مسڪين ملاح

غلام مرتضا

سنڌ ڌرتي هونئن ته پنهنجي ڪُک مان ڪيترن ئي عظيم شاعرن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي شاعري ذريعي ڌرتي جي خدمت ۽ ان خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻائڻ ۽ سنڌي قوم ۾ اتساهه پيدا ڪيو آهي.

 اهڙن مزاحمتي شاعرن مان محمد ابراهيم عرف مسڪين ملاح به هڪ آهي، جنهن پنهنجي وِتَ ۽ وس آهر سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي، مسڪين ملاح پنهنجي شاعري ۾ امن، ڀائيچاري ۽ ٻڌي جو درس ڏيندي سنڌ امڙ لاءِ خدمت جو جذبو پيدا ڪيو آهي.

 

 س: توهان جي ابتدائي زندگي ڪيئن گذري؟

ج: منهنجي شروعاتي زندگي بهتر نموني سان گذري، مون مورو تعلقي جي ڳوٺ ملڪ ۾ جنم ورتو ۽ اتان ئي تعليم حاصل ڪئي، وڌيڪ پڙهائي دادو مان حاصل ڪئي.

س: توهان شاعري جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ ڪنهن کان سکيا ورتي؟

ج: شاعري جي شروعات 1985ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ گلڻ ملاح کان حاصل ڪئي. جيڪو پڻ هڪ بهترين شاعر هو ۽ آئون استاد بخاري کان متاثر ٿي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي.

س: توهان ڪهڙين ڪهڙين ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي؟

ج: مون سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي ٻولي ۾ شاعري ڪئي آهي، اردو ۽ سرائيڪي جي بنسبت مون سنڌي ۾ وڌيڪ لکيو آهي.

س: اوهان جي شاعريءَ جا ڪيترا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن؟

ج: منهنجي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، مواد تمام گهڻو آهي، پر غربت سبب ڪتاب ڇپرائي نٿو سگهان، حڪومت مدد ڪري ته وڌيڪ ڪتاب ڇپجي سگهن ٿا.

س: شاعري ۾ اوهان ڪهڙي صنف تي گهڻو لکيو آهي؟

ج: مون سڀ کان وڌيڪ نظم ۽ غزل، وايون بيتن سميت سمورين صنفن تي لکيو آهي.

س: اوهان کي حڪومت طرفان سٺي شاعري تي ڪيترا ايوارڊ ڏنا ويا آهن؟

ج: حڪومت طرفان مون کي 4 ايوارڊ ڏنا ويا آهن، ايوارڊ ڏيڻ بدران حڪومت منهنجا اڻ ڇپيل ڪتاب ڇپرائي ته بهتر ٿيندو.

س: اوهان جي شاعري کي ڪهڙن فنڪارن ڳايو آهي؟

ج: جي، ممتاز لاشاري ۽ منظور سخيراڻي سميت مختلف فنڪارن منهنجا گيت ڳايا آهن.

س: توهان جي شاعري جو گهڻو مقصد ڇا رهيو آهي؟

ج: شاعري جو مقصد سنڌي قوم ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ آهي.

س: اوهان جي نظر ۾ هڪ شاعر لاءِ مطالعو ڪيتري قدر اهم ۽ ضروري آهي؟

ج: هڪ شاعر لاءِ مطالعو آڪسيجن جيان آهي جيڪڏهن ان کي هٽائجي ته انسان جيئرو رهي نه سگهندو، مطالعي کانسواءِ شاعري اڻپوري آهي.

س: نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟

ج: پڙهائي تي ڌيان ڏيو، اجايو وقت وڃائڻ بدران سنڌي قوم لاءِ ڪجهه ڪريو.

وئي محبت ملڪ مان، ماڻهو ويا مٽجي

مٺڙا قرب ماڻهن مان گهڻو ويو آ نڪري

چيم ته جڏهن وڻن تي ويهندا هئا پکي

موٽي هو رات جو ويهندا هئا پکي

نه ڪو وڻ نه ڪو واهيرو اهي اڏاڻا هئا

مسڪين ملاح مسافر موٽي وطن تي ويا اڏاڻا