تعليم لا۽ هر قرباني ڏيڻ چاهيان ٿو:قلندر شاه لڪياري

عبدالقيوم سروهي

قلندر شاهه لڪياري سنڌ جو ناليوارو تعليمدان آهي، سندن جنم سجاول جي تعلقي ميرپور بٺوري ۾ 1940ع ۾ ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم ميرپور بٺوري مان حاصل ڪئي، ايم اي انگلش سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين ۽ 1970ع ۾ انگلش شعبي ۾ ليڪچرار طور ڀرتي ٿيو، بعد ۾ انگريزي شعبي جو چيئرمين پڻ ٿيو. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.

س: اوهانجو پهريون استاد ڪير هو ۽ کيس اڄ ڪهڙن لفظن سان اڄ ياد ڪندؤ؟

 ج: اسانجي علائقي ۾ پهريون اسڪول استاد مولوي محمد عثمان پروا کولرايو، جنهن وٽ مون پهريون درجو پڙهيو. استاد وڏو قابل انسان هو، کيس اديب ۽ شاعر جون خوبيون به حاصل هيون، سندس رهنمائي اڄ به ياد آهي.

س: اوهانجو ننڍپڻ ۾ تعليم سان ڪيترو چاهه هوندو هو؟

ج: تنهن زماني ۾ اڄ وانگر ٽي وي، ڊش، ڪيبل يا ٻيون سهولتون نه هونديون هيون، سڄو وقت تعليم کي ڏيندا هئاسين، منهنجي تعليم سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي.

س: اوهان باقائده پنهنجي پروفيشن جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟

ج: شروعات ۾ ميٽرڪ کانپوءِ پرائمري ماستري ملي، ايم اي انگلش 1969ع ۾ پاس ڪيم ته جنوري 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچررشپ جي نوڪري ملي وئي، جتي زندگي جا 30 سال تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي گذاريا.

س: اوهان اڄ سنڌ جا ناليوارا تعليمدان آهيو، پنهنجي پورهئي مان ڪيترو مطمئن آهيو؟

ج: ماڻهن جي محبت آهي جن نالو ڏنو آهي، پنهنجي پورهئي مان مطمئن ناهيان، تعليم لاءِ هر قرباني ڏيڻ چاهيان پيو، پر اسانجي بدقسمتي آهي ته تعليم هميشه حڪومتن جي ڪنٽرول ۾ رهي آهي ۽ پاڪستان جي قيام کان اڄ تائين مون ايماندار حڪومت ناهي ڏٺي.

س: ڪتابن پڙهڻ جو شوق ڪيترو آهي؟

ج: ننڍپڻ کان ڪتابن سان دوستي رهي آهي، ميهر شاهه جي ميلي تي ڪتابن جو اسٽال لڳايو ويندو هو، جتان پنهنجي خرچي مان 4 آنن، 6 آنن ۽ 8 آنن ۾ ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هئس، درسي ڪتابن کان علاوه چار درويش، جان عالمن انجمن ۽ ٻيا ڪتاب ان زماني ۾ پڙهڻ لاءِ وٺندا هئاسين.

س: اوهان اڄ تائين ڪيترا ۽ ڪهڙا ايوارڊ ماڻيا آهن.؟

ج: مارچ 2014ع ۾ صدارتي ايوارڊ تمغهء امتياز سان نوازيو ويو، قلندر لال شهباز، سچل سائين جي سالياني ميلن ۽ ٻين مختلف ادبي انجمن پاران ڪيترائي ايواڊ ڏنا ويا آهن، ماڻهن جون محبتون ڏسي ايوارڊ وٺندو آهيان، باقي ايوارڊن جي منهنجي نظر ۾ ڪا خاص اهميت ناهي، انسان جو ڪردار ئي ان لاءِ سڀ کان وڏو ايوارڊ آهي.

س: اوهانجو آئيڊيل ڪير آهي؟

ج: منهنجو ڪوبه آئيڊل نه آهي، اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اُن ۾ اهڙي ڪا شخصيت نظر نٿي اچي جنهن جي پوئواري ڪجي، هر شخص ۾ ڪا نه ڪا خوبي ضرور هوندي آهي پر آئيڊيل لاءِ خوبين جي مجموعي واري ڪردار جي ڳولا هميشه ڳولا ئي رهي آهي.

س: اوهانجي ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟

ج: زندگي ۾ ڪابه خواهش ناهي رکي، فقيراڻي مزاج ۾ وقت گذارڻ چاهيندو آهيان، ٻن ويلن جي ماني ملي ٿي روح ان ۾ ئي راضي آهي.

س: ڪا اهڙو وقت جنهن کي اوهان اڄ به ياد ڪريو ته خوشي محسوس ٿيندي هجي؟

ج: غريب خاندان سان لاڳاپيل هئس، 1970ع ۾ جڏهن ليڪچررشپ ملي ته تمام وڏي خوشي ٿي، جيڪا هميشه ياد رهندي آهي، پگهار جي شروعات ساڍا ٽي سو مان ٿي جيڪا ان وقت تمام گهڻي اهميت رکندي هئي.

س: زندگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: زندگي موت کان وڌيڪ بهتر آهي، دوستي کي زندگي سمجهندو آهيان، جڏهن پراڻا دوست ملندا آهن ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ نئين زندگي ملي وئي آهي.

س: اوهان تنهائي پسند آهيو يا ميڙاڪن ۾ رهڻ چاهيندا آهيو؟

ج: هجوم سان دلچسپي ناهي هوندي، ادبي ميڙاڪن ۾ صرف ڪجهه سکڻ لاءِ شرڪت ڪندو آهيان، اڪثر اڪيلائي ۾ وقت گذاريندو آهيان، جنهن دوران ڪتاب ئي منهنجو بهترين ساٿي هوندو آهي.

س: اوهان شاعري سان ڪيتري قدر دلچسپي رکو ٿا؟

ج: شاعري تمام گهڻي پسند آهي ۽ مان پاڻ شاعري ڪئي آهي، 1956ع ۾ پهريون نظم لکيو، پنهنجي شاعري شايع ناهيان ڪرائيندو، شاهه عبدالطيف ڀٽائي کي گهڻو پڙهندو آهيان، استاد بخاري جي شاعري کان متاثر آهيان، احمد ملاح، محمد بخش ۽ علي محمد مجروح وڏا شاعر آهن، جن جو اڄ ذڪر ئي ناهي، جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي.

س: آخر ۾ ڪو پيغام ۽ خاص طور سنڌ يونيورسٽي جي شاگرن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟

ج: منهنجو هميشه نعرو رهيو آهي ته سي ٽو، ڪامپيٽينٽ ۽ ڪريڪٽر انسانيت سان محبت ڪريو، ننڍ وڏائي جو فرق ختم ڪريو، ماڻهو ننڍو وڏو ناهي ٿيندو، ڪردار ئي ماڻهن کي اوچو بڻائيندو آهي.