بهتر تعليم سان ئي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهجي ٿو: انجنيئرشاه محمد مستوئي:

طاهرمستوئي

شاه محمد مستوئي لاڙڪاڻي ۾ 10 فيبروري 1962ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. 1981ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي خيرپور مان سول انجينئرنگ ۾ ڊپلوما ۽ پوءِ ايم اي ايڪانامڪس سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. 1983ع ۾ بلڊنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڀرتي ٿيو، سندن والدين جي چوڻ تي اها نوڪري ڇڏي، ريلوي ۾ سب انجنيئر وي (اي-ڊبليو-آءِ) جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو، هينئر پاڻ ايگزيوڪيٽو انجنيئر حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.

 

س: پاڪستاني انجنيئرن جي ترقي يافته ملڪن جي انجنيئرن سان ڪيئن ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي؟

جواب: پاڪستاني انجنيئرس کي تمام سٺي اهميت حاصل آهي، ڇو ته هتي هر ڪم پلاننگ سان ٿي رهيو آهي ۽ پنهنجي ملڪ کان علاوه پاڪستاني انجنيئرس ٻين ملڪن ۾ به ڪم ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان پاڪستان جي انجنيئرن کي ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ سٺو مقام حاصل آهي.

س: توهان جي نظر ۾ ريلوي خساري ۾ ڇو پئي؟

جواب: پاڪستان ريلوي ۾ خساري جو هڪ وڏو سبب گڊس ٽرانسپورٽ نه ملڻ آهي. جيئن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ريلوي هلي ٿي، انڊيا جو ئي مثال وٺو ته انڊيا ۾ صوبي جي اندر ته روڊن ذريعي گڊس ٽرانسپورٽ ٿئي ٿي پر جيڪڏهن صوبي کان ٻاهر گڊس ٽرانسپورٽ ٿيندي ته صرف ريلوي جي ذريعي ئي ٿيندي، توڙي ان جو مفاصلو ٻه ڪلو ميٽر ئي ڇو نه هجي. ان ڪري اُتان جي ريلوي ڪمائي ٿي ۽ ڪڏهن به خساري ۾ نه وئي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪراچي کان لاهور، ڪوئيٽا، چمن ۽ پشاور تائين ٽرانسپورٽ روڊن ذريعي ٿيندي ته ريلوي کي ڪٿان فائدو ٿيندو، اهو ئي سبب آهي جو ريلوي خساري ۾ پئي هلي.

س: پاڪستان ريلوي جي موجوده حالت ڇا آهي؟

جواب: پاڪستان ريلوي جي موجوده حالت بهتر ٿي رهي آهي، موجوده گورنمينٽ پاڪستان ريلوي کي بهتر بڻائڻ لاءِ دلچسپي وٺي پئي ۽ انجڻن جو سامان پڻ ملي رهيو آهي، جيڪي ناڪارا انجڻيون آهن انهن کي ٺهرايو پيو وڃي.

س: زندگي جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو اڄ ڏينهن تائين ياد هجي؟

جواب: اهڙا ته گهڻا ئي واقعا پيش آيا پر غلط ڳالهين کي ياد رکڻ منهنجي عادت ۾ شامل نه آهي ۽ خاص ڪري اهڙين ڳالهين کي جيڪي  زندگي جي ڪنهن موڙ تي اسان کي ڪمزور بڻائي ڇڏين، انهن کي ياد ناهي رکيو. ها بابا سائين جي هڪ ڪيل نصيحت اڄ ڏينهن تائين ياد آهي ته ”غريبن ۽ غريب مائٽن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو منشور بڻائي ڇڏيو ۽ وڏن جي عزت ۽ ننڍن تي شفقت ڪيو.“ آءٌ پنهنجي والدين جو شڪر گذار آهيان جن هڪ مزدور جي حيثيت سان محنت ڪري مونکي هن مقام تي پهچايو ۽  منهنجي همت افزائي ۽ مدد ڪندا رهيا. آءٌ اڄ جيڪو ڪجهه آهيان پنهنجي والدين جي دعائن ۽ محنت ڪري آهيان.

س: انجنيئرنگ پڙهندڙ شاگردن لاءِ ڪو پيغام؟

جواب: آءُ انجنيئرنگ پڙهندڙ شاگردن لاءِ هي پيغام ڏيڻ چاهيندس ته ”هن وقت شاگرد آهيو ته محنت ڪري انجنيئرنگ جي تعليم سٺي نموني حاصل ڪريو ۽ پنهنجي ملڪ پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪريو.“