بهترين ڪردار رکندڙ صحافي ئي سٺو اڳواڻ ٿي سگهي ٿو. گل منير

ڀرت ڪمار

بهترين ڪردار رکندڙ صحافي ئي سٺو اڳواڻ ٿي سگهي ٿو. گل منير

سنڌ جي تاريخي شهر عمرڪوٽ ۾ ڪيترا ئي اديب، شاعر، اڳواڻ، سماجي ڪارڪن ۽ صحافي پيدا ٿيا آهن،  انهن مان صحافي ۽ سماجي ڪارڪن گُل مينر ولهاري به هڪ آهي، جنهن قلم جي طاقت جي صحيح معنيٰ سمجهي هميشه غريبن توڙي مظلومن جي آواز کي وس وارن تائين پهچائڻ سان گڏو گڏ، پاڻ پتوڙيو آهي، ۽ اڄ ڪلهه سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ خدمتون  سرانجام ڏئي رهيو آهي. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه پيش ڪجي ٿي.

 

سوال:  صحافت ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟

جواب:  آءٌ جڏهن ستين ڪلاس ۾ هئس تڏهن کان مون کي سماجي ڪم ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ ان وقت کان  ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو هئس، ان ڪري منهنجو صحافت ڏانهن لاڙو ٿيو ته جيئن آئون صحافت جي ذريعي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ آواز اُٿاري سگهان. 1999ع کان اڄ تائين باقاعده صحافت ۾ پنهنجي ذميوارين کي سر انجام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

سوال:  توهان کي اڳ جي صحافت ۽ هن وقت جي صحافت ۾ ڪهڙو فرق نظر آيو؟

جواب: سائنس جو شاگرد هجڻ ڪري شين کي ارتقا واري عمل مان گذارڻ جي ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته ڪلهه جي حالت اڄ جهڙي ۽ اڄ جي حالت سڀاڻي جهڙي نه هوندي، خبرموڪلڻ جو طريقو خطن کان وٺي فيڪس تائين ۽ فيڪس کان وٺي اِي ميل تائين جي ٽيڪنالاجي ۾ تبديلي آئي آهي،  اِن سان گڏو گڏ ترجيحات تبديل ٿيون آهن، خبرن جي معيار کان وٺي صحافت جي رُجحانات ۽ صحافت جي قدرن ۾ به تبديلي آئي آهي.

هردو رجون ترجيحات پنهنجون هونديون آهن. ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ چيو وڃي ٿو، ان  جو غلط فائدو وٺندڙ ڪجهه ميڊيا جي اِدارن سان گڏ ڪجهه صحافين جي ايمان ۾ به تبديلي آئي آهي.

سوال:   هڪ سُٺي صحافي جون ڪهڙيون ذميواريون ٿي سگهن ٿيون؟

جواب: پنهنجي مفادن کان وڌيڪ ماڻهن جي مسئلن کي ترجيح ڏيڻ ئي هڪ ايماندار صحافي جي پهرين ذميواري سان گڏ فرض آهي.

سوال:  توهان اڄ ڪلهه جي صحافت کي ڏسي، هڪ صحافي هجڻ جي حيثيت سان صحافت ۾ ڪهڙين ضرورتن کي محسوس ڪيو ٿا؟

جواب: پاڪستان جي صحافت ۾ ضابطه اخلاق تي عمل درآمد جي گهڻي ضرورت آهي. پاڪستان جي ميڊيا ۾ ضابطا اخلاق هئڻ باوجود به نه هئڻ جي برابر آهي، جنهن ڪري خاميون نظر اچن ٿيون، ۽ اها رياست جي ذميواري آهي، ضابطه اخلاق تي عمل درآمد  ٿيڻ کان پوءِ خُود خاميون ختم ٿي وينديون.

سوال: اڄ ڪلهه جي ايماندار صحافي کي ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو؟

جواب: انسان کي کاڌو کائڻ مهل به هڪ سيڪنڊ لاٰءِ ساھ روڪڻ جي تڪليف ڪرڻي پوي ٿي، ته هُو گرهه پيٽ تائين پهچائي سگهي، منهنجي نظر ۾ ايماندار ۽ ذميوار صحافي لاءِ مشڪلاتون اهميت نه ٿيون رکن، جيڪڏهن انهن تي ڪجهه ڏکيائون اينديون آهن ته منهن ڏئي ويندا آهن. صحافت جا فرض ادا ڪندي مون تي حملا ٿيا، جيل ويس پر مون پنهنجو پيشو ڪونه ڇڏيو، ها ڪڏهن ڪڏهن انهن صحافين لاٰءِ مالي مسئلا ٿيندا آهن، جيڪي صحافت کي بزنس نه پنهنجي ذميواري سمجهندا آهن، انهن وٽ ايترا وسيلا نه هوندا آهن، ته هو خبر فيڪس يا ميل ڪري سگهن.

سوال:  صحافت جي شعبي سان سلهاڙيل شاگردن لاءِ ڪو پيغام؟

جواب: صحافت دنيا جو بهترين۽ معتبر شعبو آهي، صحافي وانگر مشڪلاتن مان ڪير ڪونه ٿو گذري ۽ صحافي جهڙو معتبر به ڪو  ڪونهي، هڪ سٺو ڪردار رکندڙ ئي سٺو صحافي ۽ اڳواڻ ٿي سگهي ٿو.