اڳ جهڙا لکيڪ هاڻي ڪون ٿا پيدا تين: فروز ميمڻ

رشيد احمد نظاماڻي

فيروز احمد ميمڻ جي پيدائش 2 جنوري 1947ع تي حيدرآباد ۾ ٿي، پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان اڪنامڪس، پوليٽيڪل سائنس ۽ سنڌي ۾ايم اي ڪئي اٿن. پاڻ هاءِاسڪول جا رٽائرڊ استاد آهن. پاڻ نيو فيلڊ پبليڪيشن اداري جا مالڪ آهن. هن اداري ڪيترائي سنڌي ڪتاب ڇپي سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. ساڻن ڪيل ڳالهه ٻولهه پيش ڪجي ٿي.

سوال. توهان نيو فيلڊ پبليڪيشن ادارو ڪڏهن شروع ڪيو؟ ۽ هن اداري کولڻ جو مقصد ڇا هو؟
جواب. هي ادارو 1972ع ۾ کوليو ويو، ان وقت ڪتاب فقط گورنمينٽ جا ادارا ڇپيندا هئا، جيڪي گورنمينٽ جي پاليسين تي هلندي ڪتابن مان حڪومت مخالف مواد کي سينسر ڪري پوءِ ڇپيندا هئا، اسان جو مقصد اهو هو ته اسان آزاد پاليسي تحت ادارو کوليون ته جيئن سٺي ۽ معياري مواد کي هر حال ۾ ترجيح ڏيون ۽ پوءِ هي ادارو کوليوسين.

سوال. سنڌي ماڻهن جو ادب ڏانهن رجحان ڪيئن آهي؟
جواب. جيڪڏهن اسان سنڌي آبادي کي ڏسنداسين ته ان حساب سان سنڌي ڪتاب پڙهندڙن جو تناسب نه هئڻ جي برابر آهي 5 ڪروڙ جي آبادي ۾ جڏهن اسان ڪتاب جون 1000 ڪاپيون شايع ڪريون ٿا ته ان مان 600 به مس ٿيون وڪامن.

سوال. اوهان جو ادارو ڪيترو ڪامياب رهيو؟

جواب. ان جي لاءِ هڪ واقعو ٻڌايان ٿو. جڏهن اسان عبدالواحد آريسر جو ڪتاب ڇپايوسين ته ان جي پيش لفظ ۾ آريسر لکيو هو ته اڄ مون کي ٻي وڏي خوشي ملي آهي، منهنجي پهرين خوشي اها هئي ته ”برسات“ ۾ منهنجو مضمون ڇپيو هو ۽ ٻي خوشي اها ته نيو فيلڊ پبليڪيشن طرفان منهنجو ڪتاب ڇاپيو وڃي پيو. ٻيا به اهڙا ڪيترائي واقعا هئا جيڪي اجائي ڊيگھ جو سبب بڻجي ويندا.
سوال. سنڌي ادب جي خدمت طور توهان کي ڪي ايوارڊ مليا؟
جواب. ها سنڌ حڪومت طرفان مونکي گولڊ ميڊل مليل آهي. هڪ پرائيويٽ ادارا طرفان به ايوارڊ مليا ان کان علاوه آمريڪا جو هڪ ادارو هر سال هڪ ڪتاب شايع ڪندو آهي، جيڪو پوري دنيا مان سٺن پبلشرن جا نالا شايع ڪندو آهي، ان طرفان 1990 ۾ منهنجو نالو شايع ڪيو ويو.
سوال. وڏن اديبن سان اوهان جو ملڻ جلڻ رهيو آهي، انهن مان ڪنهن جو يادگار واقعو ٻڌائيندا؟
جواب. اديب مونسان ذاتي ڳالهيون به ڪندا هئا ۽ اهو به چوندا هئا ته اهي ڳالهيون آف دي رڪارڊ رکجو تنهنڪري مونکي مناسب نٿو لڳي اُهي اوهان کي ٻڌايان.
سوال. سنڌي ڪتابن جي مارڪيٽنگ ۾ ڪهڙا مسئلا درپيش اچن ٿا؟
جواب. سنڌي ڪتابن جي مارڪيٽنگ جا مسئلا شروع کان ئي رهيا آهن. بُڪ اسٽال وارن ۾ 80 سيڪڙو غير سنڌي آهن، جڏهن ڪوئي پبلشر هڙان وڙان ڪتاب ڇپي بُڪ اسٽال واري کي 5 يا 10 ڪاپيون ڏيندو آهي ته بُڪ اسٽال وارا پئسن لاءِ ان کي ايترا ته پنڌ ڪرائيندا آهن جو ڳالهه ئي ڇڏي ڏيو ۽ اهو سڀ اسان جي پنهنجي مارڪيٽ نه هئڻ جي ڪري ٿئي ٿو.
سوال. ادبي پبلشنگ طرف ڪيئن آيا؟

جواب. ”سهڻي“ جو ايڊيٽر هوندو هو طارق اشرف، ان سان دوستي هوندي هئي. ڀُٽي صاحب جي دور ۾ جڏهن 40 رسالا بند ڪيا ويا تڏهن هن جو به رسالو بند ڪري ڇڏيائون ۽ 22 مهينا جيل ۾ رهڻو پيس جنهن ڪري سندس معاشي حالت به خراب ٿي وئي. هن جي هڪ ننڊي پريس هوندي هئي. جڏهن جيل ويو ته مون چيومانس طارق تون جيل ۾ آهين، جيل تي ڪتاب لک، ڇپيندس مان تنهنجي پريس به هلندي رهندي ۽ پئسا به ملندا رهندا. ائين مون هن جا لاڳيتو پنج ڇهه ڪتاب ڇپيا. پوءِ اڳتي هلي مون اڪيلي سر ان سلسلي کي هلايو.

 سوال. اڄڪلهه جيڪو سنڌي ادب لکجي پيو، ان بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

جواب. اڳ ۾ تمام گھڻو معياري ادب لکيو ويندو هو ۽ ليکڪ مطالعي وارا هوندا هئا ۽ مسلسل مطالعو ڪندا رهندا هئا پر اڄڪلهه جيڪي نوان ليکڪ آهن انهن ۾ ڪجھ چڱا آهن پر گھڻن جو مطالعو وسيع نه آهي انهن جي لکڻ ۾ ايڏي گھرائي نه آهي، مون کي ياد ٿو پوي ته امر جليل جون ڪهاڻيون اينديون هيون پر طارق کيس واپس ڪندي چوندو هو ته ڇا لکيو اٿئي پر جليل دل شڪسته نه ٿيندو هو ۽ لکندو ۽ پڙهندو رهندو هو،