سچي دل سان محنت ڪرڻ سان هي ڪاميابي ملي ٿي:وسيم احمد سومرو

طاهر مستوئي

لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ وسيم احمد سومرو غريب خاندان سان تعلق رکي ٿو. سندس پيءُ هڪ مزدور آهي. هن 15 جون 1987 ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. 2011 ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ نوڪري ورتائين. 2013 ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اي ايس پي طور نوڪري ڪري رهيو آهي.

س: توهان کي سي ايس ايس جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟

ج: مون گريجوئيشن دوران ئي سي ايس ايس جي تياري شروع ڪئي. سي ايس ايس جو شوق شاهنواز لائيبريري لاڙڪاڻي ۾ ٻين شاگردن کي ڏسي ٿيو.

س: سي ايس ايس جي تياري لاءِ ڪنهن سينٽر ۾ داخلا ورتي يا سيلف اسٽڊي ڪئي؟

ج: مون ڪو سينٽر جوائن نه ڪيو، شاهنواز لائيبريري ۾ دوستن سان گڏجي تياري ڪئي ۽ ڪجهه سينيئر دوستن کان پڻ مدد ملي.

س: سي ايس ايس ڪرڻ دوران ڪهڙا مسئلا پيش آيا؟

جواب: سي ايس ايس جي تياري جي شروعات ۾ صحيح گائڊ نه ملڻ کان علاوه ڪجهه مالي مسئلا پڻ پيش آيا.

س: سي ايس ايس جي تياري لاءِ ڏينهن ۾ پڙهائي کي ڪيترو وقت ڏيندا هئا؟

ج: مان سي ايس ايس جي پڙهائي کي اٺ کان ڏهه ڪلاڪ ڏيندو هئس، بئنڪ ۾ نوڪري ملڻ کان پوءِ چار کان پنج ڪلاڪ سي ايس ايس کي ڏيندو رهيس.

س: سي ايس ايس جي امتحان ۾ پهرين ڀيري ئي پاس ٿيا؟

ج: پهريون ڀيرو مون  2011 ۾ سي ايس ايس جو امتحان ڏنو، جنهن ۾ آئون مضمون نويسي جي پيپر ۾ فيل ٿيس.

س: توهان جي خيال ۾ سي ايس ايس جي شاگرد کي ڪهڙا سبجيڪٽ کڻڻ گهرجن؟

ج: منهنجو خيال آهي ته شاگرد اهي سبجيڪٽ کڻن جيڪي کين  پسند هجن يا انهن ۾ انٽريسٽ رکندڙ هجي. پر ڪوشش ڪجي ته اسڪورنگ سبجيڪٽ کڻجن.

س: چوائس ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا گروپ رکيا؟

ج: مون چوائس ۾ پوليس، ڊي ايم جي، او ايم جي، اڪائونٽس جا گروپ رکيا.

س: توهان هن مليل گروپ مان مطئمن آهيو؟

ج: جي ها بلڪل هن گروپ مان مطئمن آهيان ۽ اهو منهنجو پسند جو گروپ هو.

س: سنڌ جي ان محنتي نوجوان شاگردن لاءِ ڪو پيغام جيڪي سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ آهن؟

ج: آئون سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ شاگردن کي اهو ئي چوڻ چاهيندس ته سچي دل سان محنت ڪن، پاڻ ۽ الله تي يقين رکن. انشاالله پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندا.*