پنهنجي حقن لا۽ آواز اٿاريو:واجد علي لغاري

رضا محمد لغاري

واجد لغاري 1964ع ۾ ڳوٺ دودو خان لغاري ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان ميرپور خاص شهر مان پاس ڪيو ۽ ايم اي سوشالاجي ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي. هن وقت پاڻ ”نوجوان نسل سنگت آرگنائيزيشن“ هلائي ٿو. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه روشني جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.

س: سوشل ورڪر کي معاشري ۾ ڪهڙا ڪم سرانجام ڏيڻ گهرجن؟

ج: سوشل ورڪر کي معاشري ۾ پنهنجي چئني طرف رهڻ وارن تي نظر رکڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو غريب يا مسڪين آهن انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. ماڻهن کي سندن حقن بابت ڄاڻ ڏئي ۽ سدائين انهن جي وچ ۾ رهي.

س: اين جي اوز سيڪٽر ماڻهن کي ڪيترو متاثر ڪيو آهي؟

ج: اين جي اوز سيڪٽر ماڻهن کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. اين جي او جي طرفان ڪيترن ئي نوجوانن کي نوڪريون فراهم ڪيون ويون آهن. جڏهن 2011-2010ع جي ٻوڏ ۾ اين جي اوز متاثر ماڻهن جي تمام گهڻي مدد ڪئي، ان ڪري اين جي اوز تي ماڻهن جو اعتماد تمام گهڻو وڌي ويو. ميرپور خاص سان گڏوگڏ پوري سنڌ ۾ اين جي اوز ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏنا.

س: هن شعبي ۾ اچڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟

ج: هن شعبي ۾ اچڻ جا ڪي خاص سبب نه هئا. 1988ع ۾ جڏهن ٻوڏ آئي ته اسان ماڻهن جا حال ڏٺاسين، ماڻهو دربدر هئا، اهي منظر اسان کي تمام ڏکيا لڳا، اتي اسان ننڍي ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي، تڏهن کان ئي اسان ان کي تنظيمي شڪل ڏني.

س: اوهان ڪيتري عرصي کان اين جي اوز ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو؟

ج: آئون اين جي اوز ۾ 25 سالن کان ڪم ڪري رهيو آهيان. غريب، اٻوجهه ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ ڪم ڪرڻ جو منهنجو جيڪو جذبو آهي اهو 1988ع واري ٻوڏ کان پيدا ٿيو.

س: اين جي اوز سيڪٽر جا فائدا ۽ نقصان ڪهڙا آهن؟

ج: اين جي اوز جا فائدا ته تمام گهڻا آهن، جيئن نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ. انهن کي تعليم ڏيڻ وغيره. اين جي اوز جا ايترا نقصان نه آهن جيڪڏهن ڪجهه ادارن ۾ ڪرپشن هوندي ته به اها نالي ماتر.

س: اين جي اوز سيڪٽر تعليم لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي؟

ج: اين جي اوز جو تعليم لاءِ چڱو خاصو رول آهي. آئون هن وقت 8 اسڪول هلائي رهيو آهيان ۽ ان مان مطمئن آهيان، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سنڌ ۾ 3 کان 4 هزار اسڪول هلائي رهي آهي، جن ۾ ساڍا 3 لک ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ نياڻين جي تعليم ۾ به ڪجهه وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي. هن مان ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم حاصل ڪري يونيورسٽين تائين پهتيون آهن.

س: ڪو اهڙو واقعو جيڪو اوهان کي هميشه ياد هجي؟

ج: ها! هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو آئون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به وساري نٿو سگهان. 2000ع ۾ جڏهن اسان جي سول اسپتال ۾ ڪيمپ لڳل هئي. هتي ساماري جي هڪ مريض عورت آئي جنهن کي رت جي 11 بوتلن جي ضرورت هئي. ان وقت سول سرجن مون کي چيو ته جيڪڏهن رت ملي وڃي ته هي عورت بچي ويندي ۽ پوءِ اسان دوستن جون ٽيمون ٺاهي رت جون 11 بوتلون هٿ ڪيونسين ۽ اها عورت بچي وئي.

س: توهان نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندؤ؟

ج: مان نوجوان نسل کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته توهان پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ ڪوشش ۽ محنت ڪري اهي حاصل ڪريو.*