شاگرد وڌ کان وڌ تعليم تي توجه ڏين:غلام رسول ڏاهري

ساجد ڏاهري

غلام رسول ڏاهري ولد مٺو خان ڏاهري سانگهڙ ضلعي جي شهر شاهپور چاڪر ڳوٺ مٺو خان ڏاهري ۾ 18 نومبر 1950ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ اتان ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول شاهپور چاڪر مان حاصل ڪيائين، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاهه مان، بي اي ساڳئي ڪاليج مان ڪيائين ۽ ماسٽرس سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين جنهن ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، پي ايڇ ڊي ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان ڀرتي ٿيا ۽ 2008ع کان 2010ع تائين سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جا چيئرمين پڻ رهيا. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه روشني جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.

س: اوهان سوشل ورڪ شعبي جي چونڊ ڇو ڪئي؟

ج: جڏهن آئون ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ته منهنجا دوست ٻڌائيندا هئا ته غريب انسانن، لاوارث ٻارن، بيواهه عورتن، معذورن ۽ يتيمن جي مدد ڪرڻ لاءِ سوشل ورڪ شعبو بهتر آهي، جيڪو ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل ٻنهي ۾ غريب ماڻهن جي مدد لاءِ مختلف نظريا ۽ سوچ ڏئي ٿو ۽ مون کي ننڍپڻ کان سوشل ورڪر ٿيڻ جو شوق هو. ان ڪري مون اهو شعبو چونڊيو.

س: توهان سوشل ورڪ شعبي ۾ جڏهن داخل ٿيا ته اوهان ڪيئن محسوس ڪيو؟

ج: سوشل ورڪ شعبي ۾ داخل ٿيڻ سان خوشي ٿي، ان ڪري جو مون کي ان شعبي جو شوق هو ۽ مون ان ۾ گهڻو ڪجهه پڙهيو، لکيو ۽ سمجهيو. پوءِ ته آئون پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب سمجهڻ لڳس ته آئون ان شعبي ۾ داخل ٿيس.

س: سوشل ورڪ شعبي ۾ جڏهن ليڪچرار ٿيا ته توهان کي ڪيئن لڳو؟

ج: جڏهن آئون ان شعبي ۾ پڙهندو هئس ته پنهنجي استادن کي ڏسي دل ۾ سوچيندو هئس ته پڙهي ڪري آئون به ليڪچرار ٿيندس ۽ محنت ڪري پنهنجي منزل تي پهتس ان تي مون کي ڏاڍو فخر آهي.

س: سوشل ورڪ شعبي ۾ چيئرمين جي حيثيت سان توهان کي ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو؟

ج: جيئن ته هر اداري ۾ ڪم ڪرڻ دوران ڪجهه مشڪلاتون به اچن ٿيون پر سوشل ورڪ ۾ سينئير پروفيسر جي حوالي سان اسان جو ڪم هوندو آهي ته ماڻهن جي همٿ افزائي ڪجي ۽ انهن جو تعاون حاصل ڪجي، اڪثر سوشل ورڪ جا استاد ۽ شاگرد گڏجي ڪم ڪرڻ جي نظريي تحت ماڻهن جا ٻانهن ٻيلي بڻجي ڪم ڪندا آهن.

س: سوشل ورڪر معاشري ۾ ڪيئن مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو؟ توهان ان بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟

ج: پهريائين اسان سوشل ورڪر جو ڪم ڏسنداسين ته اهو معاشري ۾ ڇا ٿو ڪري، سوشل ورڪر جو بنيادي ڪم اهو آهي ته غريب ماڻهن، ضرورتنمندن، بيمار ۽ حقدار شاگردن جي مدد ڪري ان جي لاءِ سرندي وارن ماڻهن کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪري ته پنهنجي ڪاروبار ۽ مالي وسيلن مان انهن بيان ڪيل ماڻهن جي مدد ڪن. مثال طور غريب ماڻهن کي دوائون خريد ڪري ڏيڻ، ضرورتمند شاگردن کي فيس ۽ ڪتاب وٺي ڏيڻ. ان طرح سان سوشل ورڪر هڪ بهترين مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

س: سوشل ورڪر هجڻ ناتي توهان ڪهڙن شهر ۾ وڃي پنهنجي خدمت سرانجام ڏني؟

ج: مون کي آزاد ڪشمير، ايبٽ آباد، راول ڪوٽ، سنڌوتي ۽ دير ڪوٽ ۾ سوشل ورڪر جي حيثيت سان ڪراچي جي هڪ ڪنسلٽنٽ ڪمپني سان گڏ خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ آئون آمريڪا جي يونيورسٽي City Tubstion Texisas  ۾ پڻ هڪ سوشل ورڪر جي حيثيت سان ويس.

س: توهان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

ج: شاگردن کي گهرجي ته هو وڌ کان وڌ پنهنجي تعليم تي توجهه ڏين ۽ استادن طرفان مليل ڪم کي پنهنجي وقت تي پورو ڪن ۽ بيڪار ڪمن ۾ پنهنجو وقت ضايع نه ڪن، ڪمپيوٽر ۽ موبائل جو صحيح استعمال ڪن ۽ ان کي پنهنجي پڙهائي لاءِ ڪم آڻين.*