هڪ سٺو استاد آهي جيڪو شاگردن ۾ شعور۽ بيداري پيدا ڪري:محمد علي پاشا

سهيل احمد ابڙو

س: توهان جو تعارف؟

ج: منهنجو نالو محمد پاشا پنهور آهي. منهنجي پيدائش دادو شهر جي شهاڻي پاڙي ۾ 16 نومبر 1985ع تي ٿي. هن وقت مان حيدرآباد شهر ۾ رهائش پذير آهيان ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪنامڪس شعبي ۾ ليڪچرار آهيان.

س: پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

ج: مان پنهنجي شروعاتي زندگيءَ جا ڪجهه سال دادو ۾ رهيس ۽ ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ شفٽ ٿياسين. منهنجي پرورش هڪ پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال خاندان ۾ ٿي. جڏهن آئون اسڪول ۾ هئس ته سڄي اسڪول ۽ پنهنجي مٽن مائٽن مان چندو گڏ ڪري شوڪت خانم ميموريل اسپتال کي عطيي طور ڏنو هو جنهن تي عمران خان مون کي ڏاڍو ساراهيو ۽ هڪ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو.

س: پنهنجي تعليم بابت ڪجهه ٻڌايو؟

ج: مون پنهنجي پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم ڪراچي فائونڊيشن پبلڪ اسڪول مان اي گريڊ ۾ حاصل ڪئي. ٻارهين جماعت فائونڊيشن پبلڪ ڪاليج مان ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان بي ايس اڪنامڪس ۾ ڪئي جنهن ۾ مان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ان کان علاوه ايل ايل بي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ماسٽر پڻ ڪئي.

س: پنهنجي زندگي ۾ ڪهڙيون ڳالهيون پسند ڪيو ٿا؟

ج: مان زندگي ۾ محنت ڪرڻ کي پسند ڪندو آهيان. مون کي اُهي ماڻهو تمام گهڻو پسند آهن جيڪي غربت ۽ ڏکيائي باوجود پنهنجي محنت ۽ خود اعتمادي سان ڪاميابي حاصل ڪن ٿا. مان انهن ماڻهن جي به عزت ڪندو آهيان جيڪي امير ۽ دولت هجڻ باوجود پنهنجي زندگي ۾ سادگي ۽ روشن خيالي کي اهميت ڏيندا آهن.

س: اڪثر ڪهڙا ڪتاب پڙهندا آهيو؟

ج: ڪرنٽ افيئرس، انٽر نيشنل افيئرس، سياست، اسلامي تاريخ، صحافت، اڪانامي افيئرس، هيومن رسورسز ڊولپمينٽ، رائيٽنگ، انگريزي مضمون ۽ ڪالم.

س: اوهان جي نظر ۾ سبجيڪٽ اڪنامڪس جي ڪيتري اهميت آهي؟

ج: هي سبجيڪٽ دنيا جي وڌ کان وڌ اهميت رکندڙ سبجيڪٽ آهي. هن دور ۾ دنيا جا ڪيترائي مسئلا آهن. اُهي صرف سماجي نه رهيا آهن پر معاشي ٿي ويا آهن. تنهنڪري علم معاشيات اسان جي روز مرهه جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

س: پاڪستان کي هن وقت درپيش معاشي مسئلن جو حل ڪهڙو آهي؟

ج: اسان وٽ پاليسين جي صحيح جوڙجڪ نه هجڻ جي ڪري ۽ بدامني جي وڌڻ جي ڪري فارين انويسٽمينٽ نه ٿي ڪئي وڃي. تنهن ڪري اسان وٽ کوڙ سارا معاشي مسئلا جنم وٺن ٿا. انهن جي حل لاءِ انهن ڳالهين کي مدنظر رکندي ان جو حل ڪڍي سگهجي ٿو.

س: پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا ملڪي معيشيت تي ڪهڙا اثر ٿيا آهن؟

ج: دهشتگردي جي ڪري نه صرف سماج جي عام زندگي تي اثر پوي ٿو پر ان جو معاشي زندگي تي وڏو اثر ٿئي ٿو. دهشتگري جي ڪري معيشيت کي هلائڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. فارين انويسٽمنٽ ۽ ڏيهي واپارين جو ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ڪري معيشيت کي هڪ ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو.

س:  پاڪستان ۾ ڊالر جي رپئي جي تصنيف ۾ ايترو اضافو ڇو ٿو ٿئي؟

ج: جڏهن به جنهن ملڪ کي ڪنهن ٻاهرين ملڪ کان ڪجهه گهرائڻو پوندو آهي ته ان جي ادائگي ڊالر ۾ ٿيندي آهي. گهڻي درآمد جي ڪري ملڪي سڪي تي تمام گهڻو اثر پوڻ جي ڪري رپئي جي قدر ۾ بي انتها گهٽتائي اچي ٿي.

س: توهان جي نظر ۾ هڪ آئيڊيل استاد ڪيئن هوندو آهي؟

ج: منهنجي خيال ۾ هڪ سٺو استاد اهو آهي جيڪو پنهنجي علم کي شاگردن تائين صحيح نموني سان پهچائي ۽ انهن ۾ شعور ۽ بيداري پيدا ڪري. هڪ سٺي استاد کي تعليم سان گڏ شاگردن کي مستقبل جي صلاح ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه اڪثر شاگرد تعليم کان پوءِ ان مسئلي کي منهن ڏين ٿا.

س: پڙهائڻ کان علاوه توهان ٻيو ڇا ڪندا آهيو؟

ج: يونيورسٽي پڙهائڻ کان علاوه مان سي ايس ايس جي ڪوچنگ پڻ ڏيندو آهيان. حيدرآباد سي ايس ايس جي هڪ اڪيڊمي ۾ ليڪچر پڻ ڏيندو آهيان. مان مختلف مئگزينن ۽ جنرلن ۾ پڻ لکندو آهيان ان کان علاوه مان هڪ سوشل ورڪر پڻ آهيان. مان هڪ اين جي او شاداب جو ميمبر آهيان، جيڪا لاڙڪاڻي ۽ سانگهڙ ضلعي جي وچ ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ جنهن جو مقصد مائڪرو فائنانسنگ تي ڪم ڪرڻ آهي. مان مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏيندو آهيان. تعليمي ڪمن کان علاوه مون کي ڪرڪيٽ ۽ سوئيمنگ ۾ پڻ دلچسپي آهي. مان جانورن سان پڻ پيار ڪندو آهيان.

س: توهان کي هن منزل تي پهچائڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟

ج: منهنجي ڪاميابي جي پويان مک ڪردار منهنجي والدين جو آهي. ان کان علاوه منهنجو استاد فاروق ميمڻ جن جو به منهنجي ڪاميابي ۾ وڏو ڪردار آهي. سائين جن مون کي پنجين ڪلاس کان وٺي مئٽرڪ تائين پڙهايو ۽ منهنجي شخصيت کي نکارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

س: علم معاشيات جي شاگردن جي لاءِ روزگار جا ڪهڙا موقعا آهن؟

ج: علم معاشيات جي شاگردن لاءِ تمام گهڻا ڏيهي توڙي پرڏيهي روزگار جا موقعا موجود آهن. جيئن ته بئنڪون، انڊسٽريز، هيومن ريسورسز مئنجمينٽ وغيره وغيره.

س: شاگردن لاءِ پيغام؟

ج: آخر ۾ شاگردن لاءِ منهنجو هي پيغام آهي ته شاگرد پاڻ کي ڪنهن هڪ فيلڊ يا سبجيڪٽ ۾ محدود نه ڪن پر پنهنجي شخصيت کي گهڻ رُخي بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ته جيئن انهن ۾ تحقيق ۽ تخليق جو مادو پيدا ٿي سگهي ۽ اهي مستقبل ۾ ڪاميابي جي راهه تي هموار ٿي سگهن.*