ٿر ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ

ڪشور ڪمار

ٿر ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ

ڪشور ڪمار

ٿر جا مارو ماڻهو امن ۽ محبت جا پوڄاري آهن، جن سدائين پنهنجي اندر ۾ پنهنجائپ جي پالنا ڪئي آهي.

ٿر جا ماڻهو مهمان نواز، هر ڪنهن کي عزت ڏيندڙ، دشمن به در تي آيو ته ان کي اندر جا دروازا کولي آجيان ڪندا آهن، پر هي مارو ماڻهو هر بنيادي سهولت کان محروم آهن، گذريل 3 سالن کان ٿر ۾ هزارين مائرن جون جهوليون خالي ٿيون، ڪافي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا آيا جيڪي لپ اٽي جي يا ڪجهه ڪلو چانورن جو ڏئي هليا ويا، ڪڏهن انهن کي دلاسو يا تسلي نه ڏني، هنن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي اٽي جي لپ سان بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، ڏک ۽ تڪليف سان ڀريل هنن جي وجود جي اڱڻ ۾ سدائين تڏو وڇايل هوندو آهي. ماڻهو ايندا آهن پنهنجي مفادن خاطر، پنهنجي پروجيڪٽ جي پورائي خاطر، هنن جي اڱڻ ۾ رقص ڪندڙ موت جون تصويرون پنهنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪرڻ خاطر ته جيئن هو انهي جي بنياد تي ڊالرن جا پروجيڪٽ حاصل ڪري سگهن، ڪافي سالن جو اهو سلسلو هنلدو ٿو اچي ته ٿر جي اٻوجھ ماروئڙن جي ڏکن ۽ تڪليفن کي بيان ڪندي کوڙ سارا ماڻهو ڪک پتي مان لک پتي ٿيا آهن، پر انهي جي بدلي هنن هيڻن ۽ وياڪل ماڻهن کي ڇا مليو!!؟

       

     ٿر ۾ 2014ع ۾ 950، 2015ع ۾ اندازن 500 کان مٿي ٻار موت جو شڪار ٿيا، هينئر نئين سال جي شروعات ۾ ئي ٿر جي ڌرتي تي موت جي نئين لهر اُڀري جنهن سوين گهر اُجاڙي ڇڏيا، هن وقت تائين 65 ٻار زندگي جي رنگينيت ڏسڻ کان سواءِ مالڪ حقيقي سان وڃي مليا.

 

     ٿر ۾ مرندڙ ٻارن جو حقيقي جائزو وٺجي ته کوڙ اهڙا سبب آهن جيڪي ڏينهون ڏينهن موت ڏانهن ڌڪيندا آهن، جنهن ۾ غذائي قلت اهم پهلو آهي، عمومن ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن پيدائش جي وقت ٻار جو وزن اڍائي ڪلو آهي ته اهو صحتمند هوندو ۽ بچڻ جا امڪان تمام گهڻا هوندا آهن، پر ڊاڪٽرن جي مطابق جيڪڏهن ٻار گهٽ ۾ گهٽ 900 گرام جو پيدا ٿئي ٿو ته ان کي ميڊيڪلي دوائن سان بچائي سگهجي ٿو يا ان ۾ بچڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا پر ٿر ۾ اڪثر ٻار پيدائشي 600 گرام کان 800 گرام تائين جا هوندا آهن ٻيو ته ٿر ۾ عام ماڻهن ۾ فيملي پلاننگ جو تصور ئي ناهي، هڪ غربت ٻيو ٻارن جو تعداد گهڻو، ان ڪري انهن ٻارن کي نه صحيح کاڌو مهيا ٿئي ٿو ۽ نه صحت جي سهولت تنهنڪري اڪثر ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا. ٻيو ماءُ کي به صحيح خوراڪ نه ٿي ملي ماءُ ڪمزور هئڻ ڪري ٻار کي به ماءُ جي پيٽ اندر صحيح طريقي جي خوراڪ نه ملي سگهندي آهي ۽ ٻار وقت کان اڳي يا گهٽ وزن وارو پيدا ٿيندو آهي، جيڪو اک کولڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو آهي.

     

       ٿُلهي ليکي ڏٺو وڃي ته ٿر ۾ شعور جي ڪمي جي ڪري اها معلومات ناهي ته ٻار ڪيتري وقفي کان پوءِ پيدا ڪرڻ کپي، ۽ ڪيترا ٻار پيدا ڪرڻ کپن جيئن زندگي آساني سان گذاري سگهجي ڪنهن جو محتاج نه ٿجي.

       

     ٻيو سڀ کان اهم مسئلو اهو به آهي ته مسلسل ٿر ۾ ڏڪار رهڻ جي ڪري ٿر ۾ خوراڪ جي ڪمي ٿي ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ اڪثر ماڻهن جو گُذر سفر برسات جي پاڻي تي آهي، برسات نه پوڻ  ڪري ٻنيون نه پوکي سگهيا ۽ نتيجي ۾ خوراڪ جي ڪمي ٿي ۽ حڪومت به ڪو جوڳو قدم نه کڻي سگهي، جيڪڏهن جون يا آگسٽ تائين برساتون نه ٿيون پون ته ٿرپارڪر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏيئي فوري طور تي امدادي ڪاروايون شروع ڪرڻ کپن ها پر ائين ٿي نه سگهيو.

          

  موسمي تبديلي جي ڪري نه موسم تي برساتون پون ٿيون نه سيءُ يا گرمي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته انهي تبديلي کي نظر ۾ رکندي اهڙا جوڳا اُپاءُ وٺون جو اسان ڏڪار جي حالت ۾ به سڪون سان رهي سگهون. حڪومت کي گهرجي ته ٿر جي اٻوجھ ماڻهن جو خيال رکي انهن کي بنيادي سهولتون وقت سر مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن اهي انهن مان فائدو وٺي پنهنجي نسل کي بچائي سگهن ۽ ٿر جي رهواسين کي گهرجي ته هو به فيملي پلاننگ تي عمل ڪندي وقفي ساڻ 2 يا 3 ٻار پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏين ته جيئن هو انهن ٻارن کي بهتر کاڌو، صحت ۽ تعليم ڏئي سگهن.