چٽا ڀيٽي جو دور آهي مقابلو ڪرڻو پوندو: ڊاڪٽر بلوچ

حميد شر

دنيا اندر ڪافي اهڙا محنتي ۽ فرض شناس ماڻهو آهن، جن وڏيون تڪليفون سهي ۽ محنت ڪري ڪاميابيون ماڻيون آهن. اهڙن محنتي ماڻهن مان سنڌ يونيورسٽي جي فريش واٽر بايولاجي اينڊ فشريز ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين، پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ به هڪ آهي. جنهن 1 مارچ 1963ع تي ڊاڪٽر محمد عبدالحق شر جي گھر ۾، شهدادپور شهر، ضلع سانگهڙ ۾ جنم ورتو. سندس تعلق زميندار گھراڻي سان آهي. هن بنيادي تعليم شهدادپور جي هڪ مدرسي مان ورتي، مئٽرڪ ۽ انٽر ڪرڻ کانپوءِ 1987ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فريش واٽربايولاجي اينڊ فشريز مان بي ايس سي ڪئي، ان ئي سال فريش واٽر بايولاجي اينڊ فشريز ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ هن جاپان جي مشهور يونيورسٽي ڪانگوشما مان 1995ع ۾ايم ايس سي ۽ 1998ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه پيش ڪجي ٿي.

 

سوال: اوهان جي شاگرد لائيف ڪيئن گذري ۽ اوهان کي ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو؟

جواب: اسان شاگردي دور کي خوب انجواءِ ڪيو ۽ مختلف سرگرمين ۾ حصو ورتو، پر پڙهائي کي وڌيڪ ترجيح ڏني ۽ ڪڏهن به ٽائيم جو ذيان نه ڪيو، جنهن ڪري ڪاميابي ملي.

سوال: اوهان جي ڪاميابي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي؟

جواب: منهنجي ڪاميابي ۾ گھڻو ڪردار گھر وارن ۽ مائٽن جو آهي، جن مونکي منزل تي پهچڻ لاءِ هر ممڪن سپورٽ ڪئي ۽ دعائون ڏنيون.

سوال: اوهان پروفيشنل ڪم کان علاوه فشريز لاءِ ٻيو ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟

جواب: جي ادا بلڪل مون پڙهائڻ سان گڏوگڏ فشريز کي سمجھڻ ۾ آسان بنائڻ لاءِ هڪ ڪتاب ”ايپل سنيل“ لکيو آهي، جيڪو ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ مون پنهنجي تجربي جي بنياد تي ”ايم فل“ ۽ ”پي ايڇ ڊي“ جا شاگرد تيار ڪيا آهن.

سوال: اسان جي ملڪ جي مڇي کي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪيتري اهميت حاصل آهي؟

جواب: اسان جي ملڪ جي مڇي کي بلڪل اهميت حاصل آهي، ڇو ته هتي سمنڊ گرم آهي، مڇي ڀلي ۽ وڌيڪ ٿئي ٿي، اسان وٽ گھڻي قسم جون مڇيون آهن ۽ اسان جي ملڪ جي مڇي وڌيڪ ايڪسپورٽ ٿئي ٿي.

ڪوسٽل ايريا 100 کان 1100 آهن ۽ هزارين ڍنڊون، واهه ۽ هٿرادو فارم آهن، اسان جي ملڪ ۾ مڇي تمام گھٽ استعمال ٿئي ٿي، عرب ملڪن ۾ اسان جي مڇي کي وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. يورپ سميت چائنا، جاپان ۾ به سٺي اگھ تي مڇي ورتي وڃي ٿي. اسان جي ملڪ جي پراڳ مڇي جيڪا انڊس ۾ ٿئي ٿي ۽ شرمپ مڇي سمنڊ ۾ ٿئي ٿي ان کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿو وڃي.

سوال: اوهان جي فشريز شعبي ۾ اچڻ سان ڪهڙيون تبديليون آيون؟

جواب: اسان کان پهرين ريسرچ ڪونه ٿيندي هئي، آءٌ جڏهن پي ايڇ ڊي ڪري آيس ته شاگردن کان ريسرچ ڪرائيسون.

 سوال: اڄڪلھ پنهنجي ملڪ ۾ پاڻي سان ڪافي بيماريون ٿي رهيون آهن، توهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

جواب: اسان جي انڊس ندي ۾ گڊو کان وٺي جيڪو به ڳوٺن، شهرن جو گند ڪچرو فيڪٽرين جي گندي پاڻي سان گڏوگڏ سيوريج جو نيڪال ۽ ڊي ڊي ٽي، زهر درياهه ۾ اڇلايو وڃي ٿو، جنهن سان پوليو، هيپاٽائيٽس ۽ ٻيون پيٽ جو بيماريون ٿين ٿيون. انڊس ندي جي نالي چوندا آهن ته مختلف جبلن ۾ موجود سون جي ذخيرن کان پاڻي ٿيندو ايندو آهي، ان سان پاڻي ۾ منرلز آهن.

سوال: توهان جي شعبي ۾ شاگردن جون سيٽون ڇو گھٽ آهن؟

جواب: هي شعبو ننڍو آهي ۽ ٽوٽل شاگردن جو سيٽون 50 آهن، جيڪي هر سال ۾ رکيون وينديون آهن.

سوال: اوهان شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

جواب: منهنجو شاگردن کي اهو ئي پيغام آهي ته هاڻي ڪامپيٽشن جو دور آهي نه رڳو سنڌ پر دنيا سان مقابلو آهي، ان ڪري وڌ ۾ وڌ محنت ڪن. هينئر ٽائيم گھٽ آهي ۽ اسان جي شاگردن ۾ ويليوز آهي، استاد ريسورس آهن پر شاگردن کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي.