قلندري غار

شراز احمد سولنگي

قلندري غار

ائين ته سڄي سنڌ  قدرتي وسيلن ۽ ڪرشمن سان مالا مال آهي، انهن ڪرشمن ۽ منظرن مان سيوهڻ ۾ قلندري غار به هڪ خاص قسم جو ڪرشمو آهي. قلندري غار سيوهڻ  شهر کان ڏکڻ  طرف اٺ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ ڀڳو ٽوڙو سيوهڻ جي مين روڊ سان لڳولڳ آهي ۽ اهو غار چاليهه کان پنجاهه سال اڳ ڳولهي لڌي وئي. ان غار جي ڊيگهه ارڙهن فٽ ۽ ويڪر ٽيهه کان  چاليهه فٽ آهي، جنهن جي خاصيت اها آهي ته هن غار ۾ سال جا ٻارهن مهينا ٿڌي هوا لڳندي آهي، پر خاص ڪري گرمين ۾ هن غار مان ايندڙ قدرتي ٿڌي هوا اڃان به وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي آهي. هن علائقي جا ماڻهو گرمين جي ڏينهن ۾ گرم هوا کان بچڻ لاءِ هن غار ۾ ايندا آهن ۽ ان غار کي علائقي جي ماڻهن قدرتي ايئر ڪنڊيشن جو نالو ڏنو آهي.

غار سيوهڻ روڊ جي لڳ روڊ کان اٺ  فٽ مٿي آهي. غار جي ٻاهران اتان جي لوڪل ماڻهو گلشير ڪورار سان ملاقات ٿي ته هن ٻڌايو ته پنهنجي ابن ڏاڏن کان هن غار جي  سنڀال ڪندا پيا اچن ۽ هن وقت هو پاڻ غار جو هلڪو ڪم ڪار ڪندو آهي ۽  غار جي سارسنڀال ڪندو آهي، غار تي ايندڙن کي چانهه پڻ پياري ٿو، جنهن جو ڪوبه معاوضو نٿو وٺي، غار جي ڀرسان پڻ هڪ مسجد ٺهيل آهي، جتي غار تي گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو يا رستي جا مسافر نماز ادا ڪندا آهن، اها مسجد تقريبن پنجويهه سال اڳ ۾ مولوي عبدالله چنا جن ٺهرائي ۽ مسجد ۾ پڻ غار جي ٿڌي هوا جو اثر آهي، مسجد جي ٻاهران هڪ قبر آهي جيڪا گلشير ڪورار جي چاچي خدمتگار فقير ميهر ڪورار جي آهي. فقير ميهر ڪورار به پنهنجي زندگيءَ ۾ ان غار جي سارسنڀال ڪندو هو، ان غار جي مٿان ريل گاڏي جو رستو پڻ آهي، جتان ريل گذر ڪندي آهي. غار ۾ ايندڙ قدرتي هوا ڪٿان ۽ ڪيئن اچي ٿي ان جو ڪو به پتو نه لڳائي سگهيو آهي، پر ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن غار ۾ قلندر لعل شهباز اچي آرام ڪندا هئا انڪري ڪري اها غار ٿڌي رهي ٿي ۽ گرمين ۾ ٿڌي هوا پڻ اچي. غار اندر هڪ ننڍڙي سرنگهه وڃي ٿي، جنهن ۾ تمام گهڻي اوندهه آهي ۽ ان ۾ اندر وڃڻ تمام مشڪل آهي.

غار جي ٻاهران هڪ آستانو آهي، جنهن تي غار گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو غار گهمڻ کان پوءِ چانهه پڻ پيئن ٿا، غار جي ٻاهران ڪجهه وڻ به آهن جن ۾ ٻير جو وڻ ۽  هڪ بيدمشق آهي.

غار جي صفائي سٿرائي ڪندڙ گلشير ڪورار جو چوڻ آهي ته هتي پاڻي جي ڏاڍي تڪليف آهي ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن لاءِ پاڻي ڀر واري ڳوٺ مان کڻي اچون ٿا جيڪو ڏهه کان پندرهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي هن غار ۾ روز اٺ سئو کان هزار ماڻهو گهمڻ اچن ٿا.