ڪوٽڙي بئراج جي تاريخ

امام علي ڀلائي

سنڌ صدين کان سکي ۽ ستابي رهي آهي پر ان جي باقائده شروعات ان دور کان شروع ٿي جڏهن عربن 7 عيسوي ۾ سنڌو درياهه کي بند ڏياري نهرون وهائڻ شروع ڪيون ۽ نهرن تي نار چاڙهايا. ٻيو دورو انگريزن جو هو،  جن 1843 ع ۾ سنڌ تي قبضي بعد  ڪراچي بندر کان پنجاب ۽ هندستان تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه تي ٻنهي طرفن کان بند ٻڌڻ شروع ڪيا، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد وچ  پهرين ريلوي پل ۽ بعد ۾ روهڙي ۽ سکر ٻي تاريخي پل ۽ سکر بئراج تعمير ڪرايو.  ان سلسلي ۾  حيدرآباد ويجهو گدو بندر ۽ ڪوٽڙي وچ ۾ ريلوي پل 1888ع ۽ 19 32 ع وچ  دوران جوڙائي.  اهڙي طرح پاڪستان جي قيام کان پوءِ انگريز سرڪار جي تجويز ڪيل  گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج به تعمير ڪري سنڌ جي زمينن کي ذرخيز ڪيو ويو

1955ع ڌاري حيدرآباد ۽ ڄامشورو وچ ۾ بئراج تعمير ڪرايو ويو هن بئراج جي پيڙهه جو پٿر 12 فيبروري 1950ع  ۾ پاڪستان جي گورنر جنرل الحاج خواجا ناظم الدين رکيو جڏهن ته بئراج جو افتتاح ان وقت پاڪستان جي گورنر جنرل چوڌري غلام محمد ڪيو جڏهن ته ان وقت سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي پنهنجي ڪابينا جي روينيو واري وزير ۽ سنڌ جي ناليواري ليکڪ پير علي محمد راشدي جي تجويز تي گورنر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج جو نالو غلام محمد  رکڻ جي تجويز ڏني ۽ اوچتو آجياڻي تقرير ۾ اها گذارش شامل ڪئي وئي. جنهن تجويز کي پاڪستان جي گورنر  چوڌري غلام محمد قبول ڪيو ۽ هن  پاڻ بئراج جو سرڪاري نالو غلام محمد بئراج رکيو. پر پوءِبه هن  بئراج کي عام ماڻهو ڪوٽڙي بئراج يا المنظر پل  واري پل جي نالي سان ڪوٺين ٿا.                                                

ڪوٽڙي بئراج کي پرڏيهي ڪمپني 5 سالن جي مختصر مدي ۾ 935 ملين ( 93 ڪروڙ 50 لک روپين جي خرچ سان جوڙي تيار ڪيو. هن بئراج جا 44 دروازا آهن جڏهن ته 2 فش گيٽ ۽ هڪ انٽري گيٽ شامل آهن. بئراج جي ڊيگهه 9 هزار 284 فوٽ ۽ بئراج جي هرهڪ گيٽ جي ويڪر 60 فوٽ  ۽ اوچائي 35 فوٽ آهي.  جن جي ذريعي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو  هن بئراج وٽان  4 ڪئنال نڪتل آهن جن مان درياهه  جي ساڄي پاسي ڪلري بگهار فيڊر ۽  کاٻي پاسي  پراڻي ڦليلي، نئين ڦليلي ۽ اڪرم واهه شامل آهن. چار ئي واهه ڪراچي، ٺٽي، ڄامشورو، حيدرآباد، بدين، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ، ڳوٺن، آبادين کي پيئڻ ۽  40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين جي آبادي لاءِ پاڻي فراهم ڪن ٿا.

 

44 دروازن واري هن ڪوٽڙي بئراج مان هڪ ئي وقت 8 لک 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي گذر جي گنجائش موجود آهي، هر هڪ دروازي مان پاڻي جي نيڪال جي گنجائش 19 هزار 888 ڪيوسڪ آهي. پر 1956ع ۾ آيل وڏي  يعني مها ٻوڏ دوران گنجائش کان سوا لک ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي يعني 9 لک 81 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو گذر ڪرايو ويو. جنهن دوران هر هڪ دروازي مان 22 هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي گذاريو ويو. جنهن بعد 1973، 1976، 1990 ع جي وڏين ٻوڏن دوران هن بئراج مان 7 کان 8 لک ڪيوسڪ جي درميان پاڻي کي گذاريو ويو.  16 سال اڳ 1996 ع ۾ آيل وڏي ٻوڏ ۾ 8 لک 24 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو گذر ٿيو هو. جڏهن ته گذريل سال2010ع دوران 27 آگسٽ 2010 ع تي آبپاشي لاتي جي رڪارڊ ڪيل انگن اکرن موجب  ڪوٽڙي بئراج مان 9 لک 64 هزار874   ڪيوسڪ پاڻي جو گذر ٿي ڪچو آهي.

 

ڪوٽڙي بئراج وٽان 2 لک ڪيوسڪ کان گهٽ پاڻي جي وهڪري کي معمولي ٻوڏ، 2 لک کان 3 لک 50 هزار ڪيوسڪ تائين پاڻي جي وهڪري کي هيٺيئين درجي جي ٻوڏ، ساڍا 3 لک ڪيوسڪ کان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي جي وهڪري کي وچولي درجي جي ٻوڏ، 5 لک کان 7 لک ڪيوسڪ تائين جي پاڻي وهڪري کي مٿئين درجي جي ٻوڏ، 7 لک ڪيوسڪ کان 9 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي جي وهڪري تمام وڏي ٻوڏ ۽ 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي وهڪري کي سُپر فلڊ يعني وڏي مان وڏي يعني مها ٻوڏ شمار ڪيو ويندو آهي.

 

ڪوٽڙي بئراج جي 55 سالن جي عرصي ۾ انگلينڊ جي هڪ  تعميراتي ڪمپني نومبر 1989 ع کان جون  2000 ع تائين پهرئين تعميراتي ڪم واري رقم کان سوائي رقم يعني1637 ملين ( هڪ ارب 63 ڪروڙ 73 لک روپين) جي لاڳت سان  هن بئراج جي 44 ئي دروازن جا طاق تبديل ڪيا ۽ روڊ نئين سر تعمير ڪيو جنهن لاءِ هيوي قسم جي مشينري استعمال ۾ آندي وئي.

 

 ڪوٽڙي بئراج  جي هي پل ڄامشورو کان علاوه ڪراچي، دادو جي عوام کي حيدرآباد، بدين ميرپور خاص توڙي ملڪ جي ڪنڍ ڪڙڇ سان سپر هاءِ وي ذريعي ڳنڍيندو آهي. هن ڪوٽڙي بئراج ۽ ان جي پل تان وڏين گاڏين کان  بچاءُ لاءِ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ۽ ڪوٽڙي پل کان مٿي  وچ ۾ هڪ پل تعمير ڪئي وئي آهن جيڪا سپرهاءِ وي ۽ قومي شاهراهه کي حيدرآباد ٻاهريان هٽڙي جي مقام تي ڳنڍي ٿو ۽ ان نئين تعمير ٿيل روڊ کي ڪوٽڙي، ڄامشورو ۽ حيدرآباد جو باءِ پاس سڏجي ٿو.

پابندي باوجود رات توڙي ڏينهن جو ڪوٽڙي بئراج پل تي مقرر اهلڪار وڏي رشوت عيوض وڏين ۽ مال بردار گاڏين جو گذر ڪرائين ٿا جنهن ۾ آبپاشي کاتي جو عملو به ملوث هجي ٿو.

 

هن تاريخي ڪوٽڙي بئراج جو ڏيهه توڙي پرڏيهه جون اهم شخصيتون دورا ڪري چڪيون آهن. جن ۾ عراق جو شهنشاهه شاهه فيصل، عراق جو وزيراعظم عدنان ميندرس، اردن جو وزيراعظم نوري سعيد، ترڪي جو صدر جلال بابر، ملڪ جو پهريون چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جو گورنر چوڌري غلام محمد، ممتاز ڀٽو، تازو ئي گذريل سال  چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز اشرف ڪياني،  قومي اسميبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا، صدر مملڪت آصف علي زرداري کان علاوهه پنهنجي پنهنجي وقت جي سربراهن ۽ وزيرن سميت اهم شخصيتن هن بئراج جو دورو ڪري چڪيون آهن.

 

ڪوٽڙي بئراج پل وٽ  ٻه هوٽلون قائم ٿيل آهن جتي تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهو کاڌو ۽ ٿڏيون شيون کائيندا آهن، انهن هوٽلن تي پلو پچرائي کائيندا آهن، هتي پلو مڇي پچرائڻ جا به الڳ طريقڪا استعمال ڪيا ويندا آهن، هتي هوٽلن جي انتظاميه ايندڙ ماڻهن جو منهن مهانڊو ڏسي اهڙي نموني سان بل وصول ڪندا. هتي قائم ٿيل المنظر هوٽل، ضلعي حڪومت ۽ الحمرا هوٽل آبپاشي کاتي جي ملڪيت آهن، جيڪي هوٽلون هلائيندڙن کي مقاطعي تي ڏنا ويندا آهن، جتي ٻنهي انتطاميائن جي مالڪي  ۽ سار سنڀال نه هجڻ ڪري تفريحي ماڳ بڻجي نه سگهيا آهن ۽ نه ئي اتي تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪي ڪرسيون ۽ پارڪ جوڙيل آهن.

 

ڪوٽڙي بئراج پل پلي  مڇي جي ڪري مشهور آهي هتي ڏيهه پرڏيهه جا ماڻهو تفريح ڪرڻ ايندا آهن، ته انهن کي ميزبانن پاران پلو کارايو ويندو. ڪجهه سالن کان سنڌو درياهه جي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم م پاڻي نه ڇڏڻ ڪري جهڙوڪ پلي جو نسل تباهه ٿي ويو آهي، هن وقت سنڌو درياهه جي ڊائون اسٽريم پاڻي جو وهڪرو هجڻ باوجود پلو نه پيو مري، مهاڻا سڄو ڏينهن رڇ وجهي ويهي ويهي خالي هٿين واپس موٽن ٿا، اتي هوٽلن تي وڪرو ٿيندڙ پلو، ايران، ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي هٿرادو ڍنڍن مان آندو ويندو آهي.