مايوسن م مرڪون وکيريندڙ:قادر بخش مٺو

سلطان رند

قادر بخش مٺو سنڌ جو مزاحيه فنڪار، جنهن جو جنم ڪوٽڙي شهر ۾ ٿيو، اتان ئي تعليم ورتائين، هن شهباز ايوارڊ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا آهن، هو ڪافي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، اسان سندس چاهيندڙن لاءِ ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه پيش ڪري رهيا آهيون.

س:  قادر بخش مٺو اسان جي پڙهندڙن کي پنهنجي ننڍپڻ بابت ڪجهه ٻڌايو؟

ج:  منهنجو جنم ڪوٽڙي ۾ ٿيو، اتي ئي پڙهيس، اتي ئي وڏو ٿيس.

س:  سائين قادر بخش، مٺو ڪيئن ٿيو ۽ هن مسخري جي شعبي ۾ ڪيئن آيو؟

ج:  ننڍي هوندي جڏهن اسڪول ۾ هئس، ته اسان جي اسڪول جي سامهون ڪنڊيءَ جا وڻ تمام گهڻا هوندا هئا. سيارو ٿيندو هو ته کوڙ سارا ”مٺو“ (طوطا) اچي انهن تي ويهندا هئا.آئون پڙهڻ بجاءِ انهن کي پيو ڏسندو هئس. اسان جو استاد چوندو هو ”مٺو! اهو طوطن ڏي ڇا ٿو ڏسين!؟، ڪجهه ڪتابن ڏي به نهار.“  بس ان ڏينهن کان قادر بخش جي نالي ۾ مٺو جو اضافو ٿي ويو. پوءِ آهستي آهستي ٻولين جو شوق ٿيو، سڀ ڇوڪرا لکن پڙهن پيا ۽ منهنجي ڪِرت  اها ئي مِٺُن ڏي نهارڻ. هڪ ڏينهن اُستاد پڇيو ته ”مٺو!، تون ڇا ٿو ڄاڻين؟“ مون چيو ”سائين! آئون مٺو جون ٻوليون ٿو ڄاڻان.“

س: مسخريءَ جي ڪا باقائده سکيا ورتي يا ائين پاڻ ئي ان فن تي مهارت ماڻي؟

ج: شروع ۾ حيدرآباد ريڊيو تي استاد ”پلپلي“ پروگرام ڪندو هو، ان کي ٻڌوسين پوءِ ان شوق ۽ جستجوءِ ۾ ڌاڳو ٻڌرايم استاد محمد مغيري دادو واري کان. ان کان ڌاڳو ٻڌرائڻ جي صلاح علڻ فقير ڏني.

س:  فني زندگي جي شروعات  ڪڏهن ۽ ڪٿان ڪئي؟

ج: ڪوٽڙي ۾ اسان جي مائٽن جي شادي هئي، ان ۾ ڪيترائي فنڪار آيل هئا، ان شاديءَ ۾ مونکي به موقعو ڏنائون، ٻه ٽي آئٽم جيڪي سکيا هئم اهي ٻڌايم، ماڻهن همت افزائي ڪئي. ائين شوق وڌيو ۽ مون پنهنجي فني زندگيءَ ۾ پير پاتو.

س: فني زندگيءَ جو ڪو يادگار واقعو ٻڌايو؟

ج: ڪجهه وقت اڳ آئون ماسڪو ۾ پروگرام ڪرڻ ويو هئس. مونکي اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل هو ۽ اجرڪ جي صدري پاتل هئي، جتان لنگهيس پئي ته ماڻهو مونکي هيٺان کان مٿي تائين تڪي رهيا هئا ته هيءَ ڪٿان جي سوکڙي آهي. اهو واقعو مونکي اڄ تائين ياد آهي.

س: اوهان جي خيال ۾ مزاح جي وصف ڪهڙي آهي؟

ج: مزاح اهڙي صنف آهي جنهن کي ٻڌي ماڻهو وقتي طور تي کلن ٿا. مزاحيه فنڪار جڏهن فن جو مظاهرو ڪندو آهي ته اهو چوندو آهي ته جيئن عوام هن مهل کلي ٿو الله ڪري سدائين ائين کلندو وتي ۽ خوش گذاري.

س: ٻاهرين دنيا ۾ مزاح جي وڏي مڃتا آهي يا اسان جي ملڪ ۾؟

ج: اسان جي ملڪ جي نسبت ٻاهرين ملڪن ۾ فنڪارن جو وڏو قدر آهي.

س: مزاح جي دنيا ۾ هڪڙو مزاح جسماني ۽ ٻيو ڊائلاگ جي ذريعي ڪيو ويندو آهي، توهان جي نظر ۾ ڪهڙو وڌيڪ  متاثر ڪندڙ آهي؟

ج: آئٽم اهو آهي جو ماڻهو سڌي طرح سان ادا ڪري ۽  ماڻهن کي متاثر ڪري باقي جسماني ڪرتب سان کلائڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.

س: ريڊيو تي ڪيئن ۽ ڪنهن جي معرفت آيا؟

ج: آئون ننڍڙو هئس ته مونکي عبدالڪريم بلوچ صاحب ريڊيو تي وٺي آيو. جتي مون کي ڪوثر ٻرڙو، نصير مرزا، انور بلوچ (مرحوم)، جهانگير قريشي، گل حسن قريشي ۽ ٻين پروڊيوسرن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ٽي وي تي بلوچ صاحب وٺي هليو هارون رند جو پروگرام هو ”روشن تارا“ مونکي روشن تارا پروگرام ڪرڻ جو به موقعو مليو.

س: توهان جي نظر ۾ ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج منجهان ڪٿي توهان کي سٺي موٽ ملي؟

ج: وڌ ۾ وڌ جيڪا پذيرائي ملي ٿي اها ته ريڊيو ۽ ٽي وي تي ٿئي ٿي. باقي اسٽيج تمام ڏکيو هوندو آهي.

س: ڪنهن فلم ۾ به اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو؟

ج: هڪڙي فلم آهي ”سنڌ جو قسم“، ان ۾ مهمان اداڪار طور ڪم ڪيو آهي.

س: طنز مزاح اوهان جي شخصيت تي ڪيتري حد تائين اثرانداز آهي؟

ج: نالو ته قادربخش آهي پر ان مزاح جي ڪري ته ”مٺو“ ٿيس.

س: فن جو مظاهرو ڪرڻ مهل اوهان جا ڪهڙا تاثرات هوندا آهن؟

ج: انٽري هوندي آهي ۽ سڏ ٿيندو آهي ته الله کي ياد ڪندو آهيان ۽ قرآن پاڪ جون ٻه ٽي آيتون پڙهندو آهيان ۽ دل ئي دل ۾ دعا گهرندو آهيان ته ”الله سائين عزت رکجان.“

س: توهان پنهنجو فن، پنهنجي ڏات اولاد ڏانهن منتقل ڪرڻ جي خواهش رکو ٿا؟

ج: هيءَ قُدرت جي طرفان مليل ڏات آهي. منهنجو ڇوڪرو آهي جيڪو لڪي لڪي ڪنهن مهل ٻوليون ڪندو آهي، آئون ٻڌندو آهيان، هڪڙي ڏينهن چيومانس لڪي ڪم نه ڪر منهنجي سامهون اچ، ڊپ ختم ٿيندئي چار ٻيا ماڻهو به ٻڌن ته اعتماد ايندو.

س: مزاح فطري آهي يا ان کي الهامي چئجي؟

ج: اهو فطري ۽ الهامي ته الائي ڇا آهي! مونکي سمجهه ۾ نه آيو (هاهاهاها).  اهو ڄاڻان ته مزاح ضروري آهي.

س: شاعري سان ڪيترو لڳاءُ آهي ۽ ڪهڙو شاعر پسند آهي؟

ج: اسان جو ته رهبر به شاعر آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام سان عشق آهي. سندن وائي ”ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي.“ گهڻي وڻندي اٿم.

س: ڀلا ايترن فنڪارن جا نقل ڪندا آهيو، ڪڏهن ڪنهن ناراضگيءَ جو اظهار ته ڪونه ڪيو؟

ج: الله خوش رکين، ڪوبه ناراض ناهي ٿيو، پاڻ خوش ٿيندا آهن. انجواءِ ڪندا آهن. جلال چانڊيو مرحوم چوندو هو ته ”يار مٺو! جنهن فنڪشن ۾ آئون نه هجان ته ڀلي نقل ڪندو ڪر پر آئون هجان ته نه ڪجانءِ نه ته آئون ڳائيندس ته ماڻهو سمجهندا جلال مسخري پيو ڪري.“

س: فني زندگي ۾ مڃتا طور ڪهڙا ايوارڊ ماڻيا؟

ج: مونکي شهباز ايوارڊ کان علاوه ٻيا به ايترا ايوارڊ مليا آهن، جو منهنجي الماري ڀرجي وئي آهي، منهنجو ڪمرو ڄڻ رانديڪن جو دڪان لڳو پيو آهي.

س: چوندا آهن ته فن ۽ علم ورهائڻ سان وڌندو آهي. توهان ڪي شاگرد ٺاهيو پيا؟

ج: سائين ڀلي ڪو به اچي، مان حاضر آهيان. هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ همراهه آيو، فل سوٽ، چشمو، هٿ ۾ سگريٽن جو پاڪيٽ، اچي چيائين ”واٽ از يور نيم؟“ چيومانس ”ماءِ نيم از قادر بخش مٺو.“ چيائين توهان کان فن سکڻو آهي، هفتي کن ۾ مونکي تيار ڪر. مون معافي ورتي مانس ”ٻيلي معاف ڪر، هفتي ۾ ڪير فنڪار ٿيو آ؟“

س: پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

ج: ميڪناز، گولڊ ۽ ڪبڙا عاشق پسنديده فلمون آهن. جنگل ۽ ديوارين پسنديده ڊراما، چانهه، لباس ۾ شلوار قميض پسند اٿم.

س: ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندؤ؟

ج: ظاهر آهي پيغام ئي ڏئي سگهان ٿو ”نوڪري ته ڏئي نٿو سگهان“ (هاهاهاهاها). باقي ماڻهن کي مرڪون مان ڏيان ٿو. زندگي ڀر هونءَ ماڻهن اسان کان ڪڏهن پڇيو نه آهي ته ”مٺو توکي ڪهڙو ڏک آ، ڪا تڪليف آ“ باقي پيغام اهو آهي ته فنڪار پاڻ ۾ ٻڌي ڪن، بيمار ۽ غريب فنڪارن جي سار لهن.