماڻهو آهيان، مون هميشه قوم پرست سياست ڪئي آهي، اڄ تائين يا اڄ کان پوءِ ڪا به سياسي پارٽي ۽ تنظيم عوام جي مدد لاءِ ٻاهر نڪري ٿي ته مان انهن سان گڏ آهيان، چاهي مزدورن جا مسئلا هجن انهن جو مددگار ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪندس.

مون هر شعبي ۾ ڪم ڪيو آهي، ماهيگيري جو شعبو هر طرح سان نظر انداز ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن شعبي کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو جو 40 لک آبادي هن شعبي سان تعلق رکي ٿي، اصل مقصد سڀني ماهيگيرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ آهي.

 

س: سمنڊ ۽ درياهه جي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن جا مسئلا، ۽ پاڻي جي کوٽ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

 ج: جيئن ته مون پهريان به ڳالهه ڪئي ته هن شعبي کي هر طرح سان نظرانداز ڪيو ويو آهي نه ئي هنن کي پاڻي جي سهوليت ميسر آهي، نه ئي تعليم ۽ صحت جي.

اصل ۾ ڪراچيءَ جا وارث ماهيگير آهن مان انهن کي ڪراچي جو بنياد وجهندڙ چوندو آهيان. ڪراچي ڪنهن دور ۾ ماهيگيرن جي بستي هئي ۽ هو اڄ هڪ بين الاقوامي روشنين جو شهر بڻجي چڪو آهي.

 

س: هن ملڪ کي مهاڻا ڪيترو فائدو پهچائين ٿا؟

 ج: مان سمجهان ٿو ته هن وقت ڪُل ساڍا ڇهه لک ميٽرڪ ٽن مڇي جي پيداوار آهي، هن ملڪ ۾ چار لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن سمنڊ مان مڇي ٿئي ٿي ۽ هڪ لک 85 هزار ٽن مٺي پاڻي مان پيدا ٿئي ٿي.

ڪافي تعداد ۾ مڇي ايڪسپورٽ پڻ ڪئي وڃي ٿي، اهڙي طرح ماهيگير هن ملڪ کي مڇي جي صورت ۾ خوراڪ مهيا ڪن ٿا. جيڪا مڇي موڪلي وڃي ٿي ان مان هن ملڪ کي زرعي مبادلو ملي ٿو تقريباً هر سال ماهيگير 500 ارب رپيا فائدو ڏين ٿا.

س: جڏهن مهاڻا شڪار کان واپس اچن ٿا ته انهن کي پنهنجي محنت جو ڦل ملي ٿو جيتري هو محنت ڪن ٿا؟

 ج: اصل ۾ مارڪيٽ جو وڏو مسئلو آهي، واقعي انهن کي مسئلا درپيش اچن ٿا. واپاري انهن جي گرفت ۾ ڦاٿل آهن، اهي انهن کي قرض ڏئي ڦاسائين ٿا.

اسان انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم پيا ڪريون. مارڪيٽ ۾ واپارين جو گهڻو قبضو آهي، تنهنڪري انهن کي صحيح معاوضو نٿو ملي سگهي.

دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هن سيڪٽر تي ڪابه توجهه نه آهي جنهن جي ڪري مارڪيٽ ۾ جنهن جي مونوپولي آهي انهن جي مرضي آهي.

 

س: محمد علي شاهه پاڪستان جي فشر فوڪ فارم جو چيئرمين آهي ان کان هٽي ڪري پاڻ کي ڪيئن ٿا ڏسو، ڪامياب يا ناڪام؟

ج: مان سمجهان ٿو ته هن تنظيم، هن جدوجهد ۽ هن جاکوڙ کان سواءِ محمد علي شاهه ڪجهه به نه آهي منهنجي سڃاڻپ منهنجي جدوجهد ۽ منهنجو ڪم آهي مان اڄ به پاڻ کي ڪامياب شخص سمجهان ٿو ڇو جو ڪڏهن به مايوس ناهيان ٿيندو.

 

س: سنڌ جي نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏيندؤ؟

ج: منهنجو پيغام سنڌ جي نوجوانن لاءِ اهو آهي ته جي سنڌي قوم واقعي دنيا ۾ پاڻ کي مڃرائڻ چاهي ٿي ته تعليم جي ميدان ۾، سياسي ميدان ۾، ترقي جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائين ۽ هر مقابلي لاءِ تيار رهن، منهنجي دُعا آهي ته سنڌ جي هر نياڻي ۽ هر نوجوان هر قدم تي عزت سان ڪامياب ٿئي.*