پنهنجو پاڻ تي پختو يقين هجڻ گهر جي: جعفرحسين پنهور

علي رضا شاه

 جعفر حسين پنهور حيدرآباد ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ طالب الموليٰ ڪالوني جو رهاڪو آهي. پاڻ هن ئي ڳوٺ ۾ 23 ڊسمبر 1985ع ۾ پيدا ٿيو ۽ اتان ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هٽڙي مان پاس ڪيائين ۽ انٽر گورنمينٽ مسلم سائنس ڊگري ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين، ان کان پوءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي ماس ڪميونيڪيشن ۾ ڪيائين. ايم اي ڪرڻ کان پوءِ سماءُ ٽي وي چئنل تي هڪ سال رپورٽر طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان انفارميشن آفيسر جو امتحان پاس انفارميشن مقرر ٿيو، هن وقت حيدرآباد ۾ انفارميشن آفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه روشني جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.

 

س: اوهان ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي چونڊ ڇو ڪئي؟

ج: اصل ۾ انهيءَ کي اتفاق چئبو ڇاڪاڻ ته منهنجي ترجيح انگلش شعبو هئي پر ميرٽ لسٽ ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ داخلا ٿي.

س: جڏهن توهان ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ داخل ٿيا ته اوهان ڪيئن محسوس ڪيو؟

ج: ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ داخل ٿيڻ سان ڪجهه عجيب لڳو پر آهستي آهستي سيٽ ٿي ويس جيڪو ڊپ يا خدشا هئا اُهي دور ٿي ويا. جڏهن خبر پئي ته اخبار ڪڍڻ، مئگزين ڪڍڻ، ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ، اسڪرپٽ لکڻ، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا سڀئي سبجيڪٽ ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل سٺي انداز ۾ پڙهايا ۽ ڪرايا ويندا هئا. ان بعد مون کي ماس ڪميونيڪيشن جي شعبي جي چونڊ تي فخر ٿيڻ لڳو.

س: توهان ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ پڙهائي ۾ ڪيئن هئا؟

ج: آئون پڙهائي ۾ شروع جي ٻن سالن ۾ وچولو هئس، ڳوٺاڻو هئڻ ڪري ٿورو شرميلو هوندو هوس، پرزنٽيشن ڪلاس پارٽيسيپيشن وغيره ۾ لڄي ٿيندو هوس. پر ٻن سالن کانپوءِ منهنجي ڪجهه بهترين استادن مون کي همٿ افزائي ڏياري جن ۾ ڊاڪٽر پروفيسر رضوانه چانگ، ميڊم فرحين اشفاق ۽ ميڊم فائزه گُجر وغيره شامل آهن، ان کان پوءِ مون به پڪو پهه ڪيو ته پڙهائي ۾ وسان نه گهٽائبو.

س: اوهان ايڇ ايس سي ۽ سماءُ ٽي وي جي هڪ پبلڪ پرائيويٽ اسڪالرشپ به کنئين ۽ سماءُ ٽي وي پاران اوهان کي هڪ سال لاءِ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ان بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟

ج: جون 2008ع جو اهو ڏينهن منهنجي لاءِ ۽ منهنجي خاندان لاءِ تمام خوشي جوڳو هو جڏهن پوري ملڪ جي يونيورسٽين مان 10 ماس ڪميونيڪيشن جي شاگردن جي چونڊ ڪئي ويئي ته مان ان ۾ سرفهرست هئس جنهن تحت مون کي ايڇ ايس سي پاران 50 هزار روپيا انعام به ڏنو ويو ۽ سماءُ ٽي وي پاران وري هڪ سال جي ڪانٽريڪٽ تي نوڪري ڏني ويئي ۽ مون شروعاتي طور تي ڪراچي مين آفيس سماءُ ٽي وي ۾ ڪجهه وقت ڪم ڪيو ان بعد حيدرآباد ۾ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو.

س: صحافت پڙهڻ ۽ عملي صحافت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

ج: اسان جڏهن ماس ڪميونيڪيشن ۾ پڙهندا هئاسين ته اسان کي نيوز رائيٽنگ، نيوز ورڪشاپ، ريڊيو ٽي وي پراڊڪشن، هينڊ آئوٽ، پريس رليز، ڊاڪيومينٽري وغيره کي گهڻو ڪري ٿيوري ۾ پڙهايو ويندو هو، پر جڏهن عملي صحافت ۾ پير پاتوسين ته انهن مڙني شين کي ويجهڙائي سان سکڻ جو موقعو مليو، عملي طور تي صحافت تمام مختلف ڏٺم ڇاڪاڻ ته اسان يونيورسٽي ۾ جيڪو پڙهون ٿا اهو اڪثر مغربي لٽريچر تي مبني هوندو آهي ۽ پاڪستاني ميڊيا ۾ گهڻائي نان پروفيشنل ماڻهن جي آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو صحافت پڙهڻ ۽ عملي صحافت ۾ گهڻو فرق آهي.

س: اوهان اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر طور فرض نڀائي رهيا آهيو، انهيءَ بابت پڻ ڪجهه ٻڌايو؟

ج: منهنجي لاءِ اهو هڪ وڏو اعزاز آهي جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ۽ انفارميشن آفيسر ٿيس. انفارميشن آفيسر حڪومتي سطح تي ادارن، صوبائي وزيرن وغيره جي منصوبن ۽ پروگرامن کي ميڊيا تائين رسائي جو ذريعو هوندا آهن، انهيءَ وقت ٻوليءَ، خبر جي جوڙجڪ ۽ خبر جي اهميت کي پڻ نظر ۾ رکيو ويندو آهي. جيڪو اسان کي سائين سهيل سانگي ماس ڪميونيڪيشن ۾ پڙهايو ۽ سيکاريو هو. هن پوسٽ تي ڪم ڪندي آئون تمام سٺو محسوس ڪري رهيو آهيان.

س: اوهان نيشنل انٽرنشپ پروگرام تحت پنهنجي شعبي ماس ڪميونيڪيشن ۾ هڪ سال پڙهيو اهو تجربو ڪيئن رهيو؟ ۽ توهان کي ڪيئن لڳو؟

ج: نيشنل انٽرنشپ پروگرام ۾ سليڪشن تي مون ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ پڙهائڻ کي ترجيح ڏني ڇاڪاڻ جو آئون سمجهان ٿو ته پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ئي اصل ۾ انسان جي علم ۾ اضافو ٿئي ٿو. ۽ ڄاڻ وڌي ٿي، ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ پڙهائڻ ۾ منهنجي استادن منهنجي گهڻي رهنمائي ڪئي ۽ اهو منهنجي زندگي جو تمام وڏو تجربو هو جيڪو مون کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ڪم آيو.

س: توهان شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

ج: منهنجو پيغام اهو آهي ته محنت، محنت ۽ محنت مطلب جيڪو ڪجهه اوهان کي پڙهايو ٿو وڃي ٿيوري هجي يا پريڪٽيڪل انهيءَ تي تمام گهڻو عبور هجي ۽ هر وقت پاڻ پتوڙڻ گهرجي ۽ پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي محنت تي پختو يقين هجڻ گهرجي، همٿ نه هارجي ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن اوهان جي محنتن جو صلو الله تعاليٰ اوهان کي ضرور ڏيندو.*