روپا ماڙي

رميز لاکو


اسان سنڌ جي تاريخ جي دري ۾ نظر وجھي ڏسنداسين تـ اسان کي سنڌ تي حڪومت جا ڪافي دور نظر ايندا ۽ ڪيتريون ئي سنڌ تي حڪومتون ڪيتروئي وقت هليون ۽ اسان جي تاريخ جي انهن دورن مان تاريخي دور سومرن جو دور بـ آهي. سنڌ ڌرتي بهادر ۽ دلير شخصيتون تـ انيڪ پيدا ڪري چڪي آهي پر خاص سومرن جي دور ۾ جنهن حڪمرانن جا چرچا هلندا آ يا آهن اهي سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ واسين کي هميشه کان هڪ سبق، درس ۽ مثال ڏيندا آيا آهن.
سنڌ ڌرتي جنهن اهڙين شخصيتن جا بيمثال مثال ڳڻايا آهن. جنهن دور جو هتي ذڪر ٿي رهيو آهي اهو تـ تاريخي سومرن جو دور آهي ۽ اگر اسان سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جي ڳالھ ڪيون تـ دودو سومرو جيڪو پهنجي دليري ، بهادري ، ۽ بهتر حڪمراني جو مثال ڏئي پهنجي ڳڻپ ڪرائي ٿو ۽ جنهن پهنجي قوم کي هميشه کان هڪ سٺي حڪمران وانگر انهن تي حڪومت ڪئي ۽ تنهن دور جي هر شخص کي ان جي معياري اهميت ڏني . دودي سومري کان پوءِ چنيسر جيڪو دودي جو ڀاءَ هوان ۾  ان جو ضفتون هيون پر الائي ڇا جي ڪري هو حڪنراني وارا گڻ پاڻ ۾ نـ سمائي سگھيو.
ان دور جو مشهور حڪمران جنهن جا چرچا اڄ بـ ان ونگر مشهور آهن ۽ جنهن جا قصا اسان جي سنڌ سموري ۾ ٻڌا ويندا آهن انهي حڪمران جي مزار روپا ماڙي آهي جنهن وٽ پهنجي تاريخي حيثيت موجود آهي . هي مزار جتي دودو سومرو جي تربت آهي اها رڻ ڪڇ جنهن کي رڻ جو ڪڇ بـ ڪوٺيو ويندو آهي جيڪو ضلعي بدين جي شهر کان 42 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي . هن مزار کي ماڙي ڪوٺيو ويندو آهي جنهن ۾ شهيد دودي سومري جي مزار واقع آهي.
هن ماڙي جي سادگي ۾ ئي خوبصورتي آهي سڀ کان پهرين تـ هن ماڙي ۾ خوبصورت مٽي جو دڙو آهي ۽ خوبصورتي سان آس پاس ۾ مٽي جو شيون پکيڙيون پيون آهن ۽ ان ماڙي جي ڇت ڪاٺين واري ڇت يعني ڪاٺ جي ٽڪرن سان اڏيل آهي جيڪا اتي داخل ٿيڻ سان ئي ماڻهو جي دل ۾ سمائجي وڃي ٿي.
سنڌ جي ڪافي اڪثريت حڪمرانن جي ان جڳھ کي وسارڻ جي ڪوشش تـ ڪري ڇڏي آهي پر پوءِ بـ اگر ڪير هن جڳھ تا هڪ ڀيرو صرف نظر گھمائي ويو تـ هي ماڙي ان کان ڪڏهن بـ نـ وسرندي.
روپا ماڙي جتي اڃا بـ سنڌ مان بـ پر ٻين صوبن جي علائقن مان ماڻهو پهنجون مرادون کڻي ايندا آهن.
چوندا آهن تـ اگر ڪنهن قوم جي وفا کي پرکڻو هجي تـ جيڪي انهن جا حڪمران ٿي گذريا آهن انهن جي جڳھ تي وڃي ڏسجي اگر اها قوم پهنجي حڪمرانن سان سچي هوندي تـ اها اتي ظاهر ٿي پوندي ، دراصل قوم تـ پهنجي افعالن ۾ سچائي ڏيکاري ٿي پر قوم جي چونڊ  جيڪي موجوده حڪمران آهن اهي ئي سزا آهن هن قوم جي.
بهر حال روپا ماڙي تـ سنڌ جي مشهور حڪومت جي حڪمران جي اها مزار آهي جنهن ۾ دودو سومرو جنهن جا بهادري جا قصا اڄ بـ ماڻهن جي واتان ٻڌا ويندا آهن پر جڏهن سنڌ جي ان حڪمرانن جي ان مزار تي نظر وجھبي تـ دلي طرح سان ڏک ٿيندو.
ان باوجود  بـ دودي سومري جي مشهور دودي جي سالياني عرس جي ڳالھ ڪرڻ چاهيندس تـ هتي جيڪو ساليانو عرس ٿيندو آهي اهو دودي جا ماڻهو عيد وانگر ملاهيندا آهن  خاص ڪري سومرا برادري تـ ان کي جوش و جذبي سان ملاهيندي آهي هن عرس ۾ ميلي سان گڏ ثقافتي رنگ بـ ڏٺا ويندا آهن.
هي عرس روپا ماڙي جو زيور آهي روايتي طور هن عرس ۾ قرآنخواني ڪرائي ويندي آهي بعد ۾ کڻي آيل چادرون چڙهايون وينديون آهن ۽ پوءِ سومرا برادري پهنجي ميتنگ ڪندا آهن جنهن ۾ هو عرس جي حوالي سان رٿابندي ڪندا آهن ميٽنگ کان پوءِ روپا ماڙي پهنجي خوبصورتي جي هوا مهڪائي ڇڏيندي آهي مطلب تـ پوءِ صوفياڻيون محفلون ، مشاعره ، مقالا ، ڪچهريون ادبي محفلون ، ملھ جا مقابلا ، سرڪس ، راندين جي بازار ، ميجڪ شو ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن سان هي عرس پهنجي 3 ڏينهن جي مرحلي ۾ مصروف ڏسبو آهي ۽ اهو سڀ ڪجھ انهي حڪمران سان چاھ ۽ ان جي مزار سان چاھ جو نتيجو آهي اڄ جيڪا روپا ماڙي آهي سا انهن پوءِ لڳن جي ڪري ئي آهي.

جڏهن اسان سنڌ جي بهترين دورن جي ڳالھ ڪنداسين تـ ٽالپر ، ڪلهوڙن ۽ سومرن جا دور اسان کي نمايان نظر ايندا ۽ سومرن جي دور جا اهي سورما دودو ۽ چنيسر ياد ايندا جڏهن اسان انهن جي بهادري وارن قصن کي ٻڌندا آهيون تـ اسان کي ان جي مزار گھمڻ جي چاھ وڌندي آهي پر اسن جڏهن ان جاءِ تي وينداسين تـ اسان کي ان جي حالت ڏسي تمام گھڻو قياص ٿيندو.
محترم نصرالله سومرو جيڪو روپا ماڙي ۾ ٿيندڙ عرس سنڀاليندو آهي ۽ اتي جا مرمتي ڪم سرانجام ڏيندو آهي ان جو چوڻ هو تـ روپا ماڙي جيڪا پهنجي تاريخ ۽ خوبصورتي جو بهترين مثال آهي ۽ اهو ان ۾ موجود بهادر حڪمران دودي جي مزار جي ڪري آهي سڄي سنڌ مان ماڻهو سندن زيارت ڪرڻ ايندا آهن هن جو وڌيڪ چوڻ هو تـ روپا ماڙي جيڪا هڃر سرڪار جي نا اهلي جي ڪري خراب حالت ۾ آهي. جڏهن هي عرس ٿيندو آهي تـ اتي جا مڪامي ماڻهو پهنجو ذاتي خرچ لڳائيندا آهن تنهن باوجود بـ اتي سڄي سنڌ مان آيل ماڻهو تمام گھڻو پريشاني جو شڪار ٿيندا آهن پر اگر سنڌ حڪومت پهنجي بهادر حڪمرانن جي ڪري ئي ان تاريخي جڳھ جي باري ۾ ٿوڙي نظر بـ ڪري تـ هي جڳھ سڄي سنڌ ۾ نـ پر ملڪ ۾ مِشهور ٿي ويندي  محترم جو چوڻ هو تـ اتي جا بزرگ جڏهن پري پري کان مزار جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن تـ سهولتون نـ هئڻ ڪري تمام گھڻو پريشان ٿيندا آهن ۽ الگ نظام نـ هئڻ ڪري عورتون ۽ ٻار بـ صحيح طريقي سان تفريحي مزو نـ وٺي سگهندا آهن.
روپاماڙي لڳ ڪجھ آبادي ۾ بزرگن جو چوڻ هئو تـ روپا ماڙي جيڪا دودو ۽ چنيسر جي پهچان آهي ۽ تنهن زماني ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڀلائي خاطر انهن ڪيترائي ڪم ڪيا ۽ انهي عوام جي مستقبل جي بهتري لاءِ خزانو بـه رکيو پر اڄ حڪومت جي سئين سڌي ناهلي چئجي يا لاپرواهي چئجي جو هڪ تـ ان جي حالت خراب لڳي پئي آهي ۽ ٻيو ان ۾ کنڊرات پئجي رهيا آهن جيڪو سنڌ واسين جو حق آهي. هن وڌيڪ چيو تـ اسان جي حڪومت چاهي ڪيترو بـ نظر انداز ڪري پر هو ائين نـ سمجھي تـ انهن جي نظر انداز ڪرڻ سان اسان جي دل مان بـ اها جڳھ نڪري ويندي پر دراصل اسان جي دل ۾ وڌيڪ جذبو پيدا ثي رهيو آهي ۽ پهنجي مدد پاڻ تحت اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون.
روپا ماڙي سنڌ جي مشهور حڪومت جي حڪمرانن دودو ۽ چنيسر جنهن جا بهادري جا قصا اڄ بـ ماڻهن جي واتان ٻڌا ويندا آهن پر جڏهن اسان جي نظر ان زبون ٿيل مزار تي پوندي تـ دلي طرح سان ڏک رسندو. 
روپا ماڙي جيڪا پهنجي قديمي حيثيت رکي ٿي اڄ حڪومت جي نظر اندازي جي ڪري ان ۾ کنڊرات ۽ چوريون ٿين ٿيون ۽ هن جڳھ جي حالت زبوني ڏسجي ٿي اتي جي مڪامي ماڻهن کان پڇيو ويو تـ هو اڪثر اها ئي شڪايت ڪندا رهن ٿا تـ حڪومت پهنجي عملن ۾ سچائي ڏيکاري تـ هي روپا ماڙي اهڙي جڳه ٿي وڃي جو ن جڳھ جي هاڪ هر هنڌ ٿي ويندي .
حڪومت کي گھرجي تـ سنڌ جي تاريخ وڃائڻ نـ ڏئي صرف سنڌ جي تاريخ ئي بچي آهي جيڪا سنڌ کي تاريخي ڳڻپ ۾ شمار ڪري ٿي روپا ماڙي تـ پوءِ لڳن جي ڪري ڏسڻ جهڙي رهي آهي پر اگر سنڌ حڪومت جي حالت اها رهي تـ نيٺ سنڌ پهنجي تاريخ جا پنا وساري ويهندي.