ٻاراڻي ادب جو سرجڻهار:وفا مولا بخش قمبراڻي

حبيب الرحمان جمالي

سنڌي ٻولي ۾ ٻاراڻي ادب جي دنيا ۾  وفا مولا بخش قمبراڻي جو نالو ڪو  نئون نه آهي. وفا مولا بخش قمبراڻي، ڀينڊي شريف ۾ 18 جون 1980ع ۾ جنم ورتو ، شروعاتي تعليم اباڻي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪندڙ  وفا مولا بخش سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري ۽ سنڌي صحافت جي مختلف ادارن ۾ پڻ ذميواريون نڀائي چڪو آهي. هن وقت پاڻ بطور ليڪچرر پيشيوراڻيون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي، ان سان گڏ ٻارن جي شاعري تي سندس هڪ ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪو آهي ۽ ٻه ڪتاب اشاعت جي مرحلي ۾ آهن. ٻارن جي ادب، ان جي اهميت ۽ افاديت بابت ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه اوهان جي نظر ڪجي ٿي.

س: ادبي دنيا طرف لاڙو ڪيئن ٿيو؟

ج: ادب ۽ ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻ جو شوق عشق جي حد تائين رهيو آهي، مڊل اسڪول واري زماني ۾ سائين اسرار شام سان ملاقات ٿي. هو گل ڦل ۽ ٻيا رسالا پنهنجي خرچ تي وٺي اچي اسان کي پڙهائيندو هو ۽ ٻارن جي حوالي سان جيڪي سائنسي ۽ ادبي ميلا ٿيندا هئا اتي وٺي ويندو هو ۽ ائين ادب سان رشتو جُڙيو،  مون کي 12 سالن جي عمر کان ڪتاب سان دوستي ٿي وئي ۽ ان وقت ۾ ئي منهنجا لکيل خط، تحريرون، ڪهاڻيون ۽ نظم رسالن ۽ اخباري صفحن تي ڇپجڻ به لڳا. ائين ئي ننڍي هوندي کان ادب سان هڪ رشتو جُڙي ويو جيڪو الحمدلله اڄ تائين قائم آهي.

س: اوهان ادب جي ڪهڙين صنفن تي گهڻو ڪم ڪيو آهي؟

ج :مون ٻارڙن جي لاءِ ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون لکيا جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن  گلستان، گل ڦل، جاڳو، عوامي آواز ۽ هلال پاڪستان ۾  ٻارن لاءِ مخصوص صفحن تي مختلف وقتن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. مون ڪهاڻيون به جھجھي تعداد  ۾ لکيون آهن، ڪوشش ڪريان پيو ته انهن کي سهيڙي  سگهان، اسان وٽ ٻارن لاءِ نظم ته گھڻو ڇپيو آهي، پر نثر تمام گھٽ آهي ان لاءِ منهنجي ڪوشش آهي ته ڪهاڻين جو ڪتاب جلد ڇپرائي ٻارن تائين پهچايان.

س: اوهان جي ڪم کي ڪيتري مڃتا ملي؟

ج : توڙي جو آئون سينيئر ليکڪ نه آهيان پر ان هوندي به ٻارن طرفان منهنجي ڪم کي تمام گھڻو ساراهيو ويو آهي، سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران 2013ع ۾ ”پوپٽ رنگ رنگيلا“ جي نالي سان منهنجو ڪتاب ڇپيو ۽ ان ڪتاب مان ئي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ وارن ٻئين ڪلاس جي نصاب لاءِ منهنجو هڪڙو نعت کنيو آهي، اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي. ان کان علاوه مختلف ادارن سنڌي لئنگويج اٿارٽي، ٻالڪ ادبي فورم، غلام محمد مهيسر اڪيڊمي، نٽ کٽ ۽ ادا سائين طرفان ايوارڊ ۽ ساٿي رسالو، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي ٻارن جي ادبي شعبي طرفان ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا آهن. تازوئي يو ايس ايڊ وارن جيڪو سنڌ ريڊنگ پروگرام شروع ڪيو آهي، ان ۾ هو جيڪي ڪتاب سپورٽنگ ريڊنگ ۾ سيريل طور سليڪٽ ڪرڻ وڃن پيا، ان جي پهرين مرحلي ۾ منهنجو ڪتاب به شامل ڪيو آهي، آخري مرحلن کان پوءِ هو منهنجي ڪتاب جون 25000 ڪاپيون ڇپائي شاگردن ۾ مفت ورهائيندا.

س: ٻارن جي ادب ۾  ضرورت سمجهي ڪم ڪيو يا شوق هو؟

ج : مون لکڻ شروع ڪيو ته نه مون وٽ نظريو هو ۽ نه ئي فڪر، بس اخبارن ۾ نالو ۽ تصوير اچڻ جو ئي شوق هوندو هو. ڪنهن به ادب جو بنياد، ٻاراڻو ادب آهي ان ڪري سڌريل معاشرن ۾ ان تي خاص ڌيان ڏيئي ان جي اشاعت جو انتظام ڪيو ويندو آهي، ته جيئن ايندڙ  نسل جي تربيت ڪري انهن کي مثالي شهري بڻائجي جو اڳتي هلي هو پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن. پر اسان وٽ وري ان جي ڀيٽ ۾ ٿورو مختلف رويو رهيو آهي، اسان جا سينيئر ليکڪ جن جي شروعات ٻارن جي ادب کان ٿي هئي اڳتي هلي اهي لکڻ ڇڏي ويا يا ٻارن جي ادب کان ڪٽجي ڪمرشل رائيٽنگس ۽ ڊرامن طرف هليا ويا آهن. بهرحال منهنجي لاءِ هي فيلڊ شوق به آهي ته ضرورت به.

س: اوهان ڪهڙن ليکڪن کان متاثر آهيو؟

ج : ٻارن جي شعبي ۾ لکڻ جي حوالي سان خالد آزاد، ادل سومرو، محمد صديق مسافر، ڪشنچند بيوس ۽ مرزا قليچ بيگ کان متاثر آهيان ۽ اسرار شام پنهنجي سڄي شعوري زندگي ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏي ، هو بهترين ڊراما نگار هو پر هن پنهنجا سڀ ڪم ڇڏي ٻارن لاءِ لکڻ کي پنهنجو مقصد بڻايو.

س: مستقبل ۾ به ٻاراڻو ادب ئي ترجيح هوندو يا ڪجهه ٻيو به سوچيو آهي؟

ج : منهنجو پهريون عشق ٻاراڻو ادب آهي. ڪير منهنجو تعارف ٻارن جي شاعر طور ڪرائيندو آهي ته مون کي خوشي ٿيندي آهي، آئون ٻارن جي شاعر طور پنهنجو تعارف برقرار رکڻ چاهيان ٿو، آئون پنهنجي حصي جو ڪم ڪندو رهندس. مونکي ياد آهي ته استاد اسرار شام، ادل، نصير ۽ اياز گل سان وڙهندو رهيو ته اوهان بنيادي طور ته ٻارن جا اديب آهيو پر هاڻ جڏهن ٻارن جا والدين بڻجي ويا ته بنيادي فيلڊ ڇڏي وڏن لاءِ پيا لکو؟ اوهان هندستان ۾ ڏسو يا هتي دل شفائي کان وٺي حڪيم محمد سعيد تائين جيڪي سينيئر ليکڪ آهن ٻارن لاءِ لکندا پيا اچن، ڀارت ۾ اڄ به گلزار ٻارن جي لاءِ لکڻ تي فخر محسوس ٿو ڪري. مونکي پنهنجي انهيءَ تعارف تي فخر آهي ۽ هميشه ان کي باقي رکندس.

س: اوهان ٻاهرين ملڪن ۾ ٻارن جي ادب تي ٿيل ڪم ۽ هتي جي ڪم کي ڪيئن ڀيٽيندؤ؟

ج : سڌريل دنيا ۽ اتان جا موضوع ٻيا آهن ۽ اسان خطي جي پسمانده ملڪ ۾ رهون ٿا ۽ اسان جا موضوع مختلف آهن. پر ان جو مطلب اهو قطعي ناهي ته اسان وٽ جيڪو ٻاراڻو ادب سڏجي ٿو اهو ٻاهرين دنيا سان مقابلي جهڙو ناهي! بلڪل انهي ساڳئي معيار جو ئي ادب سرجي ٿو. پر تعداد ۾ فرق آهي، معاشرتي روايتن جو فرق آهي، جيڪا اهم ڳالهه آهي، اها هي آهي ته ٻاهر ٻارڙن جي ايج گروپس کي سامهون رکي ڪري ان جي هڪڙي ڪلاسيفڪيشن ڪري ان تحت ئي لکيو وڃي ٿو پر هتي اهو طريقو ناهي، اسان وٽ شيون مختلف آهن.

س: سنڌي ٻولي ۾ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان ادبي تنظيمن جي ڪم کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ ۽ سرڪاري سطح تي ڪيترو ڪم ٿي رهيو آهي؟

ج : سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾ ڏسڻ لاءِ ڪم ملي ٿو پر اتي به هاڻي صورتحال ڪجھه مختلف آهي، تڏهن به ٻين ادارن جي ڀيٽ ۾ هن اداري جو ڪم بهتر آهي، ادبي بورڊ به ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري ٿو، خانگي ادارن ۾ گلشن ادب به ڪم ڪري پيو پر وٽن ايترا وسيلا ناهن. اها وڏي بدقسمتي چئجي جو حڪومتي سطح تي ٻارن جي حوالي سان ڪابه سرگرمي ڪونهي، هڪ لئنگويج اٿارٽي آهي جتي هرسال ادبي ايوارڊ تقريب ٿئي ٿي پر اردو ادب ۾ ائين نه آهي اتي هزارين ادارا آهن. اتي نيشنل بُڪ فائونڊيشن آهي جيڪو انهن ڏانهن ڇپيل ڪتاب ۽ ان جيترو مسودو موڪليندو آهي، ان کي ايتري رقم ڏئي ڇڏيندا آهن جيئن اهو ڪتاب ان ۾ ڇپجي وڃي، يو بي ايل وارا به گذريل 4 سالن کان وٺي هر سال اردو ۽ انگريزي ۾ ڇپيل ٻين ڪتابن سان گڏوگڏ ٻارڙن جي ادب لاءِ هڪ لک کان وٺي ڏيڍ لک تائين انعام ڏيندا آهن پر افسوس جو سندن ان ڪيٽيگريءَ ۾ سنڌي ادب شامل ناهي، توڙي جو اهو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهجي ۽ ڇپجي ٿو. انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي  وارن ڪجھه تربيتي ورڪ شاپ ڪرايل جن ۾ اُنهن ڪتابن تي ايوارڊ به ڏنا، پر پوءِ به حڪومتي سطح تي مطمئن ڪندڙ ڪم نه ڏٺو ويو آهي.

س: ڇا ادبي ڪتاب  ٻارن لاءِ به سپورٽنگ ريڊنگز طور فائديمند ٿي سگهن ٿا؟

ج : ها!، سپورٽنگ ريدنگ مٽيريل طور خود بلوچ صاحب جي ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب لئنگويج اٿارٽي شايد 93ع يا 95ع ۾ ڇپيو، ان کان پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس سنڌ حڪومت جي سفارش تي ان کي ري پرنٽ ڪيو ۽ اهو ڪتاب سپورٽنگ ريڊنگ مٽيريل طور اسڪولن ۾ ڏنو ويو. ان مان ٻارن کي گھڻو فائدو ملي ٿو ٻار جذبي سان پڙهن ٿا، ڇاڪاڻ ته نصاب ۾ ڪي شيون دلچسپ هونديون آهن ته ڪي وري اهڙيون هونديون آهن جن کي ٻار پڙهڻ به ڪونه چاهيندو آهي، پر سپورٽنگ ريڊنگ ٻارن کي نصابي خشڪي کان بچائينديون آهن ۽ سندن دلچسپي برقرار رکنديون آهن.

س: ماضي جي مقابلي ۾ حال اندر سنڌ ۾ سرجندڙ ٻاراڻي ادب جي اشاعتي انگ ۾ ڪو فرق ڏسو ٿا؟

ج : اڄ مارڪيٽ ۾ اوهان کي افسوس جهڙي صورتحال نظر ايندي، سواءِ گل ڦل جي ڪوبه رسالو مستقل نه پيو اچي. 1992-93ع ۾ تقريبن اخبارن ۾ 10 کان 15 صفحا هفتيوار ڇپجندا هُئا ۽ ان دؤر ۾ 32 کان 40 ماهوار مئگزين پندرهن وار ۽ ٽي ماهي نڪرندا هُئا، پر اڄ پريشاني واري صورتحال آهي ڇو ته ٻار وڏو ٿيندو ته سنڌي ادب سان کيس ڪيئن چاھ ٿيندو، جڏهن هن جي پڙهڻ لاءِ ڪوبه اخباري صفحو، ڪو ڪتاب يا ڪو رسالو ئي نه هوندو ته هن کي لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيندو؟

س: ٻارن ۾ ادب سان چاهه ڪيئن پيدا ڪري سگهجي ٿو؟

ج : اڳي  استاد اسان کي ٻارن جا رسالا وٺي اچي پڙهائيندا هئا يا هڪڙي ڪاپي گل ڦل ۽ هڪڙي ڪاپي گلستان جي ڏئي ڇڏيندا هئا، ڏسو ٻار کي جيڪڏهن ڪو ڪتاب پسند به اچي ته هو ڪيئن خريد ڪندو، اها ذميواري والدين تي عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ٻار کي ڪتاب خريد ڪري ڏي.

اسان جي استادن ائين تربيت ڪئي نتيجي ۾ ڪتاب پڙهڻ جو ايترو شوق جاڳيو جو شيءِ وٺڻ لاءِ ملندڙ خرچي جي پئسن کي ڪتاب يا رسالا خريد ڪرڻ لاءِ گڏ ڪري رکندا هئاسين، ائين اسان ۾ ڪتاب خريد ڪرڻ، انهن لاءِ لکڻ جو جذبو پيدا ٿيو، اڄ جي دؤر ۾ والدين پنهنجي ٻارن کي خرچي ته ڏين ٿا پر ڪتاب خريد ڪري نٿا ڏين، ياد رکڻ گھرجي ته ڀلي ڪيڏو به دور جديد کان جديد تر ٿئي ڪميونيڪيشن جا ذريعا بدلجندا رهن پر ٽيڪسٽ بُڪ جي اهميت ۽ افاديت هميشه رهڻي آهي. اڄوڪي جديد دؤر ۾ به هيري پوٽر جهڙا ڪتاب ڇپجن ٿا ته ٽوني بليئر به قطار ۾ بيهي پنهنجي ٻارن لاءِ ڪتاب خريد ڪري ٿو، ٻارن ۾ ادب جو چاھ پيدا ڪرڻ لاءِ والدين کي گھرجي ته هو ٻارن کي ڪتاب خريد ڪري ڏين.