وڌندڙ روڊ حادثا ۽ زيان ٿيندڙ جانيون

مشتاق جمالي

وڌندڙ روڊ حادثا ۽ زيان ٿيندڙ جانيون

سوچيان ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ هر پيدا ٿيندڙ ٻار جو اسان جي معاشري ۾ ڪهڙو مستقبل هوندو؟ ڇا هو ڀوت بنگلا بڻيل سرڪاري اسپتال جي گندي ۽ بدبودار بستري  تي اکيون کوليندو؟ ڇا هو جڏهن بانبڙا پائڻ واري عمر تائين پهچندو ته ڪنهن کليل گٽر ۾ ڪري ڌرتي ماءٌ  جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيندو؟ يا جيڪڏهن گٽرن ۾ ڪرڻ کان بچي وڏو ٿيندو ته اسڪول وڃڻ لاءِ کيس ان وين ۾ وڃڻو پوندو جنهن جي ڇت تي 10 کان وڌيڪ سلئنڊر رکيل هوندا ۽ ان جو ڊرائيور اڍنگي نموني سان وين هلائيندو پوءِ نتيجي ۾ ڪو حادثو پيش اچي سگهي ٿو، خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪو حادثو ٿي پوي ته ايمبولنس نه هجڻ يا اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويندو هجي؟ ان ٻار جو مستقبل ڇا هوندو؟ جتي جي روڊن تي موت جو راڪاس هلندو هجي.

مائرون رڳو روڊ حادثن ۾ زيان ٿيندڙ جانين جا انگ اکر پڙهن ته هوند ٻارن کي گهر کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ڏهه ڀيرا سوچين، جيئن اڄڪلهه ڏڪار سبب ٻارن جي موت تي ٿري مائرون سوچينديون آهن. اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ هر سال روڊ حادثن ۾ مرندڙ ماڻهن جو انگ ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشت گردي ۽ قبيلائي تڪرارن جي مرندڙ ماڻهن کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ هجي ٿو. روزاني جون اخبارون اهڙن حادثن جي خبرن سان ڀريون پيون آهن. ڪي حادثا ته اهڙا زخم ڏيئي ويا آهن جيڪي شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندا. جيئن دولتپور وين حادثو، جنهن ۾ گلن جھڙا اسڪولي ٻارڙا هميشه لاءِ سمهي پيا. هڪ رپورٽ موجب سال 2015ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ روڊ حادثن جو رڪارڊ به سنڌ جي حصي ۾ آيو. اسان رڳو ضلعي مٽياري جو ذڪر ڪريون، رپورٽ موجب مٽياري ضلعي ۾ هر مهيني 100 کان به وڌيڪ روڊ حادثا ٿين ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ هر سال تقريبن 150 کان 200 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا ۽ 9 کان 10 هزار ماڻهو زخمي ۽ معزور ٿي عذاب واري زندگي گذارين ٿا.

  رپورٽ مطابق حادثن دوران زخمين کي اسپتال پهچائڻ لاءِ موٽروي پوليس وٽ ايمبولينس سروس به ناهي، ايڌي يا ڇيپا جون ايمبولينسون پهچڻ تائين ڪيترائي زخمي پنهنجيون زندگيون وڃائي ويهن ٿا. ان کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ڪوئيڪ رسپانس سروس به موجود ناهي. جنهن سبب هنگامي حالتن ۾ تمام گھڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون ۽ ٻيو وري قومي شاهراه ۽ مختلف هاءِ ويز سميت روڊن جي حالت پڻ تمام گھڻي خراب آهي، جنهن سبب حادثا معمول بڻجي ويا آهن. ٽرئفڪ وڌيڪ هجڻ باوجود روڊ سوڙها آهن. ڊرائيور جي غفلت، دوران ڊرائيونگ نشي جو استعمال ڪرڻ ۽ لڳاتار 12_12 ڪلاڪ ڊرائيونگ ڪرڻ سبب به حادثا ٿين ٿا.

ملڪي سطح تي روڊ حادثن جو رڪارڊ ملڻ بعد به اختيارين نوٽس نه ورتو. هي رڪارڊ ته هڪ الارم آهي، جيڪڏهن اهو الارم اسان جي هوش ۾ اچڻ جو سبب نه ٿو بڻجي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ ڇا هوش ۾ اچڻ لاءِ اسان کي ڪنهن وڏي ۽ خطرناڪ حادثي جو انتظار ڪرڻ گھرجي؟ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته هو روڊ حادثن ۾ ماڻهن جي مرڻ جو تڪڙو نوٽس وٺي، حادثن جي روڪٿام لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن حادثن سبب مائرن جون جهوليون خالي ٿيڻ کان بچي سگهن.