پکين سان پيار ڪيو

وڌو عببدالغفار

پکين سان پيار ڪيو

عبدالغفار وڌو

محبت ۽ نفرت انسان جو هڪ فطري عمل آهي، جڏهن انسان کي ڪجهه پسند ايندو آهي ته هو ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو آهي، ۽ ان سان محبت ڪرڻ لڳندو آهي، پر جيڪڏهن ڪجهه پسند نه ايندو آهي ته ان ڏانهن ڏسندو ئي ناهي يا ان سان نفرت ڪندو آهي. ائين ئي هر انسان جو نظريو به پکين جي باري ۾ ساڳيو هوندو آهي. اڪثر توهان ۽ اسان پنهنجي ماحول ۾ ڏٺو آهي ته گهڻا ئي ماڻهو پکين سان ڏاڍي محبت ڪندا آهن، ايتري قدر جو انهن کي وقت سر کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ انهن جي استعمال جون ٻيون ڪيتريون ئي شيون به مهيا ڪندا آهن. آءٌ ڪجهه ڏينهن پهرين حيدرآباد ويو هئس جتي منهنجي نظر هڪ پڃري واري تي پئي، جنهن وٽ ڪبوتر، طوطا، رنگارنگي جهرڪيون موجود هيون، مون سوچيو ڇو نه پکين جي باري ۾ ڪجهه پڇيو وڃي، ته مون ان کان سوال ڪيو ته ماڻهو توهان کان پکي خريد ڪرڻ ڇو ايندا آهن، جواب ۾ ان چيو ڇو جو پکي اُهو خريد ڪندو آهي، جنهن جي انهن سان محبت هوندي آهي، اڪثر ماڻهو پکي خريد ڪري انهن کي گهرن ۾ پاليندا آهن ۽ ڪجهه وري انهن کي خريد ڪري اڏاري (آزاد ڪري) ڇڏيندا آهن ۽ ان جو اهو به چوڻ هو ته تقريبن ڪبوتر اڏارڻ يعني آزاد ڪرڻ لاءِ ۽ طوطا گهر ۾ پالڻ لاءِ ماڻهو وٺندا آهن.

پکي خوبصورت مخلوق آهي، پکي خشڪيءَ جو سفر ڪري نوشهروفيروز، ڪوهاٽ، سوات، چترال، پنجاب، هاليجي، ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍن تي ايندا آهن. سڄي دنيا مان هجرت ڪري اچڻ وارن پکين جو تعداد هر سال 700,000 کان 1,200,000 تائين هوندو آهي، جيڪي سياري جي موسم گذارڻ لاءِ پاڪستان جو رُخ ڪندا آهن. ڇو ته سياري جي موسم ۾ يورپين ملڪن ۾ ٿڌ تمام گهڻي هوندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خوبصورت پکي افغانستان رستي پاڪستان جي خوبصورت ندين ۽ تلائن تي ايندا آهن. انهن علائقن جا ماڻهو انهن پکين جي خوبصورتي ڏسڻ ايندا آهن ۽ ڪجهه انهن جو شڪار پڻ ڪندا آهن. شڪاري سياري جي موسم کي شڪار جي موسم به چوندا آهن.

پکين جي تحفظ لاءِ ڪراچي ۾ هڪ تنظيم جوڙي وئي آهي، جنهن جو نالو “PFAR” آهي، هن تنظيم جو مقصد آهي، جانورن ۽ پکين جي حقن جي باري ۾ جاکوڙڻ يعني پاڪستان جي ڪهڙي به حصي ۾ جيڪڏهن پکين کي ماريو وڃي ٿو، يا انهن ۾ ڪا بيماري پکڙجي ٿي ته ان جي مدد لاءِ هي تنظيم هر وقت تيار رهندي آهي.

ڇا توهان کي خبر آهي ته سڄي دنيا ۾ پکين جا 9000 کان وڌيڪ قسم آهن ۽ پاڪستان ۾ پکين جو تعداد تمام گهڻو آهي، هتي پکين جا 6 يا 7 سؤ قسم آهن. سٺو ماحول، بهتر زندگي ۽ کاڌ خوراڪ جي تلاش ۾ انسان ئي نه پر جانور ۽ پکي به هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي لڏپلاڻ ڪرڻ لاءِ مجبور هوندا آهن، ڪجهه ته تمام تيز ٿڌن علائقن کان هزارين ميٽرن جو سفر ڪري گرم علائقن ۾ رهندا آهن، پر جيئن ئي انهن جي پنهنجي علائقي جي موسم وچٿري ٿيندي آهي ته هي وري واپس پنهنجي علائقن ڏانهن رُخ ڪندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ ڪافي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پکين جو باقاعدگي سان شڪار ڪندا آهن، ۽ ڪجهه پکين جو نسل ته ختم ٿيڻ تي آهي، ان ڪري حڪومت کي ان طرف توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ پکين جي شڪار تي پابندي هڻڻ گهرجي ته جيئن پکين جي نسل کي بچائي سگهجي.