گهڻ رخي شخصيت غلام مصطفي عباسي

فريال حبيب عباسي

     

گهڻ رخي شخصيت غلام مصطفي عباسي      

 دڙي شھر ۾ ھڪ مڊل ڪلاس خاندان کان تعلق رکندڙ غلام مصطفيٰ عباسي جنهن جي پيدائش 1938 ۾ دڙي شھر ۾ ٿي. ان دور ۾ عام ماڻهو لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ڪافي مشڪل هئي، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پري پري وڏن شھرن ۾ وڃڻو پوندو هو، ڇو ته ننڍن شھرن ۾ صرف مئٽرڪ تائين تعليم ڏني ويندي هئي.

       غلام مصطفيٰ عباسي ٻڌائي ٿو ته اڳئين دور ۾ دڙي شهر ۾ پڙھيل لکيل خاندان ڪجھ ئي هئا تنهن مان هڪ سندن آهي. پاڻ ٻڌايو ته ان دور ۾ نياڻين کي تعليم کان روڪيو ويندو هو پر ڪجھ خاندان هئا جن پنهنجي نياڻين کي پنج کان اٺ درجن تائين پڙهايو. سندن دور ۾ تعليم جي حوالي سان ڪوبه ايوينٽ نه ٿيندو هو. کيس پڙھڻ جو گهڻو شوق هو ۽ والي بال جو هڪ بهترين رانديگر پڻ هو ۽ هن جڏھن انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي شهر ۾ والي بال جي هڪ بهترين ٽيم جوڙيائين ۽ پاڻ ان ٽيم ۾ نمايان رانديگر هو.

1955  ۾ يعني ننڍي عمر ۾ عباسي لائبريري کوليائين جنهن ۾ اسلامي تاريخ ، سنڌي تاريخ، ادب، شاعري، جاسوسي ادب ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب پڻ شامل هئا. انهن ڪتابن مان شھر جي نوجوانن، شاگردن ۽ شھرين ڀرپور فائدو ورتو، اڄ به اها لائبريري سندس گهر ۾ موجود آهي پر شھرين جي لاپرواهي جي ڪري ڪجھ ڪتاب وڃائجي ويا.

پاڻ زنده دل طبيعت جو مالڪ آهي، هميشہ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ سندس اولين ترجيح رهي آهي. پاڻ سڄي عمر سونارڪو ڪم ڪندو رهيو، سونارڪو ڪم حيدرآباد مان سکي پنهنجي ڀاڻيجن کي به سکيا ڏنائين. پاڻ هڪ بهترين پيءُ، بهترين رانديگر، بهترين استاد، بهترين سونارو آهي. اڄ به وٽس زيور ٺهرائڻ لاءِ شھر توڙي ٺٽي شھر مان به ماڻهو ايندا آهن پر هن وقت پاڻ ان حالت ۾ ناهي جو سونارڪو ڪم ڪري سگهي، کيس پٽ جي گهڻي خواهش هئي پر اللّه کي جيڪو منظور هوندو آهي اهو ئي ٿيندو آهي، کيس ماشاالله پنج ڌيئرون آھن. سندس پنج ڀائيٽا آهن جن جي پڙھائي ۾ پاڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. هن وقت هو پنهنجي گهر ۾ آرام ڪندو آهي ۽ فريش ٿيڻ لا۽ گهر جي پاسي اوطاق تي وڃي پنهنجي دوستن سان ڪچهري ڪري واپس موٽندو آهي.

غلام مصطفيٰ عباسي پنهنجي سموري زندگي محنت مزدوري ۾ گذاري انسانن سان محبت ۽ پيار وارو رشتو قائم رکيائين ۽ پنهنجي نسل سميت سڀني کي محبت ۽ پيار جو سبق ڏيندو اچي، چاهي اهو امير هجي يا غريب سڀني سان هڪ ئي رويو رکندو آهي، اڄ سندس چاهيندڙ شاگرد سندن لاءِ دعاڳو آهن ته شل اهڙا استاد اسان جي ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ هجن ته نفرت جي جنگ ختم ٿئي، سڀ پيار ۽ محبت سان رهن.