ڪرشن جي مٺائي

راجيش ڪمار

   ڪرشن جي مٺائي

             هر شهر جي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جي ڪري سڃاڻپ هوندي آهي پوءِ اها تاريخي جڳهـه جي ڪري هجي، ڪنهن بزرگ جي ڪري يا وري ڪن مختلف هنرن، کائڻ پيڻ جي شين جي ڪري هجي. جيئن ميهڙ ميندي جي ڪري، شڪارپور آچار، نصرپور کيرپوڙن، ميرپورخاص انبن، دادو گورک هِل، ڄامشورو تعليمي ادارن جي ڪري مشهور آهي. اهڙيءَ طرح عمر ڪوٽ جيڪو امر ڪوٽ بـه سڏيو وڃي ٿو ۽ تاريخي طور عمر مارئي جي قصي ۽ اڪبر بادشاهه جي جنم ڀومي جي ڪري مشهور آهي. پر ان سان گڏ هن شهر جي هڪ ٻيءَ شيءِ پڻ مشهور آهي، اها آهي ڪرشن جي مٺائي، جيڪا پنهنجي منفرد ذائقي جي ڪري پوري ملڪ ۾ تمام گهڻي مشهور آهي، ماڻهو اها مٺائي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ سندن دوستن، عزيزن کي تحفي طور موڪليندا آهن.

              

   جيئن نالي مان ظاهر آهي تـه هن مٺائي جو ٺاهيندڙ ڪرشن کتري آهي، جيڪو ڪرشن حلوائي جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، ڇو جو ان جي مٺائي سان گڏ حلوو پڻ مشهور آهي. ڪرشن جي مٺائي جو دڪان شاهي بازار عمر ڪوٽ شهر ۾ آهي. دڪان تي ڪم ڪندڙ پراڻي ڪاريگر سوائي مل مالهي ٻڌايو تـه ڪرشن مٺائي ٺاهڻ جي شروعات 1980ع کان بـه اڳ هڪ ننڍي دڪان سان ڪئي، مٺائي ۽ خاص ڪري حلوو جيڪو اڄ بـه تمام گهڻو مشهور آهي، اهو نِج گيهـه ۽ پستن مان ٺاهيو وڃي ٿو ان جي گهرج وڌڻ ڪري هن دُڪان کي به وڌايو ويو. هن وڌيڪ ٻڌايو تـه ائين تـه مارڪيٽ ۾ ٻيا دڪان به هُئا ۽ اڄ بـه آهن پر ماڻهو اڄ بـه هن مٺائي ۽ حلوي کي پسند ڪن ٿا، ڇاڪاڻ جو هن مٺائي جو هڪ منفرد ۽ الڳ ذائقو آهي. هن چيو تـه اسان جو حلوو سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف شهر ڏانهن تـه ماڻهو وٺي ويندا آهن پر ٻاهرين ملڪن جيئن گهڻو ڪري انڊيـا ۾ بـه ويندو آهي، ۽ ڪافي ماڻهو شادي ۽ سالگرهـه ۾ آرڊر تي مٺائي ۽ حلوو ٺهرائيندا آهن.

خاص ڪري هولي، ديوالي ۽ عيد تي هن دوڪان تي رش وڌي ويندي آهي. هن مٺائي جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو تـه اسان مٺائي نِج گيهـه سان گڏ صاف سٿرائي واري ماحول ۾ ٺاهيون ٿا، اهو ئي سبب آهي جو روز ڏيڍ مڻ کان مٿي مٺائي هلندي آهي.

مٺائي ۽ حلوي جي مقبوليت جي ڪري گراهڪن کي مٺائي پوري نـه ٿيندي آهي، انهي جي ڪري انهي مٺائي ۽ حلوي جا 3 دوڪان ٻيا  هلي رهيا آهن. جيڪي شهر جي مختلف جاين تي آهن ۽ گراهڪ اتان آساني سان اها مٺائي وٺي سگهن ٿا، ۽ انهن ٽنهي دوڪانن کي مختلف ڀروسي وارا ماڻهون هلائين ٿا پر ان سان گڏ دوڪانن جو مالڪ سيٺ ڪرشن پڻ ڪجهـه وقت هر دڪان کي ڏيندو آهي، جيئن ڪا شيءِ اڳتي پوئتي نـه ٿي وڃي. پر جڏهن حلوو ٺهندو آهي تـه اتي ڪرشن خود موجود هوندو آهي، جيئن گراهڪن جي پسند جو حلوو ٺهي سگهي.

سيٺ ڪرشن چوي ٿو تـه مون مٺائي ٺاهڻ جي شروعات ۾ لالچ نـه ڪئي ۽ سٺي شيءِ مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن ماڻهن کي شڪايت جو موقعو نـه ملي شايد ان ڪري الله سائين منهنجي هن روزي ۾ برڪت وڌي ۽ ماڻهن کي پسند آئي.