بجلي جي تارن مان ٿيندڙ نقصان

وسيم علي

          بجلي جي تارن مان ٿيندڙ نقصان

وسيم علي

   اسان جي ملڪ ۾ بجلي جي گهٽتائي جي ڪري عام زندگي متاثر ٿيڻ سان گڏوگڏ زرعي ۽ صنعتي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو، ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ وعدا ته کوڙ ڪيا وڃن ٿا پر انهن تي عمل نه پيو ٿئي. بجلي جي لوڊ شيڊنگ سان گڏ بجلي جون تارون به پراڻيون آهن، جيڪي ٿورڙي هوا جي لوڏي يا برسات پوڻ ڪري ڪري پون ٿيون ۽ انهن مان ڪافي جاني مالي نقصان به ٿئي ٿو. ملڪ جي اندر بجلي جي محڪمي کي مختلف نالن سان ورهايو ويو آهي ۽ اهي ڪمپنيون تقريبن 18 آهن، جنهن مان 3 ڪمپنيون سنڌ اندر ڪم ڪري رهيون آهن، ڪراچي اليڪٽرڪ، سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ حيدر آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني. انهن ڪمپنين جي هوندي به اهي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. جيئن ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ برسات جي موسم ۾ بجلي جي تارن مان شعلا نڪرڻ ڪري ڪکاون گھرن يا فصلن کي نقصان پهچي ٿو ۽ ڪٿي وري ٿنڀا ڪريو پون. ٻهراڙي جا علائقا پري هئڻ جي ڪري اتي بجلي جو عملو دير سان ٿو پهچي. ڪٿي وري بجلي جي کليل تارن سبب وڏين گاڏين، بسن ۽ ٽرڪن وغيره جيڪي بجلي جي تارن هيٺيان گذرن ٿيون ته ڪنهن تار جي معمولي ڇهڻ سان اها تار گاڏي مٿان ڪريو پوي ۽ بجلي جي هاءِ وولٽيج ڪرنٽ جي سبب گاڏين کي باهه لڳيو پوي ۽ ان گاڏي ۾ موجود مسافر حادثي جو شڪار ٿيو پون. سال 2015 ۾ اسان جي پاڙيسري ملڪ انڊيا جي شهر راجستان ۾ اهڙي قسم جو هڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ شادي تي ويندڙ بس جي مٿان اوچتو بجلي جي هاءِ وولٽيج جي تار ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو وفات ڪري ويا ۽ 31 زخمي ٿي پيا. هڪ اهڙو ئي واقعو سال 2015 ۾ سنڌ جي شهر دادو ۾ پڻ پيش آيو. هڪ اخبار موجب دادو مان ڄاڃين سان ڀريل بس جيڪا پنهنجي ڳوٺ واپس وڃي رهي هئي ته شهر جي رستي تي اها بس بجلي جي تار هيٺيان لنگھي بجلي جي تار تمام هيٺ هئي ۽ بس کي ڇهڻ ڪري بس کي باهه وڪوڙي وئي جنهن ڪري بس ۾ موجود ماڻهن مان 11 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 14 سخت زخمي ٿي پيا، باقي ڄاڃين کي اتان جي مقامي ماڻهن بچايو. فوت ٿي ويلن ۾ 4 عوتون ۽ 3 معصوم ٻار به شامل هئا. اهڙو واقعو پاڙيسري ملڪ چائنا ۾ به پيش آيو جتي هڪ فيڪٽري ۾ مزدور رنگ جو ڪم ڪري رهيا هئا تـه اوچتو لوهـه جي ڏاڪڻ هاءِ وولٽيج تار سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 مزدور اجل جو شڪار ٿي ويا. ان واقعي کان پوءِ به ڪافي حادثا ٿي چڪا آهن. اهڙن حادثن جو اسين سبب معلوم ڪنداسين ته غفلت ڪنهن جي آهي.

حڪومت اعلان ڪندي رهي ٿي ته بجلي چورن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو پر اهي اعلان صرف اعلان ئي رهجيو وڃن. سوال اهو آهي ته ڇا بجلي چوري ۾ صرف عوام ملوث آهي،  محڪمي جا عملدار ملوث نه آهن؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته محڪمي تي ڪڙو چيڪ اينڊ بيلينس رکيو وڃي، جتي به پراڻيون تارون لڳل آهن اُتي نيون تارون لڳائي انساني زندگيون بچايون وڃن.

****