ڳوٺ وارن جا پهاڪا ۽ چوڻيون.

ممتاز علي جمالي


 

         انسان بنيادي طرح سائينسدان هوندو آهي ڇاڪاڻ تـه هن کي شيون پرکڻ ۽ بعد ۾ تجربو ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي اهڙي طرح انسانن جو ڪجهـه چوڻيون آهن جيڪي هن دنيا ۾ سائينس جي ٿيوري طور تصور ڪيون وينديون آهن.

             اهڙي طرح ڳوٺن ۾ جڏهن اسين ويندا آهيون تـه اتي هر ڳالهه ڳالهه ۾ هڪ چوڻي يعني هڪ پهاڪو ضرور ڏيندا آهن جيڪو ڪنهن نـه ڪنهن حساب سان ان موقعي يا ان ڳالهه سان مشهابت رکندو آهي. ڳوٺن جي وڏڙڻ جون اهي چوڻيون جيڪي هينئر تائين مشهور آهن جنهن کي هر انسان ڪنهن نا ڪنهن موقعي ۾ استعمال ڪندو آهي.  جئين والادين پنهنجي اولاد کي سٺي نصيحت ڏيڻ محل چوندو آهي تـه پٽ ”ٻه تـه ٻارنهن “ جنهن جو مطلب آهي ٻڌي ۾ طاقت آهي.

اهڙي طرح ”نڀاڳو ٻار پينگهن ۾ پڌرو“ جنهن جو مطلب تـه ڪم چور ، سست انسان شڪل مان ئي ظاهر هوندا آهن جڏهن ڪا ڳالهه مقصد کان ٻاهر ڪئي ويندي آهي تـه اهو چيو ويندو آهي تـه ” ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الله يار“  انهي جو اهو مطلب آهي تـه ڳالهه ڪهڙي هلي ٿي ۽ ڳالهه ڪهڙي ڪئي وئي آهي؟؟ انهي مان اهو سبق ملي ٿو تـه هميشـه ان موضوع تي ئي ڳالهايو وڃي جيڪو ذير بحث آهي.

ڪڏهن ڪڏهن انسان پنهنجي آپي مان نڪري ويندو آهي ۽ انهي جي لاءِ اهو پهاڪو ڏيندا آهن تـه ”هڪ انڌي ٻيو کيڏي کيڙين ۾“ يا سوڙهـه آهر پير ڊگهو ڪرڻ“ هنن پهاڪن مان اهو مراد آهي تـه انسان چادر ڏسي پير کڻي مطلب تـه هڪڙو انسان جيڪو تمام ڪمزور آهي ۽ وڙهڻ وڃي ٿو پهلوان سان تـه ضرور هارائندو. جيئن سست ماڻهون جيڪي پنهنجي غلطي ٻين جي مٿان هڻندا آهن انهن لاءِ وري هي پهاڪو مشهور آهي تـه ”هلڻ پوڄي پاڻ کان نـه ڏوهـه وري گوڏن جو“ هن جو مطلب تـه همت توهان پاڻ  ۾نـه آهي ۽ قصور وار ٻي کي سمجهو ٿا. جڏهن انسان پنهنجو حيثيت وساريندو آهي يا پنهنجي سوچ کان وڌيڪ خواهشون رکندو آهي تـه وڏڙا انهن جي باري ۾ چوندا آهن تـه” ماءُ موري پيوءَ بصر پٽ وري فتح خان“ انهي جو مطلب اهو آهي تـه پنهنجي ديس ويس رهڻي ڪهڻي کي ڇڏي ڪري ڪا اهڙي گُهر ڪرڻ يا اهڙو ڪم ڪرڻ جيڪو ٻين جي پهچ کان مٿي هجي تـه اتي وڏائي ناهي ڏيکاربي..

 بزرگ چوندا آهن تـه جيڏو وڏو ڪم هوندو يا جيڏي وڏي منزل هوندي اوتري ئي گهڻي تڪليف ٿيندي،  تنهن جي ڪري اڄ بـه چوندا آهن نـه تـه ” جيڏا وڏا اٺ تيڏا وڏا لوڏا“ مطلب تـه جيتري گهڻي غلطي ڪندو اترو گهڻو لوڙيندو. معاشري جو اهو بـه دستور آهي تـه هر انسان جي زندگي ۾ هزارين اهڙيون خواهشون هونديون آهن جيڪي هن جي پهچ کان پري هونديون آهن اهڙي طرح غريب ۽ ڪمزرو انسان بـه ڪڏهن ڪڏهن اهڙي خواهش ظاهر ڪندو آهي جيڪا هن جي پهچ کان پري هوندي آهي تڏهن تـه وڏا پهاڪا ڏيندا آهن ”غريب جو ٻار جاڏي ڪاڏي تيار“ مطلب تـه ڪمزور ۽ غريب انسان هميشـه وڏين خواهشن تي ڳالهائيندو آهي. انهي جي ڪري وڌيڪ هي پهاڪو بـه ڏيندا آهن تـه ” هڪ انڌو ٻيو وري کيڏي اک ٻوٽ“ مطلب تـه پاڻ وٽ آهي ڪجهـه نـه پر خواهشون وڏيون ڪندا آهيون.

اهڙا کوِڙ سارا پهاڪا چوڻيون جيئن انڌن ملتان لڌو، توهان جي ٻلي بـه ٻه مڻ، نانگ جو کاڌل نوڙي کان دڄي.، اٺ نـه پڄي ٻوجهو لتاڙيان، ڄميو ڪونهي ناني منهانڊي، سڪڻي کي ڄائو پٽ چميون ڏئي ماري ڇڏيو، هڪ واٽ اللاهي ٻيو وري مکي ڏي.، نانگ بـه مري ۽ لٺ بـه بچي، هڪ وڻين ڪون ٻيو کڻي ٻوٽيون، سوناري جا سئو ڌڪ لوهار جو هڪ ڌڪ، ڏاچي هڻي ڏهـه توڏي هڻي تيرنهن، آئي ٽانڊو کڻڻ بورچاڻي ٿي وهي رهي، اَٺ آنا اُٺ ٻارنهن آنا گهيلاڻي،اڇي ڏاڙهي اٽو خراب، ڀاڳ ڏي ڀيڻو دال مٿان سيرو، جيڪو ڏاڍو سو گابو.

                     اهڙا ٻيا ڪيترائي پهاڪا جيڪي هينئر وڏن شهر جا ماڻهون بـه پنهنجي گفتگو ۾ استعمال ڪن ٿا، اهي پهاڪا جيڪي هن سماج جي ڪنهن نـه ڪنهن پهلو سان ملن ٿا اصل حقيقت ۾ اهي پهاڪا سڄي ڳالهـه کي چند لفظن ۾ سمجهائڻ جو مقصد آهي تـه جنهن سان اوهان ڳالهايو ٿا اهي اوهان جي ڳالهـه هڪ دم سمجهي سگهي ۽ ٻيءَ ڪنهن کي خبر بـه نـه پئي جيئن چوندا آهن تـه چئو ڌيءَ کي سمجهي نوح وڃي.

 نوجوان ۽ نئي ٽهي کي گهرجي تـه انهن پهاڪن بزرگن جي چوڻي کي مزاق ڪري نـه وٺن بلڪـه ان مان سبق وٺن.