مرڳي جو مرض ۽ اسان جا رويا

روي شنڪر مالهي

مرڳي جو مرض ۽ اسان جا رويا

ہر انسان کي پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن بيماري کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڇو ته بيماري زندگي جو حصو آهي، انهن مان ڪي بيماريون ته ڄائي ڄم کان هونديون آهن ته ڪي وچڙندڙ هونديون آهن. اسان ڳالھ ڪنداسين هڪ دماغي بيماري ”مرگهي“ جي، جنهن بابت ماڻهن جا مختلف رايا آهن. هن مرض جي باري ۾ ماڻهن جي ذهنن ۾ گهڻيون ئي غلط فهميون آهن، ان جو ڪارڻ هن مرض بابت آگاهي نه هئڻ آهي، ڇو ته ڪو هن کي طبعي بيماري ته ڪو نفسياتي چئي ٿو.

                 عام طور تي هن بيماري کي ”مرگهي“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، ڊاڪٽر وري هن کي دورن جي بيماري چوندا آهن ۽ ڳوٺاڻا ماڻهو هن کي جهٽڪن جي بيماري چوندا آهن. مرگهي جي بيماري جو ذڪر يوناني طب توڙي هوميوپيٿي طريقه علاج ۾ پڻ موجود آهي ۽ جديد ميڊيڪل سائنس هن تي تحقيق ڪئي آهي.

                 جيئن ته ڪجھ علامتي بيماريون ماڻهن کي ڄائي ڄم کان انهن جي رت ۾ شامل رهنديون آهن ۽ وقت اچڻ تي اهي علامتون ظاهر ٿينديون آهن پر مرگهي موروثي بيماري ناهي، جيڪا جيڪڏهن پيءُ يا ماءُ کي هئي ته اولاد کي به ٿي پوي.

هن بيماري جا ڪيئي ڪارڻ آهن، جن ۾ مليريا، ذهني دٻاءُ، ننڊ جو گهٽ اچڻ، ذهني سڪون گهٽ مسير ٿيڻ، اڻوڻندڙ واقعو پيش اچڻ، يا ننڍي هوندي دماغ کي ڌڪ لڳڻ ۽ دماغي ڪينسر اچي وڃن ٿا.

هن بيماري ۾ انسان جي دماغ ۾ بجلي جي لهرن جيان حرڪت ٿيندي آهي، جيڪا وقتي طور تي ختم ٿي ويندي آهي، انسان جي جسم تي هڪ عجيب ڪيفيت ظاهر ٿي ويندي آهي ۽ اوچتو هيٺ ڪري پوندو آهي ۽ ٻن کان ٽن منٽن تائين سڄو جسم ڏڪندو آهي، اکيون ڦري وينديو آهن، وات مان گج نڪرندي آهي ۽ 25 کان 30 منٽن تائين هوش ۾ نه رهندو آهي.

ڊاڪٽر اهڙي مريضن کي باھ، پاڻي ۽ اوُچائي کان پري رهڻ جي هدايت ڪندا آهن، ڇو ته اهو دورو ڪيڏي مهل به پئجي سگهي ٿو ۽ باھ، پاڻي ۽ اوُچائي تي هئڻ ڪري موت به واقع ٿي سگهي ٿو.

هن مرض جو مڪمل علاج ذريعي خاتمو آڻي سگهجي ٿو ۽ جديد ميڊيڪل سائنس سرجري ذريعي هن بيماري جو حل ڳولي ورتو آهي. اسانجي معاشري پاڪستان ۾ گهٽ تعليم ۽ صحت بابت شعور نه هئڻ جي ڪري اڪثر ماڻهو اهڙي مريضن کي ڏسي چوندا آهن ته هن کي ”جن“ ڀوت جو اثر آهي ۽ هن کان خوفزدهه ٿي ان مريضن کي عاملن ۽ ڀوپن جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهن، جيڪي پنهنجو ڌندو جاري رکڻ لاءِ ان مريضن جي والدين کي خوف ڏئي هو ٻئين، ٽئين ڏينهن وٽس آڻڻ لاءِ چوندا آهن ۽ ڪي وري ائين به چوندا آهن ته توهان جي دشمنن هن تي ڪارو جادو ڪرايو آهي ۽ پوءِ ان کي مرڻ هاريڪو ڪري ڇڏيدا آهن.

 هر وقت نظرانداز ڪرڻ ۽ گهر کان ٻاهر نه ڪڍڻ جي ڪري اهو مريضن احساس محرومي جو شڪار ٿي ويندو آهي، انهي ڪري  ان جي شادي به مشڪل سان ٿيندي آهي ۽ دنيا جي هر خوشي کان محروم ٿي ويندو آهي، اهڙو مريض مڪمل علاج نه ڪرائڻ، سٺو کاڌو نه کارائڻ ۽ سٺو ماحول نه ڏيڻ جي ڪري ٻين نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا ٿي نيٺ موت جو شڪار ٿي ويندو آهي.

ماهرين جو چوڻ آهي ته مرگهي جي مريض عورت شادي به ڪري سگهي ٿي ۽ ٻار به ٿي سگهن ٿا، انهن تي ان مرضن جو ڪوبه اثر ڪو نه ٿيندو ۽ اها مريض پوءِ ٺيڪ به ٿي سگهي ٿي، هنن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اهي مريض نارمل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوشيار هوندا آهن.

اها بيماري دنيا جي مشهور شخصيتن کي به هئي جنهن ۾ البرٽ ائنسٽائن، نپولين بوناپاٽ ۽ سيزر جوليس جن تي ڪيئي فلمون به ٺاهيون ويون. دنيا ۾ مرگهي جي مريضن جو تعداد تقريبن 50 ملين آهي ۽ پاڪستان ۾ هن جو تعداد تقريبن 2 ملين کان مٿي آهي ۽ هنن ۾ 80 سيڪڙو مريضن جو تعلق غريب ملڪن سان آهي، جنهن جا بنيادي سبب گهٽ تعليم، صحت بابت ڄاڻ نه هئڻ، نيورولاجسٽ گهٽ هئڻ، غربت ۽ ذهني پريشانيون آهن. دنيا ۾ هر سال 22 جولائي تي مرگهي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، انهي ڏينهن ان مرض بابت سماجي تنظيمن، صحت جي ادارن ۽ ٻين تنظيمن پاران جاڳرتا ريلي ڪڍي ويندي آهي ۽ سيمينار ڪوٺايا ويندا آهن. حڪومت کي گهرجي ته ان مرض بابت ضلعي سطح تي ماڻهن کي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ سينٽر کوليا وڃن، سڄاڳي ريلي ۽ سيمينار ڪوٺايا وڃن. صرف جناح اسپتال ڪراچي ۾ مرگهي جو انسٽيٽيوٽ آهي پر ماڻهن کي ان بابت ڄاڻ نه هئڻ ۽ وسيلا نه هئڻ جي ڪري اتي پهچي نٿا سگهن.

مرگهي جو مريض هڪ نارمل شخص هوندو آهي، اسان جي سماج کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي. اهي هن بيماري کي جادو ٽوڻو يا جن ڀوت وغيره نه سمجهن بلڪه هن شخص کي سٺو ماحول مهيا ڪن، سٺو علاج ڪرائن ۽ هروقت هن جو خيال رکن ته جيئن هو نارمل زندگي بسر ڪري سگهي.