ماڻهو وڌن ڳالهين سان نھ پر ڪمن سان ٿيندو:ڊاڪٽر سرچند هرجاڻي آهي

شريا وير

ڊاڪٽر سري چند هرجاڻي پهرين سيپٽمر 1954ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم گورنمينٽ پائلٽ هائر سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان آرٿوپيڊڪ ۾ ايم بي بي ايس ڪئي. هينئر پاڻ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ آرٿو پيڊڪ او پي ڊي ۾ رجسٽرار جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي. روشني جي پڙهندڙ لاءِ ڊاڪٽر سري چند سان ڪيل ڳالهه ٻولهه پيش ڪجي ٿي.

 

س: توهان آرٿوپيڊڪ شعبي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

جواب: هن شعبي ۾ هڏن ۽ سنڌن جي مختلف بيمارين جي باري ۾ پڙهايو ۽ سيکاريو ويندو آهي ۽ انهن جو علاج پڻ ڪيو ويندو آهي.

 س: هڏن جون ڪهڙيون بيماريون اڄڪلهه سامهون اچي رهيون آهن؟

جواب: اڄڪلهه هڏن جون جيڪي بيماريون سامهون آيون آهن، اهي ريوميٽائيٽ ۽ ارٿريٽائيس آهن. جن ۾ هڏن جي ڪمزوري ٿيندي آهي ۽ ٻارن ۾ ٽي اِي وي ٿيندي آهي جنهن ۾ نئين ڄاول ٻار جا پير ڦريل هوندا آهن.

س: ڪيترا سيڪڙو ماڻهو انهن بيمارين ۾ مبتلا آهن؟

جواب: 60 کان 65 سيڪڙو ماڻهن کي انهن بيمارين جي شڪايت رهي ٿي.

س: انهن بيمارين وڌڻ جو سبب ٻُڌايو؟

جواب:  جيتري قدر ڏٺو پيو وڃي ته اڄڪلهه ماڻهن جي غذا بلڪل ئي خراب آهي. ماڻهو رڳو لذيذ کاڌو ڏسندا آهن پر انهن مان ملندڙ طاقت جو ناهن سوچيندا. ان کان علاوه سرڪار طرفان ملندڙ ويڪسينشن جي سهولت کي نظر انداز ڪري انهن بيمارين کي پنهنجي گهر جو رستو پاڻ ڏيکاريندا آهن.

س: انهن بيمارين کي روڪڻ لاءِ ماڻهن کي ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن؟

جواب:  انهن بيمارين کي روڪڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا يونيسيف جي شيڊول مطابق پيارڻ گهرجن، سٺي کاڌ خوراڪ جهڙوڪ ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي جو مناسب مقدار کائڻ گهرجي.

س: ڪنهن به قسم جي ايميرجينسي لاءِ اوهان جي اسپتال ۾ ڪهڙيون سهولتون موجود آهن؟

جواب: اسپتال ۾ ايمرجنسي علاج لاءِ مختلف سهولتون موجود آهن جن ۾ حادثن جو شعبو جتي ايڪس ري روم گهربل سامان ۽ دوائون موجود آهن.

س: سرڪار طرفان ماڻهن کي ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون؟

جواب: سرڪار ماڻهن کي مختلف قسم جون ويڪسينشن، دوائون ۽ گوريون مهيا ڪندي آهي جيڪي هڏن کي مضبوط ۽ بيمارين کان بچائيندڙ آهن.

س: جيتري قدر ڏٺو ويو آهي ته سرڪاري اسپتالن جي علاج جو معيار بهتر نه هوندو آهي، ان جو سبب ڇا آهي؟

جواب: آبادي جي مسلسل وڌڻ جي ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ به مريضن جو تعداد وڌندو ٿو وڃي جنهن ۾ هر هڪ مريض کي هر سهولت فراهم ڪرڻ ڪجهه حد تائين مشڪل بڻجي ويندو آهي.

س: هڏن جون ڪيتريون ئي بيماريون ختم ٿيڻ جهڙيون نه هونديون آهن انهن تي ضابطو ڪيئن ڪجي؟

جواب: اهڙين بيمارين جو لڳاتار علاج ڪرڻ ۽ ٿوري ٿوري وقت ۾ ڊاڪٽر کان چڪاس ۽ نگراني ڪرائڻ ضروري آهي.

س: هڏن جي بيمارين جو سائنسي علاج حڪيمي علاج کان ڪيئن بهتر آهي؟

جواب: سائنسي علاج ان لاءِ بهتر آهي ڇو جو اسان وٽ ايڪسري مشينون، آپريشن ٿيٽر، ليبارٽري ۾ بيمارين جي چڪاس ڪرڻ لاءِ جديد اوزار موجود آهن جن جي مدد سان اسان بيمارين کي سڃاڻي پوءِ اُن جو علاج ڪريون ٿا پر حڪيم صرف اندازي تي علاج ڪن ٿا.

س: توهان جو قيمتي پيغام اڄڪلهه جي نوجوانن لاءِ؟

جواب: منهنجو اهو ئي پيغام آهي ته ميڊيڪل جي هر فيلڊ بهتر آهي ڇاڪاڻ ته ان سان انسان ذات جي خدمت ڪري انهن جي دعائن جو حقدار بڻجي سگهجي ٿو.  سو محنت ڪري ماڻهن جي ڀلائي ڪريو.*