مريضن جو علاج ڪري تمام گهري خوشي ٿيندي آهي:ڊاڪٽر غلام علي ميمڻ

حنا ڪنول

ڊاڪٽر غلام علي ميمڻ جو شمار حيدرآباد جي انتهائي ماهر سرجنن ۾ ٿئي ٿو، ڊاڪٽر غلام علي جي پيدائش نوابشاهه ۾ ٿي. 1975 ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. 2001 کان 2007 تائين لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فيڪلٽي آف سرجري ۽ اپلائيڊ سائنس جو ڊين رهيو. وائيس چانسلر بڻجڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو. 2002 کان 2006 تائين ڪاليج آف فزيشن ۽ سرجن پاڪستان ڪائونسل جو ڪائونسلر پڻ رهي چُڪو آهي. پاڻ هن وقت ميرپور خاص محمد ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپل آهي.

 

س: اوهان پلاسٽڪ سرجري ۾ پنهنجي شوق سان پڙهيا يا مائٽن جي خواهش هئي؟

ج: هن فيلڊ ۾ وڃڻ منهنجو خواب هو، آئون ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيندو هئس، ڇو ته هتي پلاسٽڪ سرجن تمام گهٽ هئا، ان ڪري منهنجي خواهش هئي ته آئون هڪ سٺو پلاسٽڪ سرجن ٿي ماڻهن جي مدد ڪيان.

س: پلاسٽڪ سرجري مان ڇا مراد آهي ۽ ان ۾ ڇا ڇا ٿيندو آهي؟

ج: پلاسٽڪ سرجري فيلڊ جا ڪيترائي قسم آهن، پر گهڻا ماڻهو سمجهندا آهن ته ڪاسميٽڪ سرجري ئي پلاسٽڪ سرجري آهي پر اها سرجري جي هڪ فيلڊ آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي خوبصورت ڪرائيندا آهن. اسان وٽ جيڪي سڀ کان وڌيڪ سرجريون ٿينديون آهن، اهي ”ڪانگينٽل اينامليز“ آهي جنهن ۾ ٻارن جون پيدائشي بيماريون ٿينديون آهن، جن ۾ چپ ڪٽيل هجڻ، ڪنهن جون ٻانهون مليل هونديون آهن. ان کان علاوه ٻيو جيڪو سڀ کان وڏو شعبو آهي اهو برنس آهي. برن ايسڊ جنهن کي اڄڪلهه گهڻو مٿي پيو کنيو وڃي نه ته ٻيا به ڪيترائي ڪيسز آهن جنهن جو به حساب ناهي.

 

س: پاڪستان ۾ هينئر ڪيترا پلاسٽڪ سرجن آهن؟

ج: هن وقت پاڪستان ۾ پلاسٽڪ سرجن جو تعداد پهرين کان گهڻو آهي، تقريبن 100 کان مٿي اهڙا ڊاڪٽر موجود آهن جيڪي پلاسٽڪ سرجن جو ڪم سرانجام ڏيئي رهيا آهن.

س: پلاسٽڪ سرجن جو هتي ڪهڙو اسڪوپ آهي ۽ هن شعبي ۾ جذبو وڌيڪ معنيٰ ٿو رکي يا تجربو؟

ج: پهرين حيدرآباد م هڪ به پلاسٽڪ سرجن نه هو هينئر چار آهن، آهستي آهستي هن جو اسڪوپ وڌي رهيو آهي ان جو سبب هي آهي ته هتي مريض وڌيڪ آهن ۽ ماڻهو ان حوالي کان آگاهه ٿيندا ٿا وڃن. انهي ڪري هن جو اسڪوپ وڌندو ٿو وڃي. جيستائين ڳالهه آهي تجربي ۽ جذبي جي ته منهنجي خيال ۾ ٻئي ضروري آهن. ڇو ته جيستائين اوهان ۾ ڪم ڪرڻ جو چاهه نه هوندو ته توهان اهو ڪم نه ڪري سگهندا ۽ تجربو ته توهان کي هميشه نيون شيون سيکاريندو آهي.

س: اوهان وٽ گهڻي قدر ڪهڙي قسم جا ڪيس ايندا آهن؟

ج: اصل ۾ فيچرز تبديل ڪرڻ وارا ڪيس گهڻا ايندا آهن پر آئون انهن جي حوصلا افزائي ڪونه ڪندو آهيان ۽ انهن کي انڪار ڪندو آهيان. مون وٽ گهڻي ڀاڱي سرجري جا ڪيس به ايندا آهن. ٻيو اينامليز ڪانگنيٽل  جا ڪيس ايندا آهن جنهن جو علاج ڪري تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي.

س: اهي سرجريون ڪيتري ڀاڱي ڪامياب وينديون آهن؟

ج: پلاسٽڪ سرجري جنهن کي ماڻهو ڪاسميٽڪ سرجري چوندا آهن اهو هڪ مهانگو علاج هوندو آهي ۽ ان ۾ ڪميونيڪيشن اسڪلز جي گهڻي ضرورت پوندي آهي، ڪوئي چرٻي گهٽائڻ ايندو آهي ته ڪوئي نڪ صحيح ڪرائڻ، اهڙن مريضن سان اسان کي ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ ڳالهائڻ جي ضرورت پوندي آهي. عام طور تي جن ماڻهن کي شوبز ۾ وڃڻو هوندو آهي اهي ماڻهو سرجري ڪرائيندا آهن ۽ اها اسان جي ڪاميابي آهي.

س: اوهان ڊاڪٽر سان گڏوگڏ هڪ پروفيسر به آهيو ته اوهان کي پڙهائڻ گهڻو پسند آهي يا ماڻهن جو علاج ڪرڻ؟

ج: ڊاڪٽر هڪ استاد نه هوندو آهي، پڙهائڻ منهنجو شوق ۽ مصروفيت آهي. مان چاهيندو آهيان ته جيڪو مون وٽ علم آهي ان کي اڳتي وڌائي سگهان. منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته شاگردن کي ڪتابي ڳالهين کان وڌيڪ حقيقي ڳالهيون ٻڌايان.

س: اوهان فارغ وقت ۾ ڇا ڪندا آهيو؟

ج: فارغ وقت ۾ اڪثر ڪري آئون ڪتابن پڙهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهيان.

س: اوهان نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ پسند ڪندا؟

ج: نوجوان نسل کي اهو چوڻ چاهيندس ته پنهنجو وقت ضايع نه ڪريو جيترو ٿي سگهي پڙهائي تي وقت ڏيو ۽ ٻين جي مدد ڪيو.